چرچي ۾ ٺهندڙ ملڪ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    توهان دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي شهريءَ کان پڇندا ته سندن ملڪ ڪهڙي ريت وجود ۾ آيو ته سندس جواب هوندو ته وڏين قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو، پر دنيا جو هڪ اهڙو ملڪ به آهي جتان جا شهري پاڻ ٻڌائيندا ته هو هڪ ڀوڳ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل ملڪ سان تعلق رکن ٿا، اهو ملڪ فرانس جي اندر واقع آهي، جنهن جو نالو ساجيز ”saugeais” آهي. هي ملڪ 1373 اسڪوائر فٽن تي پکڙيل آهي. جيتوڻيڪ ملڪ کي گڏيل قومن سميت ڪير به آزاد رياست تسليم نه ٿو ڪري پر اتان جي شهرين جو چوڻ آهي ته ان سان هنن تي ڪنهن به قسم جو فرق نه ٿو پوي. ان ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جو قصو ڪجهه هن ريت آهي، ته سن 1947ع ۾ سارجيز جي علائقي ۾ هڪ فرانسيسي آفيسر سندن ملڪ آيو ته اتان جي هڪ همراهه ان آفيسر کان ڀوڳ ۾ پڇيو ته توهان ڪنهن کان پڇي اسان جي علائقي ۾ آيا آهيو؟ تنهن تي آفيسر چيو ته ڇا هي ڪو آزاد ملڪ آهي؟ جيڪڏهن آزاد آهي ته پوءِ هن جو ڪو نه ڪو صدر به هجڻ کپي ۽ ايئن ان سوال پڇندڙ جارجز کي ملڪ جو صدر مقرر ڪيو ويو. سندس وفات کان پوءِ سندس ڌيءَ کي تاڙين جي گونج ۾ ملڪي صدارت جي ڪرسي ڏني وئي جيڪا اڄ به اتان جي صدر آهي، هن ملڪ جو پنهنجو قومي ترانو، 12 کان وڌيڪ ملڪن ۾ سندن سفير، پنهنجي فوج ۽ سالياني طور آزادي جو ڏينهن پڻ دهل ڌمانن سان ملهايو ويندو آهي. ملڪ جي صدر کي هر سال هزارن جي انگ ۾ شهريت جون درخواستون به ملن ٿيون پر فقط ڪجهه ئي ڄڻن کي شهريت ڏني ويندي آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    عجيب ڪهاڻي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو