عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ڪجهه ڏينهن کان وٺي ادي ناياب سرڪش سنڌيءَ جي فيس بڪ تي هڪ بي سهارا،غريب،مسڪين ۽ بي يارومددگار عورت جا ڪمينٽس ڏسي رهيو آهيان،جيڪي زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽيءَ تي پنهنجي ڏينهن گذاري رهي آهي،جنهن جي مدد هن سنسار مان ڪنهن نه ڪئي صرف ادي ناياب سنڌي جيڪا هڪ عورت ٿي سندس علاج لاءِ پتوڙيندي رهي،هن وقت پروين ميمڻ جيڪا ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ دربدر ٿي رهي آهي،اهي انسانيت جا دعويدار ته هاڻي ڪونه ٿا لڀن،جيڪي وڏين محفلن ۾ پئسو خرچ ڪري اڏائن ٿا جيڪڏهن انهن محفلن ۾ شراب،ڪباب ۽ راڳ نه ٻڌجن اهي پئسا انسانيت تي خرچ ڪجن ته پنهنجو ضمير به ڪيڏو خوش ٿيندو پر هاڻي ته مونکي اهي به رانگ نمبر ٿا لڳن،هڪ غريب عورت اسپتالن مان دربدر ٿي رهي آهي سندس سار لهڻ وارو به ڪير ڪونهي،ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين تي هڪ اسٽوري ڏني جيڪا صبح کان وٺي شام تائين هلي شايد ان جي مدد ٿي به وئي،پر هن عورت جو ڪو اهڙو مذهب آهي جو ڪوبه سندس مدد لاءِ تيار ناهي....جيڪڏهن مذهب جي بنياد تي مدد ٿيندي آهي ته پوءِ اسان جو ڪوبه مذهب ناهي.