نا اهل اسان جا مالهي آهن، سنڌ جي هن چمن جو ڇا ٿيندو !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ جي دشمن سنڌ جي هر هڪ سگه تي مورچا قائم ڪري پنهنجا دلال ۽ ڇاڙتا ويهاري ڇڏيا آهن ۽ کين قوم پرستي جي نانوءَ تي اهڙا ته رنگ برنگي ويس پهرائي ڇڏيا آهن جو هن مسڪين ويساه وسوڙيئل ۽ شعور کان اڻ واقف قوم کي انهن قومي خائنن جي سڃاڻپ جي سگه کان محروم بنائي ڇڏيو آهي. مآتم جو مقام اهيو ئي آهي.
    سنڌ جي دشمن سنڌ جي هر سگه کي هيڻو ڪري ورتو آهي ، سياست هجي يا صحافت، علم هجي يا ادب، ڄاڻ هجي يا آگهي، همٿ ۽ شجاعت هجي يا شعور ۽ قومي غيرت، سهپ۽ ڏاهپ هجي يا بردباري ۽ وسيع النظري هجي، پيار، محبت ۽ ٻڌي هجي يا وطنيت جو جذبو هجي يا قومي آزاديءَ جي امنگ، سنڌ جي هر سگه کي هڪ منظم منصوبه بندي سان هيڻو ڪري ٽوڙي تباه و برباد ڪيو ويو آهي.
    ٻئي طرف رهبر بنيا آهن رهزن ۽ مسيحا ٿيا آهن قاتل، نا اهل اسان جا مالهي آهن، خبر ناهي ته سنڌ جي هن چمن جو ڇا ٿيندو !!!!! الامآن، الامآن، الامآن.
    هن هيڏي قحط الرجال ۽ ڪاري ڏڪار ۾ مآرو منهنجي ملڪ جا ڪنهن در ڏين دانهڙي.
    هانوءَ ٿو ڦاٽي، دل ٿي ڏري ۽ اکڙيئن ۾ رڳو رت جا دريا ڀرجي اچن ٿا پوءِ به ڪامريڊ چون ٿا ته گاريون نه ڏيو.
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا هن چمن جو اڃان ڇا ٿيندو عزت وئي غيرت وئي شخصيت وئي لٽيل بي حيا ڪافلي جيان سفر ڪري رهيا آهيون اڃان ڇا ٿيندو اڃان ڪا شي رهيل آهي ڇا؟
    ادا جنهن جي شخصيت ناهي هوندي اهو ته مفت جو مذدور هوندو آهي. دشمن ان کي ماريندو آهي جنهن جي ڪا شخصيت هوندي آهي سو سائين اسان لاءِ ته موت به ڪانهي جو اسان شخصيت وڃايل سماج جا سٻاجهڙا سنڌي آهيون.
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو