• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا مون کي آن لائين انگريزي اخبار سنڌ ٽه ڊي ٻيهر ڪڍڻ گھرجي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڇا مون کي آن لائين انگريزي اخبار سنڌ ٽه ڊي ٻيهر ڪڍڻ گھرجي؟
ڪجھه دوستن صلاح ڏني آهي ته سنڌ جي وڌندڙ مسئلن کي نظر ۾ رکندي مون کي هفتيوار انگريزي آن لائين اخبار سنڌ ٽه ڊي ٻيهر ڪڍڻ گھرجي ـ اهڙي اخبار مون 2001 ۾ ڪڍي هئي جنهن تي ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل مشرف جي سرڪار 26 جولاءِ 2006 تي بندش وڌي هئي ۽ اهڙي خبر بي بي سي ريڊيو، سنڌ ٽه ڊي جو نالو وٺي نشر به ڪئي هئي ـ اها آن لائين غيرجانبردار هئي ۽ ان جو واسطو ڪنهن خاص سياسي پارٽيءَ سان ڪونه هو ـ ان رڳو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ لکيو هو ـ جت انهيءَ اخبار شهيد بينظير جا ٽي انٽرويو ڪيا، اتي بشير خان قريشي، منور لغاري ۽ ٻين ڪيترن جا انٽرويو ڪيا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي وچ۾ ثقافتي ڳانڍاپي جو بهتر ڪم ڪيو ـ
انهيءَ اخبار جو سارو خرچ مون ذاتي طور برداشت ڪيو هو جو ان وقت مان نوڪريءَ ۾ هوندو هوس ـ جيئن ته هاڻ مان ريٽائر آهيان سو سمورو خرچ ڀرڻ جي پوزيشن ۾ هرگز ناهيان البت جيڪڏهن سرنديءَ وارا سنڌي ۽ خاص ڪري ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي عملي طرح مالي مدد ڪن ته اهو ڪم سولو ٿي سگھي ٿو جڏهن ته ماضيءَ ۾ جن مدد جا وڏا وڏا وعدا ڪيا تن ڪونه پاڙيا ـ
مهرباني ڪري دوست انهيءَ رٿ تي سنجيدگيءَ سان صلاح ڏين ته ڇا ڪجي
 
مان سمجهان ٿو ته اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسانکي وڌ کان وڌ انگريزي اخبارون ڪڍي پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائڻ گهرجي.

ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ رنڊڪ پئسو ئي آهي. ان سان گڏ هيومن ريسورسز ۽ هنري ماڻهو ..... پر پئسا هوندا ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو.
 
سائين ڪاٿو لڳايو، ڪيترو خرچ آهي، يعني هر هفتي اخبار نڪري ته مهيني جو ڪاٿو به لڳائي ٻڌايو. ٿي سگهي ٿو الله ڪو رستو ڪڍي.
سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو
سهندو ڪير ميار.
 
Back
Top