ونڊو 7 الٽيميٽ کي جينوئن ڪيئن ڪجي؟

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2015۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ونڊو 7 الٽميٽ / 2007 جيڪا مون وٽ به لڳل آهي تنهن کي جينوئن ڪري سگھجي ٿو ـ سو سنڌ سلامت جا دوست، سدائين وانگيان گائيڊ ڪن ته انهيءَ لاءِ ڪهڙو ڪارائتو سافٽ ويئرلڳائڻو پوندو ۽ ائين ڪرڻ سان ڪيترو فائدو ٿيندو؟ سائين اهو به ٻڌايو ته ڪيئن چيڪ ڪجي ته اسان جي هاڻوڪي ونڊو جينوئن يعني اصلي آهي يا نه ـ مهرباني ـ
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 جنوري 2015
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    محترم امرفياض لکي ٿو ته :

    ”مان چوريءَ جو پسٽول کڻي ڊي سي آفيس وڃان ۽ انهن کي چوان ته هن جو لائسنز ٺاهي ڌيو؟ (پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ نه پر سوين ٺهي ويندا، پر ياد رکجو اهي سڀ ڪوڙا غير قانوني هوندا.) سو هي پوسٽ به ساڳي نموني جي لڳي ٿي. اوهان ڪنهن به ٽورينٽ تي وڃي لوڊر ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪريو، ونڊوز جا سڀ ڪي ايل ايم فائيل پنهنجو عرصو لامحدود ڪري ڇڏيندا... پر ياد رکجو اوهان جي ڪمپيوٽر جي سيڪيورٽي ڪنهن به حساب سان نه هوندي.“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو