انساني جسم گوشت، جيو گھرڙن ۽ رت سان ٺهيل هوندو آهي جيڪو هڏين جي ٺهيل ڍانچي تي ٻڌل آهي. مٿي کان پيرن تائين هڏيون پاڻ ۾ ڳنڍجي ڍانچو ٺاهينديون آهن جنهن کي جيڪڏهن جسم کان جدا ڪري ڇڏجي ته بيهڻ به ممڪن نه هوندو. هڏين جو ڍانچو نه رڳو جسم جي جوڙجڪ ٺاهيندو آهي پر اندرين عضون جي حفاظت جو ڪم به ڪندو آهي. پيدائش جي وقت جسم ۾ هڏين جو 270 سيڪڙو حصو هوندو آهي جيڪو لڳ ڀڳ 18 ورهين جي عمر تائين پاڻ ۾ جُڙي جسم جي مڪمل 206 هڏيون بڻجي ويندو آهي. هڏين اندر موجود مِکُ ۾ رت جا ذرڙا ٺهڻ جو عمل جاري رهندو آهي، هڏين اندر ئي ڪيلشم، فاسفورس ۽ ڪيتريون ئي معدني شيون گڏ ٿينديون رهنديون آهن جيڪي هڏين جي واڌ ويجھه ڪندڙ ڪيميل ”گوٿ فيڪٽر“ جسم جا تيزاب، رت مان اجاين مادن جي خارج، شوگر ليول ۽ چربي جي مقدار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندڙ هارمون آئسٽو گيلسن ٺاهيندو آهي. ظاهري طور سخت محسوس ٿيندڙ هڏيون جو سڄو حصو اهڙيءَ طرح سخت ناهي ٿيندو پر ان جي خلين ۾ ڪجھه خالي جڳهون هوندون آهن. پيدائش کان بلوغت تائين هڏيون نرم هونديون آهن ۽ پوءِ انهن جا حصا پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ۽ سخت ٿيڻ لڳندا آهن ۽ پنهنجي اصلي حالت ۾ اينديون آهن. جن ۾ (هٿن پيرن جون هڏيون) ننڍيون يا چؤڪنڊيون (ڪرائي، ٽڻيءَ جي هڏي) چمبريل هڏيون (کوپڙي ۽ سيني جون هڏيون) تِر وانگي سيسمائڊ (گوڏي جي هڏي) ٻيون جن جون شڪليون انهن جي جڳهن موجب هونديون آهن (منهنجي، ڪلهي جون هڏيون) بالغ شخص ۾ هرسال جسم جي سڀني هڏين جو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو پاڻ کي نئين ترتيب ۽ ضرورت موجب مرتب ڪنديون آهن ان کي ”ريماڊلنگ“ جو عمل چيو ويندو آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڪيلشم ۽ ٻين معدنيات جو تناسب برقرار رکڻ ۽ هڏن جي گھرڙن ۾ ٿيندڙ ڀڃڊاهه جي عمل کي صاف ڪرڻ آهي. هڏين ۾ موجود ڪيلشيم جو ذخيرو جسم جي ضرورت موجب رت ۾ منتقل ٿيندو آهي، رت جي ڪيلشيم واپس هڏين ۾ محفوظ ۽ ضرورت کان وڌيڪ ڪيلشيم جسم مان خارج ٿيندي رهندي آهي. هڏين جي واڌ ويجھه جو عمل پيدائش کان اڳ شروع ٿيندو آهي ۽ سڄي عمر جاري رهندو آهي. عمر سان گڏوگڏ اهو عمل به سست ٿيندو ويندو آهي ۽ هڏين جا نوان گھرڙا ٺهڻ جي رفتار تمام گھٽ يا ضرورت موجب ٿيندي آهي. هڏين اندر موجود گھرڙا پروٽين جيان هڪ خاص مادو ٺاهيندا آهن جيڪي معدنيات جذب ڪرڻ کان پوءِ هڏيءَ جي شڪل اختيار ڪندو آهي. هڏين جي واڌ ويجھه واري عمل ۾ جسم جا ڪيترائي هارمون، ٿائيرايڊ پيراٿائيرائڊ هارمون، وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم ايم آهن. ياد رهي ته 17، 18 ورهين جي عمر کان پوءِ قدم ۾ واڌ ناهي ٿيندي، پر هڏين اندر واڌ ويجهه جاري رهندي آهي جيئن هڏين ۾ گھاٽائي وڌي سگھي. هي عمل عام طور 18 کان 25 ورهين جي عمر جي وچ دوران ڀرپور طريقي سان جاري رهندو آهي. ڊينسٽي وڌڻ سان بون ماس Bone Mass وڌندو آهي ۽ هڏيون ڪمزور ٿينديون وينديون آهن. عورتن ۾ اهو عمل عام طور ماهواري بندش کان پوءِ لڳ ڀڳ 50 سالن جي عمر ۾ شروع ٿي ويندي آهي جڏهن ايسٽروجن هارمون ۾ گھٽتائي اچي ويندي آهي. روڪ جي لڳ ڀڳ 5 کان 7 سالن جي عرصي ۾ هڏين جي ڊينسٽي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو گھٽ ٿي ويندي آهي. مردن ۾ اهڙو عمل ٿوري دير سان شروع ٿيندو آهي پر ناڪافي ۽ خراب خوراڪ ۽ لائف اسٽائل سبب هڏين جي ڪمزوريءَ جي شروعات جلد ٿي سگھي ٿي. هڏين جي ان ڪمزوريءَ کي آسٽيوپروسر Osteoporosis چيو ويندو آهي. اهڙي صورت ۾ هڏيون اندران Porous مسام دار، کوکليون ٿي وينديون آهن، ان ڪري ان ڪفيت کي آسٽيوپورسز جو نالو ڏنو ويو آهي، آسٽيوپروسز لاڳيتو وڌڻ واري ڪيفيت آهي جنهن ۾ هڏين جي ڊينسٽي ۽ مضبوطي گھٽ ٿيندي ويندي آهي ۽ هڏيون سولائيءَ سان ڏري پونديون آهن. صحت جي عالمي اداري موجب اهڙي حالت ۾ هڏين جي مضبوطي جي مقدار 2.5 مان گھٽ ٿي ويندي آهي. آسٽيوپروسز جا ٽي مختلف قسم مڃيا ويندا آهن. عام طور عورتن ۾ ماهواري بندش جي عمر کان پوءِ عام طور 75 سال جي عمر ۾ عورتن ۽ مردن ۾ ۽ سيڪنڊري ڪهڙي به عمر ٿي سگھي ٿي جنهن جو سبب هڏين کي نقصان ڏيندڙ ڪا ٻي بيماري يا دوائن جو استعمال (خاص طور اسٽرائيڊ) ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جي لاڳيتي گھٽتائي. آسٽيوپروسز سدائين هميشه ڪا اهڙي علامت پيدا ناهي ڪندي جيئن سندس تڪڙي سڃاڻپ ٿي سگھي. پر ان جي ڪري ڇو ته هڏيون ڪمزور ٿي وينديون آهن ۽ ڏار وڌندا آهن. ڪمزور ٿڪَ يا هڏين جي سُور جو سبب بڻجنديون آهن. فيڪچر گھڻو ڪري ڪرائي، ڪرنگھي جي هڏي جي مهري، ڪنڌ ۽ ڪلهي جي جوڙ ۾ ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ وڌندڙ عمر ئي آسٽيوپروسز جي سڀ کان وڏو سبب ۽ رسڪ آهي، پر چند ٻيا عمل به وقت کان اڳ مرض جو سبب بڻجي سگھن ٿا يا مرض جي سختيءَ کي وڌائي سگھن ٿا، اهڙي رسڪ فيڪٽر ۾ آسٽروجن Oistrogen هارمون جي گھٽ (مردن ۾) اڳيان آهي. انگ اکر ٻڌائن ٿا ته يورپي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ هن مرض جي سراسري وڌيڪ آهي، جيڪڏهن خاندان ۾ هڏين جي ڪمزوريءَ واري خانداني اثر هجن ته نسل کان ٻئي نسل تائين ان جو اثر رهندو آهي، پر ضروري ناهي ته نتيجو سدائين فيڪچر جي شڪل ۾ شامهون اچي. الڪوحل جو استعمال هڏين کي ڪمزور ڪندو آهي. ۽ اهڙن ماڻهن ۾ وقت کان پهريان آسٽيوپروسز جو خطرو وڌي ويندو آهي جڏهن ته تماڪ جو استعمال به ان مرض جو سبب بڻجندو آهي. وٽامن ڊي جي لاڳيتي گھٽتائي سان هڏين ۾ ڪيلشم جذب ۽ ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت گھٽ ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري هڏيون ڪمزرو ٿي وينديون آهن. خوراڪ جي گھٽتائي، خراب خوراڪ جسم ۾ ڪيلشيم، فاسفورس، زنڪ، آئرن، فلورائيڊ، وٽامن سي، ڪي ، اي، سي گھٽ ٿي ويندي آهي. سوڊيم جي مقدار وڌي ويندي آهي، رت ۾ ڪيترن ئي مادن جي گھٽتائي ۽ ڪجھه جي گھڻائي ان کي تيزابي ڪري ڇڏيندي آهي جيڪو هڏين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اهو به چيو ويندو آهي ته جانورن مان حاصل ٿيندڙ غذائون پروٽين جي وڌڻ ۽ جسم ۾ ڪيلشمن جي کوٽ به مرض وڌائيندي آهي. ورزش جي گھٽتائي، جسماني محنت يا جسماني ڪم جي گھٽتائي، گھڻو ويهي ڪم ڪرڻ سبب به هڏين ۾ نوان گھرڙا ٺهڻ بند ٿي ويندا آهن جيڪي هڏين کي پورو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن. تحقيق مان خبر پئي آهي ته جسم ۾ Cadmium ۽ Lead جهڙن ڌاتن جي لاڳيتي گھڻي مقدار به آسٽيوپروسز جو هڪ سبب آهي. خيال ظاهر ڪيو ويو آهي ته سافٽ ڊرنڪن جو روزانو استعمال جسم مان ڪيلشيم گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هڏين کي پورو ۽ کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي. ڪجھه بيا جسماني مرض جيڪي آسٽيوپروسز جو سبب بڻجندا آهن انهن ۾ مرداڻي، زنانا غدود ٿائيرائڊ گلينڊ مرض جن ۾ معدنيات جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھٽ هوندي آهي. سَنڌن جي مرضن جهڙوڪ آرٿرائٽس ‘SLE’ جگر ۽ گردن جي خرابي جهڙا مرض شامل آهن. ڪجھه دوائن جو لاڳيتو استعمال به آسٽيوپروسز جي شروعات يا مرض جي سختي ۾ واڌ ڪري سگھي ٿو، ان ۾ پريڊيسون سٽرائيڊ Prednisone Glucocortecoid سڀني کان اڳيان آهي، ٻين دوائن ۾ مرگھي جي دوائن Thiazolidinione شامل آهن، پر هي دوائون سڀني ماڻهن ۾ هڪ جهڙا اثر ناهن ڇڏينديون. اهي ئي هڏين جي ڪمزوري جي شروعات ڪنديون آهن. ڊاڪٽر جي صلاح ۽ هدايت موجب دوائن جو استعمال ضروري آهي جيڪڏهن ڪنهن به دوا مان ڪو خراب اثر ظاهر ٿئي ته ڊاڪٽر جي صلاح سان دوا مٽائي سگھجي ٿي. آسٽيوپروسز جي سڃاڻپ لاءِ هڏين جو ايڪسري BMD يعني Bone Mineral Density ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي جنهن لاءِ Dual-Energy X-Ray Absoptimetry جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. ايڪسري ذريعي آسٽيوپروسز ۽ ان جي شروعاتي حالت آسٽيوپينيا Osteopenia بابت ڪافي معلومات ملي سگھي ٿي. ايڪسري تي هڏين ۾ تبديلي ان وقت ذڪر لائق هوندي آهي جڏهن بون ماس 30 سيڪڙو تائين ضايع ٿي چڪو هوندو آهي. سٺي سڃاڻپ لاءِ Dual Energy ايڪسري جي ٽيڪنڪ اپنائي ويندي آهي ان موجب مريض جو T.score معلوم ٿي ويندو آهي جيڪو 2.5 کان گھٽ هجڻ تي مرض جي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي هي ٽيسٽ خاص طور 40-30 ورهين جي عورتن ۽ 50 کان گھٽ عمر جي مردن ۾ وقت کان پهريان آسٽيوپروسز جي سڃاڻپ لاءِ بهترين تصور ڪيو ويندو آهي. رت ۾ ڪجھه اهڙا ٽيسٽ ڪيا ويندا آهن جن جي مقدار آسٽيوپروسز کان سواءِ هڏين لاءِ ڪيترن ئي مرضن مثال طور Osteoporosis سخت هڏيون Osteromalacia هڏين جي نرم ٿيڻ، سُور رهڻ، Osteitis جي به سڃاڻپ ڪري سگھجي ٿي. رت جي ان ٽيسٽ ۾ Vit-D, Parathyroid hormone, Alkaline Phosphatese, Phosphate, Calcium جهڙا شروعاتي ٽيسٽ شامل آهن. مريضن جي ڪيفيت موجب ڊاڪٽر وڌيڪ ٽيسٽون ۽ اسڪين ڪرائي سگھن ٿا. انساني صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته مناسب ۽ ڀرپور غذا استعمال ڪئي وڃي، ميوو ۽ سايون ڀاڄيون کاڌيون وڃن ۽ ورزش ڪئي وڃي، تڏهن ئي صحت کي فخر لائق بڻائي سگھجي ٿو.(عوامي آواز جي ٿورن سان)