• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حياتي هيکلي آهي.... (نظم)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اسان جا خواب هِن ساڳيا،
چوڻ تي تنهنجي جَي جاڳيا.
سياري سيءُ سوڙهو ڪيو،
”بهارن ۾ ملڻ اينديس“ ،
بهارون ڪهڙيون اي جانان ؟،
حياتي هيکلي آهي،
”نومبر نيم سردي ۾،
توکي ڀاڪر ڀرينديس مان،
چپن تُون هميشه ئي،
مُسڪراهٽ منهنجي لئه رکجان،
جڏهن سانوڻ وسي پوندو،
مٺا گھر جي مان آڳنڌ ۾،
زماني کي وساري بَس،
توکي ڀاڪر ڀرينديس مان“،
وُٺو سانوڻ بي_مُندو آ،
سموري سنڌ شاھد آ،
لۡڙڪن لارون وهن پيون ٿيون،
جيئين درياءُ وهندو آ،
اَچِي ڪو بند هِن کي ڏي،
ڪٿي سڀ خواب تنهنجا سي،
ڳلن تي مُون جذب نه ٿين،
انهن خوابن جي ساڀيان تُون،
ملي وڃ مونسين هيڪر،
رَهِي آ زندگي ٿوري،
اکيون توکي ڏِسڻ چاهين،
سهارو تون به منهنجو ٿيءُ،
حياتي هيکلي آهي....
Sad-alone-cute-boy-emotions-peace-adorable-sunset_thumb[2].jpg
عبيد ٿهيم..
 
Back
Top