ڪرامتي ٻک _ امداد سهتو هو هئو ٿه انڌو پر ٽوڻي ڦيڻي ۽ تعويذ ڌاڳي ۾ سندس سڪو هلندو هئو. پري پري کان ماڻهو وٽس ايندا هئا. ماين ۽ پيسن تي ته ساعٿ هيس سندس لاءِ ڳوٺ ۾ مشهور هئو ته مايون ۽ پيسا سنڀالي کڻي وڃو. هڪ ڏينهن هو پنهنجي چيلي سان گڏ ويٺو هئو ته هڪ پراڊو اچي سندس ڀر ۾ بيٺي، جنهن مان هڪ خوبصورت عورت هيٺ لهي آئي. ” سائين! سلام“ عورت ويجهو ايندي کيس سلام ڪيو. ”وعليڪم اسلام“ هن زور سان سلام جو جواب وراڻيو. ”سائين! اوهان جي ڪرامتن جو ٻڌي مان به عرض کڻي آئي آهيان.“ عورت کيس چيو. ”بسم الله... بسم الله“ ”سائين منهنجو مڙس قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. کيس نيب وارا کڻي ويا آهن. سندس لاءَ دعا ڪريو“ عورت کيس ٻڌايو. ”مائي! لک لڳندو، 50 هزار هاڻي ۽ 50 هزار رهائئءَ کانپوءِ.“ هن چيو، ”سائين گهڻو ٽائيم لڳندو“ ”وڌ ۾ وڌ 6 مهينا.“ مائيءَ کي هن ڪجهه تعويذ ڌنا ۽ هوءَ کيس طلب ڪيل پيسا ڏيئي رواني ٿي ويئي. ” اڙي انڌا مارائيندي ڇا؟ جي مائيءَ جو مڙس نه ڇٽو ته جيل جي چڪي پيهنداسين“ اڙي بيوقوف! مائيءَ جو مڙس سياستدان آهي ۽ سياستدان ٽن مهينن کان مٿي ڪڏهن جيل ۾ رهيو آهي؟“ هن چيلي کي سمجهائيندي چيو. چيلو استاد جو عقل ٻڌي حيران ٿي ويو. ٿيو به ائين ئي. اڃان ٻه مهينا مس گذريا ته ساڳي ئي مائي مٺائيءَ جو کارو ۽ بقايا 50 هزار روپيه کڻي آئي ۽ کيس ڏيندي چيائين ” سائين! توهان جي دعائن سان منهنجو مڙس باعزت بري ٿي آيو آهي. هي وٺو پنهنجو نذرانو“ ” اڙي ڇورا! سانئڻ کان نذرانو وٺ ۽ سندس لاءِ دعا جي چانهه جي چسڪي به ٺاهه.“ چيلي مائيءَ کان نذرانو ورتو ۽ چلهه تي ويٺو چانهه پچائڻ. ”واهه ڙي انڌا! تنهنجو ڪرامتي ٻک“ هو چانهه پچائيندي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو
مختصر ۽ جامع ڪهاڻي . ڪهاڻي پڙهي لڳي ٿو ته ڪنهن مڃيل قلمڪار جي تحرير آهي . امداد نثر به ايڏو سٺو لکي سگهي ٿو پڙهي بيحد خوشي ٿي .