پاڻيءَ پويان رُلندي هڪ مکڙي ڪومائجي وئي! ٿر، جيڪو قدرتي حسن سان ٽمٽار، جمالياتي منظرن جو مالڪ، برسات جي موسم ۾ جنت جو ڏيک ڏيندڙ ٿر سادن ۽ سٻاجهڙن ماروئڙن جو ديس آهي. هتي جا ماڻهو تمام ڏکي زندگي گذاريندا آهن. هن ڌرتي جي گولي تي هر ساهه واري شيءَ جي جياپي جو دارومدار پاڻي تي آهي، اهو پاڻي ٿر ۾ تمام مشڪل سان ملندو آهي. هتي جا ماڻهو هميشه پاڻي جي تلاش ۾ تڙپندا رهيا آهن. ڪڏهن رڻ پٽ ۾ ته ڪڏهن وري گرم واري جي دڙن تي. هتي جي عورتن کي نٽهڻ اُس ۾ گهرن کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري زمين جي پيٽ ۾ ٺهيل اُنهن کوهن تان پاڻي ڀرڻو پوندو آهي. انهن مان اڪثر کوهه سڪي چڪا آهن، ڪن کوهن جو پاڻي صاف نه هئڻ ڪري هتان جي ماڻهن کي بيمارين جو منهن ڏسڻو پيو آهي. هتي جا ماڻهو هميشه ڏکن ۽ تڪليفن جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهيا آهن. هتان جا گلن جهڙا معصوم ٻارڙا نرم نازڪ ۽ اُگهاڙن پيرن سان پاڻي ڀرڻ لاءِ گرم پٽن تي پنڌ ڪندا آهن. دنيا جي هر شيءَ کان اڻ واقف، تعليم جي دولت کان محروم رڻن ۾ رُلندي پاڻي جي لاءِ زندگي وڃائي ڇڏيندا آهن. تازو ئي عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ٿيل لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جيءَ کي جهوري ڇڏيو. معصوم ڪملي پاڻي جي تلاش ۾ جيجل ماءُ جي پويان ويندي، وارياسن دڙن تي رُلندي ٿر جي سُڪل ۽ تتل ڀٽن ۾ ڀٽڪندي اُڃ وگهي پنهنجو وجود واري ۾ وڃائي ويٺي. منهنجي ٿر جا مارو اُڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي جي ڦُڙي لاءِ ڦٿڪن پيا. هتان جي اٻوجهه ماڻهن کي حڪمرانن جي طرفان هميشه وڏن واعدن ۽ آسرن جا تحفا مليا آهن. منهنجي وس وارن کي گذارش آهي ته ٿر جي عوام کي پاڻي جهڙي نعمت کان محروم نه رکيو وڃي. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي وري ڪا گُلن جهڙي ڪملي ٽڙڻ کان اڳ ۾ مرجهائجي وڃي. خدا ڄاڻي ته ڇو نه ڪنهن رنگين گلشن ۾ ڄاياسين، ٽڙياسين دامن صحرا ۾ خوشبو ئي اجائي وئي.
جواب: پاڻيءَ پويان رُلندي هڪ مکڙي ڪومائجي وئي! اهڙا احساس جيڪڏهن هر ماڻهو جا ٿي وڃن ته زمين به جنت ٿي وڃي۔۔۔۔
جواب: پاڻيءَ پويان رُلندي هڪ مکڙي ڪومائجي وئي! رڍ آڏو رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا ۔۔۔ هڪ پاڪستان جو نظام ٻيو وري بي حس ۽ بي ايمان حڪمران ۔۔۔انصاف جي توقع ڪرڻ ۔۔۔ ٻٻرن کان ٻيرن گهرڻ جي برابر ۔۔۔ پو به رڙيون ڪندو رهجي، من قوم جون اکيون کلن ۔۔۔ سچ جا ساٿي ٿين ۽ رڻ گجي پوي ۔۔۔۔