جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
کيسو ڪٽيندڙن جي باري ۾ ته توهان ٻڌو هوندو پر ڇا ڪڏهن توهان اهو ٻڌو ته اهو ڪم ڪرڻ ۾ ڀولڙا به گهٽ نه آهن، نه؟ پر ايڪواڊور ۾ اها دلچسپ حقيقت سامهون اچي وئي آهي. هڪ فوٽو گرافر پيٽي آڪسفورڊ کي ان وقت ڏندين آڱريون اچي ويون جڏهن هن هڪ ڀولڙي کي هڪ بازار ۾ ماڻهن جا کيسا صاف ڪندي ڏٺو. فوٽو گرافر موجب ڀولڙو هڪ طرف کان آيو ۽ سڀني کي اڻ ڏٺو ڪري سندن کيسن کي خالي ڪرڻ ۾ لڳي ويو. جڏهن ته ان بعد هن ٻارن جو فٽبال پڻ چورايو ۽ پاڻ کيڏي به ڏيکاريو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ڀولڙي کي ڪنهن به تربيت نه ڏني هئي پر هي جهنگ کان گهمندي گهمندي اتي پهچي پنهنجي حيرت انگيز صلاحيت جو مظاهرو ڪرڻ لڳو(عوامي آواز جي ٿورن سان)