هڪ کوجنا موجب اهڙيون مائُرون جيڪي ٻار ڄڻڻ کان پهريان پريشاني ۽ دٻاءُ ۾ رهيون آهن انهن جا ٻار وڌيڪ روئيندا آهن ۽ اهڙين مائرن جا ٻار خوش مزاج هوندا آهن جيڪي پاڻ به اهڙيون هونديون آهن، جيڪي عورتون ٻار کي جنم ڏيڻ وقت پريشاني يا ڪنهن ڊپ جو شڪار هونديون آهن تن جا ٻار گهڻا روئڻا ثابت ٿيندا آهن. ماءُ جي پريشاني جو اثر ٻار تي ڪيئن ٿو پئي ان ڳالهه جي ته خبر نه پئجي سگهي آهي پر محققن موجب جيڪي مائرون ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هونديون آهن تن جو اثر سندن ٻارن تي پوندو آهي جنهن سبب انهن جا ٻار ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ گهڻو روئندا آهن.