سانگهڙ ۾ سنڌ صوفي ڪانفرنس!!!! نثار مڱريو خفو ۽ خفت، تنهنجو ۽ منهنجو، لالچ ۽ لوڀ، رات ڏينهن ملڪيت ۽ مايا لاءِ ڀڄ ۽ ڀڄان ڪندڙ حضرت انسان، دهشتگردي، بم بارود، ڊپ ۽ خوف، ذاتي انا، ملڪيتون، حدون ۽ سرحدون انهن سڀني کان گهڻو پري ڪي اهڙا انسان به رهن ٿا، جن جو دين ڌرم، امن ۽ عشق آ، انسان ۽ انساني دل کي ٻاجهاري رب جو گهر قرار ڏين ٿا، تنگ ڪرڻ، دلين کي ايذائڻ گناهه ڪبيره سمجهن ٿا، راڳ جي رهاڻ ۾ هي سڄي دنيا کي امن جو، محبت جو پيغام ڏين ٿا. ها هي صوفي آهن، هي اهي صوفي آهن جيڪي قاتل جلاد کي به اجورو ۽ دعا ڏين ٿا، رب جي رضا تي راضي رهن ٿا. صوفين جي رنگ ۾ رنگيل ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سڪندر علي خشڪ جي سهڪار سان روشن خيال ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن سانگهڙ ۾ ”سنڌ صوفي ڪانفرنس 14 جنوري تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال سانگهڙ ۾ منعقد ڪرائي، ان سٿ ۾ مصري جمال، منصور ميمڻ، غلام نبي نظاماڻي، اسلم ميمڻ، يعقوب بروهي پڻ شامل هئا. معصوم سانگهڙائي جي فرزند معصوم چهري واري فقير صابر حسين مهر ڪمپيئرنگ وارا فرض سرانجام ڏنا، مصري جمال آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو، اسلم ميمڻ صوفيت تي چند لفظ ڳالهايا، اسحاق مڱريو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ تصوف جا ادارا بزرگن جون درگاهون آهن، جيڪي رات ڏينهن ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن، يونيورسٽيون علم ۽ ادب نه ٿيون پڙهائين، تصوف بزرن جي درگاهن تي پڙهايو سيکاريو وڃي ٿو. انهن جي ڪميونيڪيشن جو ذريعو راڳ آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان هڪ دفعي ساز ڦريا ويا پر شاهه عبداللطيف راڳ نه ڇڏيو، جهوڪ ۾ ميلي جي عبادت راڳ آهي، اچو ته گڏجي اهو ٻڌون، تقريرون ڪري راڳ ۾ رنڊڪ نه بڻجون. سانگهڙ سان تعلق رکندڙ صوفي راڳي مانجهي فقير چيو ته سڄي سنڌ ۾ تندن ۽ سازن ذريعي پيغام پهچايو آهي، مونکي خوشي آهي سڪندر خشڪ وڏي درگاهه سان واڳيل آهي، اندر اجارڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي صاف ڪرڻ اهو ئي اسان جو درگاهون سيکارين ٿيون. سانگهڙ جي يگاني مست هاشم فقير ڪوري چيو ته محبت جا قائل آهيون، محبت اسان جو مذهب آهي،ا سان جو اهو ئي نياپو آهي ته پنهنجي اندر کي صاف ڪريو، صوفي جي محبت هيڪڙائي آهي، ٻيائي اسان وٽ آهي ئي ڪونه، حسن ۽ عشق اسان جو محبوب ۽ مذهب آهي، سانگهڙ سان واڳيل صوفي راڳي فقير جمال الدين مڱڻهار چيو ته اسان تندن ۽ سازن ذريعي محبت جو عشق جو پيغام ماڻهن تائين پهچائيندا وتون، هي ذليل ۽ آخري دور آهي جتي بمن سان ماڻهن کي ماريو ٿو وڃي. هن چيو ته جڏهن آمريڪا ۾ بم بلاسٽ ٿيو، الزام القائده ۽ مسلمانن تي آيو، ان زماني حسين هارون آمريڪا ۾ سفير هو، ان جڳهه تي ڪانفرنس گهرائي، هي فقير اتي ويو، اسان ڳائي اتي پيغام ڏنو صوفين وٽ جهيڙو آهي ئي ڪونه، انسان سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو آهي، هي فقير 15 ملڪن ۾ هي تند ۽ ساز وڄائي چڪو آهي. نالي واري اديب بخشڻ مهراڻوي چيو ته 15 سال اڳ جهول ۾ سائين الهورايو بهڻ چيو هو ايندڙ دنيا کي هن پيغام جي ضرورت پوندي، هي جيڪو اسڪول آف ٿاٽ آهي، ڀٽ ڌڻي چيو ” صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو“ وجود گدلو ڪيئن ٿو ٿئي، وجود آيو صاف سٿرو، مذهب جڏهن انتها تي پهتو، تلوارن مياڻ ۾ نه ٿي پيون، هر ڏينهن نئين سسيءَ تي ٿي گهميون، پوءِ انسان سوچيو، رت جو درياهه ڇو نه ٿو بند ٿئي، نتيجو اهو ڪڍيو جيڪو سج اڀري پيو تفريق نه پيو ڪري، بادشاهه جي محل کان غريب جي جهوپڙي تائين برابر روشني ڏئي پيو، هوائون، موسمون، خوشبو، پاڻي، ڇانوءَ، وڻ، برسات جڏهن تفريق نه ٿا ڪن ته اسان بهتر ۽ خراب، وڏو ۽ ننڍو جي تفريق ڇو ٿا ڪريون، سوچيائون ”مذهبن ماڻهو منجهايا، آڏو ڪونه آيا، عقل وارا عشق جي“، ” ڪو رحمان جي پاسي، ڪو ڀڳوان جي پاسي، آئون سجدو ان کي ڪريان جيڪو آهي، انسان جي پاسي“ ”اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني“ ان ڳالهه کي دنيا جي ملڪن محسوس ڪيو، صوفي هيڪڙائي ۾ هڪ ٿي گڏ ٿيا، بادشاهن، من، پنڊتن، پادرين، انهن مان ٿريڊ هو، جنهن ڪري انهن چالاڪي ڪري اڳيون صفون ولاري، اڳيان اچي ويٺا، صوفين، فقيرن کي تباهه ڪيو، صوفين ڪڏهن نه چيو، ڏوڪڙ اچن، ماڻهن کي ٻاهر ويهاريو، هاڻوڪي دور ۾ فنڊ ڏسيو، هن ونڊ کي پيا تقسيم ڪن، انهن جو به خيال ڪجو، مون کي خوشي آهي ڊالرن عيوض سنڌ مان ڪوبه خودڪش بمبار نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ سنڌ جي ضمير ۽ خمير ۾ تصوف، محبت ۽ امن شامل آهي، ٻي ڳالهه آهي پاڻ ۾ وڙهي ڀلي تباهه ٿي وڃون، بمبار نه ٿينداسين، اسان سنڌي بارود وارا نه آهيون، درود وارا ضرور آهيون. سائين الهورايو بهڻ چيو ته تصوف لفظ جي معنيٰ بيان ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، تصوف جي راهه صوفيت جو رستو آهي، ڀٽائي صاحب چيو ” اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“ اسلام جي معنيٰ امن آهي، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم رحمت العالمين بڻجي آيا، سنڌ ڌرتي تصوف جو گهوارو بڻي ويدن، موئن جو دڙو ۽ درياهه سنڌ سان عشق نڀائيندا اچون، پوءِ اسلام آيو سنڌ جي ماڻهن کي امن ڏنو، مسلمانن جا 52 کان 54 ملڪ آهن، سچل چيو مذهبن ماڻهو منجهايا، اڄ ڏک ٿئي ٿو، نبي پاڪ صه جو پيغام کي پيروڪارن غلط روپ ڏنو آهي، سنڌ ڪڏهن ڏڪار نه ڏٺو آهي، ان ڌرتي جا ٻار اڄ ٿر ۾ اڃيا ۽ بکيا مرن ته اهو ڇيهه ٿي ويو، شاهه صاحب چيو ته صوفي اهو آهي جيڪو دشمن سان به محبت ڪري، فقير محمد بخش ضامن گادي نشين چيو ته صوفين جو پيغام امن ۽ محبت آهي، عشق آهي، سنڌ ڌرتي اولياءَ الله سان ڀري پئي آهي، پاڻ ۾ نقرتون ختم ڪريو، عمل جي شروعات پاڻ کان ڪريو، هر روز، هر وقت پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايو، ڏسو جيڪڏهن ذرو به ڪنهن لاءِ ان ۾ نفرت آهي ته توهان صوفي نه آهيو، دشمن لاءِ به نفرت نه هجي، ٻيو نقطو پنهنجي عمل، هٿ، زبان، سان ڪنهن کي تڪليف نه پهچي، بزرگن فرمايو آهي ڪيڙي ماڪوڙي کي به نقصان نه پهچي، اها به الله جي خلقيل مخلوق آهي، ڪنهن کي ايذاءَ نه پهچي، ٽيون نقطو توهان کي ڪو ڏک ايذاءَ پهچائي، توهان ان کان اهو نه سمجهو اها مالڪ خالق کان سمجهو، پاڻ کان ان عمل جي شروعات ڪريو، الله وارن جون درگاهون، درسگاهون آهن، جتي محبتون ورهاجن ٿيون، اتان سکڻ ۽ وٺڻ کپي، بزرگن چيو آهي آئون وارو لفظ پاڻ مان ختم ڪريو، الله وارن آئون جي نفي ڪئي آهي، مسجد، مندر، گرجا هر هنڌ الله آهي، الله وارن انسان ذات جي ڀلائي لاءِ چيو آهي، رنگ، نسل، مذهب، فرقو ۽ فرق انهن ۾ نه هو. اهو انهن جو پيغام آهي. فقير نواب امداد لغاري چيو ته صوفين جي غلامن جو غلام آهيان، ان درگاهه جو ٻهاريدار آهيان، مرشد هادي شاهه عنايت شهيد بنيادي طور صوفي جو تعلق تصوف سان آهي، ”نه ڪا ابتدا عبد جي نه ڪا انتها“ ڳالهه اصل آهي عشق جي، حديث پاڪ ۾ سهڻي صه فرمايو ” اسان ان وقت به هئاسين، جڏهن آدم اڃان مٽي ۽ پاڻي ۾ شامل هو“ بشريت تڏهن ٿي جڏهن آدم ٿي، مالڪ فرمايو ”انسان منهنجو راز آهي، آئون انسان جو راز آهيان“ آدم جي تخليق وڏو انقلاب هو، فرمايو رب پاڪ مان ان جي روح ۾ شامل آهيان، ملائڪن ۽ ٻي مخلوق کي حڪم ٿيو ته آدم کي سجدو ڪيو، آدم ۾ آخر ڪهڙي تخليق هئي، قرآن پاڪ ٿو چوي ته توهان جي سڃاڻپ لاءِ ٻوليون، قومون، گروهه، سرحدون آهن، الله وحد هو لاشريڪ فرمائي ٿو نور مُحَمدَ صه حضور جي ذات مخلوق آهي، يا مالڪ، اها اسان سمجهي نٿا سگهون، عشق لاءِ نٿا چئي سگهون، مخلوق آهي يا مالڪ، حديث پاڪ آهي ”پاڻ ۾ الله پاڪ جا اخلاق پيدا ڪريو“ ڪائنات لاءِ سوچيو اسلام آدم کان شروع ٿيو محمد صه تي مڪمل ٿيو، پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ تي ڏاها ويٺا چارٽر آف ڊيموڪريسي ٺهي، جيڪا 14 سو سال اڳ منهنجي محبوب آخري خطبي ۾ فرمايو ” اهي ئي لفظ، نه ڪاري جو گوري ۽ نه گوري جو ڪاري تي فرق نه عربي جو اجميءَ تي فرق، هي ڇا آهي سوچيو، سنڌ وڏي بخت واري آهي، فخر آهي، ايڏيون وڏيون هستيون هتي پيدا ٿيون، بنيادي طور صوفي اندر جو اصلاح ڪرڻ آهي، ان کان سواءَ امن نه ٿيندو. منهنجي مرشد کي فقيرن چيو ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي لشڪر گهيرو ڪيو آهي، حڪم ڪيو ته ڪرامت سان رستي ۾ ئي ختم ڪيون، پاڻ ناراض ٿي چيو اهي ڳالهيون ناشائسته آهن، اسان ڪرامت ڪونه ڏيکارينداسين، قاتل تلوار هلائي آهي نه هلي، پاڻ ان کي فرمايو مرشد جي تلوار قاتل کي ڏيو، پاڻ قتل ڪندڙ قاتل کي اجورو ڏنو اٿس ۽ کيس دعا ڪئي اٿس، الله توکي ٻنهي جهانن جو اجورو ڏئي، قاتل کي دعا ڏنائين، هي پهريون ماڻهو آهي جنهن قاتل کي اجرو ۽ دعا ڏني آهي، پاڻ ان کي رب جي رضا سمجهيو، حويلي کي باهه، فقيرن جو قتل عام، هاڻي چون ٿا ته شاهه عنايت باغي هو، سوشلسٽ هو، جيڪو کيڙي سوئي کائي، جو نظريو ڏنو، ها ڏنو اهو ان جو هڪ پهلو هو، اهو به حقوق انسانيت آهي، ان زماني جاگيرداري نظام هو، جنهن کان پاڻ بغاوت ڪئي، ماضيءَ ۾ عمر بن عبدالعزيز بنو اميه جي دور ۾ بغاوت ڪئي، حق جي ڳالهه ڪئي کيس زهر ڏئي ماريو ويو، سائين جن گوريلا وار به ڪئي، پاڻ هميشه ان ويڙه ۾ حملي جو دفاع ڪيو آهي، ڏاڍ ۽ ڏمر اڳيان نه جهڪيا، اهو آهي سندن ڪردار اسان چئون ٿا ته حق موجود، رواج ٿي ويو آهي، حق کي موجود سمجهون ته غلطي ڪونه ڪيون، شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت ڇا آهي، هاروت باهوت ڇا آهي، توحيد وحدت الوجود ڇا آهي، سوا ٽي سو سال صوفي صاحب جي ڪهڙي تعليم هلي آهي، اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ جي ڳالهه آهي. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سڪندر علي خشڪ چيو ته چوڏهين جي چنڊ اڳيان مون تاري جي ڇا مجال آهي، مانجهي فقير، هاشم فقير ۽ جمال الدين فقير جو شڪر گذار آهيان، اسحاق مڱريو جو شڪر گذار آهيان ۽ ان سان متفق آهيان، اڄوڪو ٽاپڪ امن جو پيغام آهي، اسان سنڌ پاڪستان ۽ سڄي دنيا کي اهو درس پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا هي محبت پاڻ سڃاڻڻ جو قصو آهي. دين چوي ٿو ته مومن نيڪ اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا ماڻهو بچيل آهن، هي سنڌ ۾ جيڪي خانقاهون آهن، قائم آهن، عام يونيورسٽين ۾ چار سالن ۾ ڊگري مليو وڃي هتي جنمن ۽ سالن ۽ حياتيءَ دم جو رشتو آهي، بي وفائي صوفين کي پسند نه آهي، اهو راڳ مانجهي، هاشم فقير ۽ جمال الدين وٽ آهي، ”جنهن نه آپ سڃاتا تنهن دا جيوڻ اجايا“ آخر ۾ صوفي راڳين هاشم فقير ۽ ساٿين ڪلام ڳائي ”صوفي سڃاڻڻ صاف سولو آ“ مين هادي حق پرست ها“ هاشم فقير عشق جي وجد ۾ مست ٿي نچڻ شروع ڪيو. فقير جمال الدين ” ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي، اسان جو سجدو ان کي آ، جيڪو آ انسان جي پاسي“ مانجهي فقير ۽ ساٿين ”اها نياز نوڙت عبادت اسان جي، لايون نڀايون، سچي ريت اسان جي“، ”اوهان جا عاشق هزار آهن، اسان جي ياري قبول پوي شل“ ان راڳ ويٺلن تي اهڙو ته سحر طاري ڪري ڇڏيو، بخشڻ مهراڻوي، اسحاق مڱريو، ڊي سي سانگهڙ سڪندر علي خشڪ، بچو فقير ۽ ڪانفرنس ۾ ويٺل ڪئين ماڻهو بي خود ٿي جهومڻ ۽ نچڻ لڳا، مانجهي فقير پڻ ڳائڻ سان گڏ نچڻ لڳو. نچندي نچندي ”بقول بلي شاهه ميڪون نچ ڪي يار مناوڻ ڏي“ نچندي نچندي هي سنڌ صوفي ڪانفرنس اختتام پذير ٿي
اهڙي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ مذهبن، روايتن، جهيڙن، جهٽن کان هٽي باغين جي امن پسند شامون رچائڻ بهترين سئوڻ آهي جنهن ڪري اسان جي اردگرد جي ماحول ۾ دٻيل منجهيل ماڻهن جي وجود ۾ فريش ساهه فراهم ڪرڻ نه فقط هڪ بهترين ڪاوش آهي بلڪي انهن سڀني سنڌين تي احسان آهي جيڪي هن تبديلي وقت جي نزاڪت سان پنهنجي لاءِ اشهد ضرورت سمجهندا هئا يا آهن، جس لهن اهي ڀاءَ جيڪي ان ڪاوش کي هرحال ۾ جاري رکندا پيا اچن اميدن اهي شامون سدائين رچنديون رهنديون..آمين