• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُهُڻي جِيَارِيَسِ سَنڀَارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jndW3UZhBj7tU.jpg


جِيَارِيَسِ سَنڀَارَ، ڪُههُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي؟
وَيرَوُتَارَ وُجُودَ ۾، پِرِينءَ جِي پَچَارَ
سَي سَڄَڻَ هَونِ نہَ ڌَارَ، جَي هِنئَين ۾ حَلُ ٿِيَا


سُرُ سُهِڻِي

جِيَارِيَسِ = جياريو آهي، جنهن لاءِ جيئان ٿي
سَنڀَارَ = سَنڀَالَ، سَارَ، ياد
ڪُھُ = ڇا
ڪَرِيندَمِ = ڪندا، ڪري سگهندا
وَيرَوُتَارَ = هميشھ، سدائين
وُجُودَ ۾ = اندر ۾، جسم ۾، دل ۾
پَچَارَ = تات، يادگيري، تنوار
هِنئَين = دل
حَلُ ٿِيَا = سمائجي ويا

بيت جو پس منظر

~ مون کي محبوب جي ياد ئي جياريو آهي سو هو سڀ گڏجي مون کي ڇا ڪندا؟
~ مون کي اندر ۾ هميشھ پنهنجي پرينءَ جي تات رهندي آهي.
~ اُهي دلبر شال ڪڏهن جدا نہ ٿين جيڪي منهنجي دل ۾ سمايل آهن.

سمجهاڻي

چوندا آهن تہ عشق ماڻهونءَ کي بهادر بڻائي ڇڏيندو آهي. عاشق ڪنهنجي بہ پرواھ ناهن ڪندا پوءِ ڀلي سڄي دنيا مخالف ڇونہ ٿي بيهي. سهڻي علامت آهي بي ڊپائيءَ ۽ بي باڪيءَ جي. تڏهن چئي ٿي تہ مون کي منهنجي محبوب ميهار جي محبت ئي جيئڻ سيکاريو آهي. هاڻي جي ڏم ۽ ان جا گهر ڀاتي تہ ڇا سڄي دنيا دشمن ٿي وڃي تہ به مون کي پرواھ ناهي. ميهار مون کي هر پل، هر گهڙي اکين، چپن، رڳ رڳ، وار وار، دل ۽ جسم جي هر حصي ۾ سدائين موجود رهي ٿو. مون کي پل پل سندس ئي تنوار رهي ٿي. شال اُهي دلربا دلبر ڪڏهن ڪا ساعت مون کان پري نہ ٿين جيڪي منهنجي دل ۾ سمائجي ويا آهن.
سو اچو تہ سهڻيءَ جي سهڻي صلاح تي عمل ڪندي اسان بہ پنهنجي محبوب ۽ جيجل سنڌ کي دل ۾ جاءِ ڏيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top