پوکڻ لانڍي:

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ شهباز علي زرداري طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2015۔

  1. شهباز علي زرداري

    شهباز علي زرداري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سيوهڻ کان ڪراچي ويندڙ رستي تي پوکڻ لانڍي جي نالي ماڳ آهي. هتان محال ڪوهستان جو علائقو شروع ٿئي ٿو. پوکڻ نئن جي اترين ڪناري-ڪرچات کان 7 ڪلوميٽر پري آهي. هي هنڌ سنڌو تهذيب ۽ آمري ڪلچر جو ماڳ آهي. هتي تاريخ کان اڳ واري دور جا آثار ملن ٿا. هتي پراڻين اڏاوتن جا پٿر ۽ ٺڪراٺو پکڙيل آهي. ڏاکڻي حصي ۾ ڌاتو-پٿر جي دور جا آثار ملن ٿا. ماڳ جي ماپ 1400x1400 فوٽ ٿيندي، اڏاوت ۾ هڪ ڀت 53x288 فوٽ ايراضي جي آهي. ست فوٽ ويڪرين ڀتين سان ڇھ ڪوٺيون آهن. جيڪا ڳالھ ظاهر ڪري ٿي ته هي هنڌ وڏي اهميت وارو هو. ڇو ته هي ماڳ اهڙي رستي تي آهي. جيڪو سيوهڻ ۽ منڇر کان ايندڙ رستو ۽ جبل لتاڙي ڪوهستان واري علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو. هتان پوء ڪيئي واٽون ٺهن ٿيون. جيڪي ڏيسارو تائين وڃن ٿيون. "انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد 3"
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو