تامل ٻوليءَ جي نامياري ناول نگار ۽ ليکڪ پيرومل مورگن جو احتجاج منهنجا ڪتاب ساڙي ڇڏيو: هاڻي نه لکندس هندستاني رياست تامل ناڊو سان واسطو رکندڙ تامل ٻوليءَ جي نامياري ناول نگار ۽ ليکڪ پيرومل مورگن پنهنجي لکڻين خاص ڪري ناول ماڌورو ڀاجن تي اعتراضن ۽ پابندين کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽنگ ۾ لکيو آهي ته”پيرو مل مورگن مصنف مري چُڪو آهي، جيئن ته هو خدا ناهي، تنهن ڪري ٻيهر زندهه نه ٿيندو، هو ٻيهر جيئرو ٿيڻ تي يقين نه ٿو رکي. هڪ عام استاد وانگر هو مورگن پيرومل طور زندهه رهندو“. فيس بُڪَ تي انهيءَ پيغام سان هن اعلان ڪيو آهي ته هُو لکڻ هميشه لاءِ ڇڏي رهيو آهي، جنهن جو سبب مقامي ۽ ذات پات تي ٻڌل گروهن جو سندس ناول ماڌورو ڀاجن خلاف احتجاج هو. مورگن پنهنجي ناشرن کي به چيو آهي ته اهي سندس ڪم کي نه ڇاپن نه ئي وڪڻن. هن چيو آهي ته هو پنهنجي نه وڪامجندڙ ڪتابن جو معاوضو ناشرن کي ڏيندو. هن ڪتاب پرهندڙن کي به چيو آهي ته اُهي سندس ڪتاب ساڙي ڇڏين ۽ گڏوگڏ اِهو اعلان به ڪيو اٿائين ته هُو ڪنهن به علمي ادبي ميلي ۾ نه ويندو. 2010ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيل ناول ماڌورو ڀاجن ۾ هڪ سئو سال اڳ جو دور ڏيکاريو ويو آهي. هيءَ هڪ غريب، بي اولاد جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ گهر واري جيڪي چاهي ٿي گهري وٺي ٿي ۽ قديم هندو رٿ جي تهوار ۾ حصو وٺي ٿي. مورگن هن ناول ۾ ذات پات جي نظام جي ظلم ۽ معاشري جي براين کي پيش ڪيو آهي. ڀارت ۾ڪتابن تي پابنديءَ جي هڪ تاريخ آهي، جن ۾ اڪثر مذهبي ۽ برادريءَ جي جذبن کي مبينا طور ڌڪ رسائڻ، ملڪ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ ۽ فحاشيءَ جي الزامن سبب لڳايون وڃن ٿيون. پر ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو ته ڪنهن مصنف ان کان پوءِ اهڙي قسم جو ردعمل ظاهر ڪيو هجي. گذريل سومر تي مورگن ۽ سندس مخالفت ڪندڙ گروهن وچ ۾ نام نهاد امن گڏجاڻيءَ کان پوءِ مصنف طرفان اهڙو رد عمل سامهون آيو آهي. مصنف هن وقت تائين گڏجاڻي بابت ڪجهه ناهي ڪُڇيو. ساڻس گڏجاڻي ڪندڙ گروهن مطالبو ڪيو هو ته مصنف غير مشروط معافي وٺي، تڪراري حصا هٽائي، وڪاميل ڪاپيون واپس وٺي ۽ اهڙي قسم جي تڪراري موضوعن تي لکڻ بند ڪري، جنهن سان ماڻهن جا جذبا مجروح ٿين ٿا. مورگن جو ڳاڻيٽو تامل زبان جي مشهور ۽ سٺن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. سندس ناولن ۾ تامل ناڊو جو اولاهون حصو ڏيکاريو ويندو آهي، جتي هو پيدا ٿيو آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار مٿو ڦيرائي ڇڏيندڙ تبديليءَ جي هوا ۾ ڦاٿل ماڻهو پورهيتن ۽ هڪ اهڙي ٻار تي مشتمل آهن، جيڪو پنهنجي پيءُ جو قرض چُڪائڻ لاءِ اوچي ذات جي ماڻهن وٽ زبردستي مزدوري ڪري ٿو. هن ذات پات جي بنياد تي ٿيندڙ مت ڀيد خلاف لکيو آهي. هن پنهنجي والد جي باري ۾ به لکيو آهي، جيڪو گهر جي چُلهه ٻارڙن لاءِ سئنيما ۾ سوڍا وڪڻندو هو.