داعش افغانستان ۾ ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2015۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    داعش افغانستان ۾ ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون

    داعش طرفان افغانستان ۾ نوان جنگجو ڀرتي ڪرڻ جا پڪا ثبوت پهريون ڀيرو سامهون آيا آهن. هلمند صوبي جي اڳوڻي طالبان ڪمانڊر ملا عبدالرئوف داعش جي اطاعت جو اعلان ڪيو آهي. سنگين ضلعي جي هڪ بزرگ سيدالدين سنگينوال برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته نئين گروهه طالبان جا اڳوڻا جهنڊا لاهي داعش جا ڪارا جهنڊا جهولايا آهن ۽ ان کانپوءِ طالبان سان ويڙهه به ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين جي ويڙهه ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.
    علائقي ۾ افغان فوج جي يونٽ جي نائب ڪمانڊر جنرل محمود به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪو نئون گروپ جُڙڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته هو داعش جي مقصد لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ان ڪاڻ وڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن نئين تحريڪ جو اڳواڻ اڳوڻو سينيئر طالبان ڪمانڊر آهي، جنهن کي آمريڪي فوجين 2001ع ۾ پڪڙي گوانٽاناما موڪلي ڇڏيو هو، جتي هو ڇهه سال رهيو، چيو وڃي ٿو ته سندس تحريڪ طالبان جي اڳواڻ ملا عمر سان جهيڙو ٿي پيو آهي.
    هوڏانهن هڪ صوبائي گورنر امير محمد جو چوڻ آهي ته داعش ان کان اڳ هڪ ٻي ڏاکڻي اولاهين صوبي فرح ۾ به ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اتان کين مقامي ماڻهن پوليس جي مدد سان تڙي ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته اِهي ساڳيا ئي ماڻهو آهن، پهريون القاعده جي جهنڊي هيٺ وڙهيا، پوءِ طالبان طور ۽ هينئر داعش طور. اِهي ساڳيا ئي ماڻهو آهن ۽ سندن پروگرام هڪ ئي آهي.
    هلمند صوبي جي فوجي ڇانوڻيءَ جي مرڪزي آفيس ۾ سياسي اڳواڻ کي باور ڪرائڻ لاءِ ته هاڻي هتي افغان فوجين جو ڪنٽرول آهي، هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. ڪيپ بيشين، جيڪا ڪڏهن برطانوي فوج جي ڪنٽرول ۾ هئي، هاڻي اتي افغان فورسز جو ڪنٽرول آهي. ڪمانڊرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن داعش افغانستان ۾ قدم ڄمائي ٿي ته جنگ جي نوعيت ئي تبديل ٿي ويندي. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ملا عمر ڪمزور ٿئي ٿو ۽ داعش ملڪ ۾ زور وٺي ٿي ته افغان صدر اشرف غنيءَ جي نئين حڪومت لاءِ به وڏا چيلينج پيدا ٿيندا جنهن فقط ٽي مهينا اڳ ئي عهدو سنڀاليو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو