پيرس واقعو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2015۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پيرس واقعو ! اولهه ۽ مسلمان ملڪن ۾ رابطو وڌائڻ جي گُهرج

    ڊاڪٽر عائشه صديقه

    اسان کي پيرس ۾ٿيل حملن تي خاموش رهڻ بدران انهن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. حقيقت ۾ سوشل ميڊيا ۾ هن معاملي تي راءِ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. پر اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي خاموشي ڏسي حيرت ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ سعودي عرب جي سفير ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏجي فوت ٿي ويلن جي ياد ۾ ڪيل مارچ ۾ حصو ورتو پر ان جي ملڪ ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ ان موضوع تي ڳالهايو ئي ناهي ويو. شايد مسلمان ملڪن ۾ ترڪي واحد ملڪ آهي، جتي چارلي هيبڊو جي حمايت ۾ هڪ تمام وڏو مظاهرو ڏسڻ ۾ آهي، جيستائين اسانجو تعلق آهي، اسان عمران خان جي شادي ۽ ٻين معاملن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ئي تيار ناهيون.
    جيتوڻيڪ پاڪستان سميت اڪثر مسلمان رياستن جي حڪومتن پيرس جي مقتولن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو پر قتل جي سبب کي نظرانداز ڪرڻ ئي مناسب سمجهيو ويو. پشاور واري حملي تي مضمون لکيا ويا، راءِ ظاهر ڪئي وئي ۽ ٽي وي ڪوريج ڏني وئي پر پيرس واري واقعي جو صرف هڪ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ذڪر ڪيو،جڏهن ته هڪ ٻي اخبار ان تي مضمون شايع ڪيو جيتوڻيڪ انهن ٻنهي مضمونن ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي هئي ته چارلي هيبڊو جي طرزعمل تي الجزائر جي ڪواش ڀائرن جو ردعمل اڻٽر هو.
    هن وقت اسان جي سامهون ٻه متضاد رويا آهن. هڪ طرف اسان پنهنجي مذهب جي حوالي سان يورپ يورپي خاص ڪري فرانسيسي رويي کي ڏسي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف مسلمانن جي عقيدي ۽ مذهبي گهرجن جو انتهائي احترام به سامهون آهي. هاڻي معاملو هي آهي ته ٻئي سماجي ۽ سياسي نظام غلطين کان پاڪ ناهن. مذهب جي حوالي سان ٿيل تلخ تجربي لاءِ ان کي جواز بڻائيندي ٿيندڙ تشدد سبب فرانس مذهب جي باري ۾ هڪ مخصوص رويو رکي ٿو. جيتوڻيڪ پاڪستان ڄائي برطانوي ليکڪ طارق علي ۽ اهڙي قسم جا ڪيترائي ماڻهو چارلي هيبڊو واقعي کي فرانس ۽ يورپ ۾ ٿيندڙ نسلي متڀيد جي روشنيءَ ۾ ڏسن ٿا، ان دوران هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته يورپ ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي جيڪي مذهب جي سياسي پاسي جي آڙ ۾ مذهبي عقيدن کي چيلينج ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عقيدن جي بنياد تي مسلم دنيا ۾ نظر ايندڙ اختلافن باوجود اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي، لازمي ناهي صرف بنياد پرست ئي اسلام جي پيغمبر حضور صلعم جي حرمت جي موضوع تي حساس هجن. مسلم دنيا ۾ مذهب ۽مذهبي معاملن جي حرمت جي باري ۾ روين جي شدت هڪ جهڙي ناهي پيرس حملي جي حوالي سان ٻه مختلف مثال سامهون رکڻ جي ضرورت آهي. ٻن ڪواشي ڀائرن يارهن ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو۽ پوءِ وڌيڪ ٿيل حملن ۾ قتل ٿيلن ۾ ٻه مسلمان به شامل هئا. هڪ الجزائر سان تعلق رکندڙ مصطفيٰ مراد جيڪو ميگزين جو ڪاپي ايڊيٽر هو ۽ ٻيو مسلمان پوليس اهلڪار احمد مرابط. اسان نه ٿا ڄاڻون ته اِنهن ٻنهي ماڻهن جي تڪراري خاڪن بابت سوچ ڪهڙي هئي پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هنن پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ميگزين جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    هاڻي اڻٽر ٿي ويو آهي ته دنيا کي پرامن طريقي سان پنهنجي مذهب جي حساس موضوعن جي باري ۾ ٻڌايو وڃي. پر ائين ڪندي اسانکي احساس هئڻ گهرجي ته ڪن کي اسان جي حساسيت جو ادارڪُ نه ٿي سگهندو. ان صورت ۾ تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. جيستائين پاڪستان جو تعلق آهي ته توهين جو معاملو فقط مذهبي ئي ناهي پر هي هڪ سياسي معاملو به آهي. مختلف فرقا پنهنجي پنهنجي مفاد ۽ نظرين مطابق ان جي الڳ الڳ تشريح ڪن ٿا، تنهن ڪري اها ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي ته توهين جي قانون تحت، جيڪو 1987ع ۾ ضياءُ الحق ٺهرايو هو، جن ماڻهن خلاف گهڻي ڀاڱي ڪيس داخل ٿياسي مسلمان ئي هئا. 1987 کان 2014 تائين 1434 ماڻهن خلاف هن قانون تحت ڪيس داخل ٿيا، جن مان 719 مسلمان آهن.
    گذريل ڪجهه سالن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته شڪي ثبوت باوجود توهين جو ڪيس داخل ڪيو ٿو وڃي. ان دوران اسانکي اِهي واقعا به نه وسارڻ گهرجن، جن ۾ عوام شڪي ماڻهن کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ ساڙي ماري ڇڏيو. جيتوڻيڪ انهن خلاف توهين جو ڪو ثبوت نه هو. حقيقت هي آهي ته توهين جي قانون کي گهڻو ڪري سياسي مقصدن لاءِ ئي استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو تعلق تبليغي جماعت سان هو، تنهن خلاف به توهين جو الزام لڳو ۽ ان کي سر بچائي برطانيا ۾ پناهه وٺڻي پئي ۽ هي سندس ڪيس جو افسوسناڪ پاسو آهي. جيڪڏهن هي ڪيس عدالت ۾ پيش ٿئي ها ته مختلف عالمن کي مختلف نظريا پيش ڪندي ڏسڻ دلچسپي کان خالي نه هجي ها. ائين ڪندي ٿي سگهي ٿو اُهي پاڻ به سرخ لڪيريون پار ڪري وڃن ها. جي ائين ٿئي ها ته کوڙ سارو مواد اسانکي به هٿ اچي وڃي ها، جنهن سان اسان اهڙن معاملن ۾ پرڏيهي هٿن سان نبري سگهون ها، ڇو ته هاڻي دنيا وڌ ۾ وڌ توهين تي سندرو ساهي چُڪي آهي.
    تشدد جي نتيجي ۾ ڪنهن کي اوهانجي ”ڪاز“ سان همدردي ٿي نه ٿي سگهي، ان خلاف شديد ردعمل پيدا ٿيندو آهي. اِها ڳالهه ان وقت وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿي جڏهن اِهو تاثر قائم ٿي وڃي ته هن معاملي کي جواز بڻائي القاعده جي انداز ۾ اولهه تي حملو ڪيو ويو. الجزائر جي ٻنهي شهرين کي القاعده يمن ۾ پنهنجي صفن ۾ شامل ڪيو هو ته جيئن اهو دشمن جي دل تي حملو ڪري سگهي. اسان ڄاڻون ٿا ته القاعده جو خيال اِهو هو ته اُها خوف جو ماحول پيدا ڪري رسالت جي حرمت جو تحفظ ڪري سگهي ٿي، پر چوڻو پوندو ته اُها ان ۾ ناڪام ٿي. هاڻي اهڙن توهين آميز خاڪن جي اشاعت ۾ تيزي ايندي، انهن حملن سبب يورپ کي سياسي طور مسلمان آباديءَ کي دٻائڻ جو جواز ملندو، مسلمان شهرين تي دٻاءُ رهندو ته اُهي پاڻي کي سٺو شهري ثابت ڪرڻ لاءِ اولهه جي سيڪيولرزم کي اختيار ڪن، جنهن جي لاءِ هو تيار ناهن. هيءُ گهڻ ثقافتي معاشرن ۽ ان ۾ موجود اظهار جي آزاديءَ لاءِ به هڪ امتحان آهي. هن وقت ضرورت آهي ته خاموش رهڻ بدران مسلمان ۽ اولهه واسين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿئي ته جيئن اهي اسانجي حساسيت سمجهي سگهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو