السلام عليڪم دوستو اميد ته سڀني دوستن ڏي خيئر هوندو ، جيئن ته ڪافي دوستن کي خبرهوندي ته مان صحافت سان به وابسطه آهيان هون ته مون وٽ هڪ ڪيئمرا پڻ موجود آهي جنهن سان مان پروگرام وغيره جا اميجز وٺندو رهندو آهيان پرسنگت کان اها صلاح گهرجي ته ڪيئمران کي ساڻ کڻڻ هاڻي ٿورو نه گهڻو ڏکيو لڳي ٿو جو سڄو سارو کيسو ولارجي وڃي ٿو سو اصل ڳالهه اها آهي ته مان چاهيان ٿو ڪا موبائيل وٺجي جنهن جو اسڪرين ۽ رزلٽ چڳو هجي ڪيتري رقم تائين ۽ ڪهڙي موبائيل بهتر رهندي . ان حوالي سان اميد ته دوست رهنمائي ڪندا فقير
سنڌ سلامت تي سرگرم فوٽوگرافي جي شوقين دوست گورڌن ولاسائي کي ٽيگ ڪجي ٿو.. گڏ سليمان وساڻ کي به جيڪو پاڻ فوٽو جي بهتر رزلٽ ڪري گذريل هڪ سال کان سوني جي زيڊ سيريز واري سيٽ تي نظر رکيو ويٺو آهي...
هونئن ته هر دوست پنهنجي تجربي آهر مشورو ڏيندو پر خبر ناهي اوهانکي ڪيتري رقم تائين موبائيل خريد ڪرڻي آهي ، منهنجي صلاح آهي ته سامسنگ گيليڪسي ايس4 پر 4 جِي واري ڇو ته هن ۾ 3 جِي واري به آهي خريد ڪندا هيءَ نه گهڻي سستي آهي ۽ تمام گهڻي مهانگي فيچرس به سٺا اٿس رزلٽ به چڱي وڌيڪ اوهان راز جا راڻا آهيو ، بقول سليمان وساڻ جي ته دوست مشورا ته وٺندا آهن پر ڪندا اهو ئي آهن جيڪو انهنجي پنهنجي ذهن ۽ سوچ ۾ اڳ ۾ طئه ٿيل هوندو آهي
هن وقت سامسمگ جو A 5 به سٺو پيو هلي جنهن جي فرنٽ ڪيمرا 5 ميگا پڪزل ۽ ريئر ڪيمرا 13 ميگا پگزل جي آهي. سوني ۾ ايڪسپيريا Z3 پر سيٽ مهانگا آهن .... اي 5 لڳ ڀڳ 40 هزار جو آهي.
ايپل جو وٺو سلم سيٽ به آهي رزلٽ به بهترين اٿس پر ٿورو مهانگو آهي..40 هزار تائين جي رينج جو وٺو سڀ ڪم بهترين ڪندو بيٽري بيڪ اپ به گهڻو اٿس
توهان کي صحافت جي حساب سان ڪهڙي ڪوالٽي جا فوٽو گهرجن ٿا؟ ان لا يقينن سُٺي ڪيمرا ئي کپندي. هن لنڪ تي ڪجهه موبائل جا ريويو ڏنل آهن. باقي مون کي ڪو به تجربو ڪونهي سُٺي ڪوالٽي ڪيمرا فون جو. هڪ دوست وٽ آئي فون ۽ گيلڪسي 5 جي رزلٽ تمام ڀلي آهي. http://www.tomsguide.com/us/best-phone-cameras,review-2272.html
سائين وساڻ صاحب هڪ ته پاڻ ئي 40 هزار نه لهان ٻيو ته وري شڪارپور ۾ 40 هزارن جو سيٽ ، دوست کوڙو ئي نه ٿولڳي جو اهڙو سيٽ خريد ڪجي بهرحال سائين منظور صاحب جي ٻڌايل فون سيٽ ۽ سائين گوردن جي ڏنل لنڪن کي چيڪ ٿو ڪري وٺان سدائين گڏ فقير