نوٽن جي خوشبو همراھ ڪوما مان نڪري آيو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    اوهان اهو ته ڏٺو هوندو ته ڳوٺن ۾ اڪثر مرگھيءَ جي مريض کي پادر سُنگهائي هوش ۾ آندو ويندو آهي ۽ پڻ ٻڌو هوندو ته پيسو پيسي کي ڇڪيندو آهي پر اوهان ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي نوٽن جي طاقت سان بيهوشيءَ مان هوش ۾ ايندي نه ڏٺو هوندو، اوهان کي اهو پڙهي تمام حيرت ٿيندي ته چين ۾ هڪ سال کان ڪوما واري حالت ۾ پيل شخص نوٽن جي خوشبو سُنگھي هوش ۾ اچي ويو، اتر چين جي علائقي ”شين زن“ ۾ هڪ شخص آگسٽ 2013ع تي پنهنجي ڪاروباري سلسلي ۾ ايترو ته پريشان ٿي ويو جو هڪ هفتي تائين سمهي نه سگھيو ۽ ان دوران هو حوش وڃائي ويٺو ۽ ڪوما ۾ هليو ويو، ڊاڪٽرن کيس ڪوما واري حالت کان ٻاهر آڻڻ لاءِ اڻ ڳڻيان جتن ڪيا پر اهي سڀ بيڪار ويا، جڏهن سڀ ٿڪجي ويهي رهيا ته ان دوران مريض جي خاندان وارن مان هڪ ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته مريض کي دولت سان تمام گھڻي محبت هئي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم هڪ تجربو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مريض کي نون ڪڙڪ نوٽن جي خوشبو سُنگھايائون، بس پوءِ ڇا ٿيو اهو ڏسي سڀ دنگ رهجي ويا، نوٽن جي خوشبوءَ سبب نه رڳو مريض جي جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي پر هو ٿوري ئي دير ۾ اکيون کولي نوٽن کي گھورڻ لڳو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته طبي تاريخ جو هي نرالو واقعو آهي، جو ڪو شخص علاج کان سواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪوما جي حالت مان ٻاهر آيو هجي، سندن چوڻ هو ته مريض تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي، جلد کيس اسپتال کان موڪل ڏني ويندي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    عجيب ڳالھ آ يار
     
  3. شهباز علي زرداري

    شهباز علي زرداري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واھ استاد واھ ڪنهن وسيلي يار سجاڳ ته ٿيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    ھاھاھا پئسي سان ايتري محبت چڱي ناھي پرين
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    اهيو نوٽن جو ڪمال آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو