• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ذوالفقار علي ڀٽي جا تاريخي ڪارناما

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ZA-Bhutto1.jpg

لطيف مغل

ملڪي تاريخ ۾ 4 اپريل 1979ع جي ڏينهن کي هڪ مخصوص ڏينهن طور ياد رکيو وڃي ٿو. ان ڏينهن هڪ آمر پنهنجي آمراڻي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ عوام جي محبوب قائد کي سوليءَ چاڙهيو ويو هو. ان ڏينهن عوام جو نمائندي آواز کسيو ويو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جا سونهري خواب چڪناچور ڪيا ويا ۽ ملڪ تي آمريت جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو عالمي سياسي تاريخ جو هڪ دلير مدبر، اصول پسند، دورانديش سياستدان ۽ تاريخ ساز شخصيت طور هميشه ياد رکيو ويندو.

ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي مختصر سياسي زندگيءَ ۾ ملڪ ۽ عوام لاءِ تاريخي ڪارناما سرانجام ڏنا. 1970ع ۾ فوجي آمر جي غلط پاليسين سبب ملڪ ٻه ٽڪر ٿي چڪو هو. عوام يحيٰ خان کي ملڪ ٽٽڻ جو ذميوار قرار ڏئي چڪو هو ۽ روڊن تي نڪرڻ شروع ڪيو هو. اهڙي صورتحال ۾ فوجي آمر مجبور ٿي اقتدار جون واڳون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيون. ڀٽو صاحب کي جنهن وقت اقتدار مليو، ملڪ ٽٽڻ سبب عوام مايوس ٿي چڪو هو، ڀارت سان جنگ سبب اقتصادي صورتحال خراب هئي پرڏيهي ساٿ ڇڏي چڪا هئا. فوجين سميت 93 هزارن کان وڌيڪ پاڪستاني ڀارت ۾ قيدي بڻايا ويا هئا. 5 هزار چورس ميل ايراضي تي ڀارت قبضو ڪري ورتو هو. اهڙي صورتحال ۾ اسان وٽ ڏي وٺ لاءِ ڪجهه به نه هو، اوڀر پاڪستان اسان وڃائي ويٺا هئاسين. پر هڪ ڀٽي صاحب جي سياسي مهارت ۽ ٻيو وري مسزا اندرا گانڌيءَ جي دور انديش سوچ سبب جيڪو دستاويز شملا معاهدي جي شڪل ۾ سامهون آيو تنهن کي ڏسي هر ڪنهن چيو ته موجوده حالتن ۾ ان کان وڌيڪ بهتر ڪو معاهدو نه هو. اسان کي پنهنجو والاريل علائقو واپس ملي ويو. ڀارت اسان جي مطالبي کي مان ڏيندي سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو. (2) جولاءِ 1972ع تي شملا معاهدو عمل هيٺ آيو. ڀٽو صاحب جي اڳيان چار عظيم مقصد هئا، (1) اسلامي دنيا جو اتحاد، 2 ايتمي طاقت جو حصول (جنهن لاءِ فرانس سان ايٽمي دي پروسيسنگ پلانٽ جو معاهدو ڪيو)، (3) عوام جو مورال بلند ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪي ساک بهتر بڻائڻ، (4) ملڪ کي اقتصادي طور مضبوط ڪرڻ، اهي چار ئي مقصد ماڻن لاءِ ڀٽو صاحب جدوجهد شروع ڪئي.

پهرين مرحلي ۾ هن (24) جون 1972ع کان دنيا جي ستن وڏن اسلامي ملڪن جو طوفاني دورو ڪيو. هو ايران، ترڪي، مراڪش، الجزائر، تيونس، لبيا ۽ شام ويو ۽ اسلامي اتحاد لاءِ ابتدائي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون، جنهن ۾ اسلامي ملڪن جي گڏيل دفاع لاءِ اسلامي فوج جو قيام، اقتصادي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ مشترڪه اسلامي بينڪ جو قيام جنهن جون ٻه وڏيون شاخون جدي ۽ اسلامي آباد ۾ قائم ٿينديون هيون ۽ تيل کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو مشورو، جيڪو شهيد ڀٽو عرب دنيا کي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اوپيڪ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ عرب-اسرائيل جنگ ۾ تيل جي هٿيار کي اسرائيل خلاف ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. ويو.

شهيد ڀٽو 1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، جيڪا 24 فيبروريءَ کان 27 فيبروريءَ تائين جاري رهي. هن ڪانفرنس ۾ 39 ملڪن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. 1974ع ۾ جڏهن اسرائيل آمريڪا جي مدد سان ٽن عرب ملڪن اردن، مصر ۽ شام تي حملو ڪيو ته شهيد ڀٽي شام جي صدر حافظ الاسد جي مدد لاءِ پاڪستان جي هوائي فوج جا ويڙهاڪ جهاز موڪليا، جنهن سبب شام جو تحفظ ممڪن ٿي سگهيو، جيڪڏهن ڀٽي صاحب جي اسلامي فوج يعني اسلامي ملڪن جي گڏيل دفاع وارو خواب ساڀيان ٿئي ها ته اڄ ايران، افغانستان، عراق، فلسطين، مصر ۽ شام اسلام دشمنن جي هلائڻ جو نشانو نه بڻجن ها.
 
شهيد ڀٽو 1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، جيڪا 24 فيبروريءَ کان 27 فيبروريءَ تائين جاري رهي. هن ڪانفرنس ۾ 39 ملڪن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. 1974ع ۾ جڏهن اسرائيل آمريڪا جي مدد سان ٽن عرب ملڪن اردن، مصر ۽ شام تي حملو ڪيو ته شهيد ڀٽي شام جي صدر حافظ الاسد جي مدد لاءِ پاڪستان جي هوائي فوج جا ويڙهاڪ جهاز موڪليا، جنهن سبب شام جو تحفظ ممڪن ٿي سگهيو، جيڪڏهن ڀٽي صاحب جي اسلامي فوج يعني اسلامي ملڪن جي گڏيل دفاع وارو خواب ساڀيان ٿئي ها ته اڄ ايران، افغانستان، عراق، فلسطين، مصر ۽ شام اسلام دشمنن جي هلائڻ جو نشانو نه بڻجن ها.

ڪاش اسلامي ملڪ ڀٽي کي بچائي وجهن ها ..... جي ايئن ٿئي ها ته اسلامي دنيا جو اميج ئي ٻيو هجي ها.
 
اھو ڪارنامو به ڀثي جي کاتي م رھندو ته جڏھن ڪير کيس ترسائڻ لا تيار نه ھو،انوقت ڪاڪي علڻ ٿيٻو ۽ امداد محمد شاھ دادو گيسث ھائوس جا تالا ثوڙي ڀثي کي ترسايو ھو،ساڳئي ڀثو ڪاڪا علڻ ٿيٻو کي جيل ياترا به ڪرائي ھو،۽ علڻ خان جيل م بند رھيو
 
Back
Top