دهشتگردي ۽ سرمائيداري ڳالھ هڪ آهن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر لال خان

    هونئن ته رتو ڇاڻ هن ملڪ جو معمول آهي پر پشاور سانحي واري بربريت معمول کان ڪجهه وڌيڪ هئي، جنهن سماج جو صدمو ويتر وڌائي ڇڏيو. درسگاهن تي دهشت گردي ۽ ڊرون حملا ته اڳ به ٿيا، ٻار ٿر ۾ به مري رهيا آهن ۽ 1132 ٻار روزانو غذائي قلت ۽ قابل علاج بيمارين سبب مرن ٿا پر ڪنهن هڪ واقعي کي ”وڏو ڪري“ نه رڪجڻ وارو قتل عام ان جي پٺيان لڪايو وڃي ٿو. پشاور ۾ مذهب جي نالي ۾ دهشت گردي ڪندڙ درندن هٿان ڏيڍ سئو ٻارڙن جي قتل کانپوءِ عوام ۾ موجود غم ۽ غصي کي سوڳ ۽ مايوسيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي.ڪارپوريٽ ميڊيا به ان سلسلي ۾ حڪمران طبقي جي مڪمل مدد ڪئي. هاڻي ان مايوسيءَ کي خوف ۾ تبديل ڪري عوام کي سياسي سماجي ۽ نفسياتي طور مجروح ڪيو پيو وڃي.

    انتشار سان ڀريل معاشري تي براجمان حڪمرانن جي نااهلي واضح ٿي وئي آهي. هڪ مفلوج معيشت ۽ متروڪ نظام جي محافظ سياسي اشرافيه جو وقتن به وقتن ٿيندڙ سانحن تي رد عمل منافقيت سان لبريز هوندو آهي. هي حڪمران رتوڇاڻ کي به پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا. سندن پاليسيون تڪراري، لائحه عمل ٺڳيءَ سان ٽمٽار ۽ ارادا منفي هوندا آهن. دهشت گردن خلاف عوام کي اڀارڻ ۽ عزم ۽ همت ڏيڻ بدران ان کي بردلي ۽ وڌيڪ دهشت ۾ مبتلا ڪيو ٿو وڃي. رياستي جبر عوام تي وڌيڪ وڌايو ٿو وڃي ۽ وري ان ئي رياست کي عوام کي نجات ڏياريندڙ ڪري پيش ڪيو ٿووڃي. رياست طبقاتي سماج مان برآمد ٿيندي آهي ۽ حڪمران طبقا هٿيار بڻجي پورهيت عوام تي مسلط ٿي وڃن ٿا. رياست ۽ معاشري وچ ۾ هڪ فاصلو ۽ فرق قائم ٿي ويندو آهي ۽ بالادست قوت طور سماجي نفسيات تي حاوي ڪئي ويندي آهي. ٻاهرين جنگين لاءِ ته هي سلسلو ڪنهن حد تائين هلي ويندو آهي پر نظام جو معاشي ۽ سماجي بحران اندروني سطح تي به ان کي خونريز قوت بڻائي ڇڏيندو آهي، جيڪا ڪڏهن مذهب جي نالي تي ڪاري ناڻي جي تحفظ لاءِ تشدد جو استعمال ڪندي آهي ته ڪڏهن قوميت ۽ لسانيت جي تعصبن جي بنياد تي بدعنوانيءَ جي ڍال بڻجي ويندي آهي.

    هتان جا واسي اڳ گهٽ خوف ۽ حراس ۾ مبتلا هئا، جو هاڻي مذهبي دهشت گرديءَ جو خوف سرڪاري سطح تي سندن نفسيات تي ٿاڦيو پيو وڃي. حڪمرانن جو اهو موقف ئي سندن ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو ته ماڻهو پنهنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪن. عوام کي پنهنجي حفاظت لاءِ خالي محافظ ئي رکڻا آهن ته پوءِ رياست جو باقي ڪهڙو ڪم رهجي وڃي ٿو؟ ڪهڙن بنيادن تي 90 سيڪڙو سڌو ٽيڪس غريب ماڻهن جي رڳن مان نچوڙي ڪڍيو وڃي ٿو؟ حملي خلاف سڀ کان وڏو دفاع جوابي حملو هوندو آهي. دهشت گرديءَ خلاف جوابي ۽ فيصلاڪن حملو محنت ڪش عوام ئي گڏيل بنيادن تي هڪ ٿي ڪري سگهي ٿو. پر عوام کي انهيءَ درندگيءَ خلاف اڀارڻ کان هي حڪمران ان ڪري ڊنل آهن جو سندن پنهنجي ڦرلٽ کي خطرو پيدا ٿي پوندو آهي ۽ حڪمرانن کي انهيءَ حقيقت جو ڀلي ڀت اندازو آهي.

    ڪارپوريٽ ميڊيا به ”جان ۽ مال جي“تحفظ جي ڳالهه ڪندي ”جان“ تي گهٽ ۽ ”مال“ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهي آهي. ڇو جو غريبن وٽ ته صرف ”جان“ ئي هوندي آهي. ”مال“ حڪمرانن وٽ هوندو آهي. عوام هڪ طرف صدمن جو ڦٽيل آهي ته ٻئي طرف رياست جي خوف سبب هڏڪين ۾ آهي. پاڪستان جي پيداواري صنعت زوال جو شڪارُ آهي. فيڪٽريون ۽ ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن. پر ڪي ڌنڌا اهڙا آهن جيڪي ڏينهن ۾ ٻيڻ تي ته رات ۾ چئونڻ تي ترقي ڪن ٿا. غور ڪيو وڃي ته اهي ٽيئي ڌنڌا انسان جي سماجي بيگانگي ۽ معاشرتي خوف منجھان وڌندا ويجھندا آهن. پشاور سانحي کانپوءِ ته سڪيورٽي فرمن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن. هاڻي ته انهن فرمن کي ملندڙ ڪاروباري ايوارڊن جا اشتهار به شايع ٿي رهيا آهن. سڪيورٽي جا گهڻا خانگي ادارا ريٽائرڊ اشرافيه جا آهن، جتي ڪم ڪندڙ گارڊن کان انتهائي ٿورڙي اجرت تي ڏينهن رات ڪم ورتو ٿو وڃي. اهي گارڊ به گهڻي، ڀاڱي ريٽائرڊ سپاهي ئي هجن ٿا. جيڪي عمر جي آخري حصي ۾ چند هزار رپين عيوض پنهنجون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. عوام جي دفاع کي جيڪڏهن ڪاروبار بڻايو ويو آهي ته ”ملڪ ۽ قوم“ جي دفاع جي صورتحال به مختلف ناهي. اڄ ڪنهن قوم جو وجود ڪنهن ٻي قوم سان دوستي يا دشمنيءَ کانسواءِ قائم رهي نه ٿو سگهي، ٻين قومن سان جنگيون ۽ دشمنيون اصل ۾ پنهنجي حق ۾ خوف پکيڙڻ جو هڪ طريقو آهي، جنهن تحت دفاعي بجيٽ ٺهي ٿي، هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنيون نفعو ۽ حڪمران ڪميشن ڪمائن ٿا. عوام کي ماني ملي نه ملي ان جي حفاظت لاءِ مهانگا هٿيار بهرحال خريديا ويندا آهن. جنگيون هن نظام جون اڻٽر ضرورتون آهن، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ وڌيڪ پيداوار جي سرمائيداري بحران جو نتيجو هيون، جن ۾ ٿيل تباهيءَ جي نئين سِرِ تعمير هن نظام کي وقتي سهارو ڏنو.ان کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ٿيل جنگين ۾ گهرو ويڙهن جا نتيجا به ڪي گهڻو مختلف ناهن. 1945 کانپوءِ ٿيل تڪرارن ۾ ٻي مهاڀاري جنگ کان ٽيڻ تي وڌيڪ انسان موت جو بَکُ بڻيا.

    1916ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي تباهين بابت پنهنجي ساٿي انيسا آرمنڊ جي سوالن جا جواب ڏيندي لينن چيو هو ته ”جنگ انتهائي تباهي مچائيندڙ ٿيندي آهي، پر ايتري ئي حد تائين نفعو ڏيندڙ به هجي ٿي“ آمريڪي سامراج جي جارحيت ۾ جتي ان جو خزانو خالي ٿي ويو آهي اتي ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪس ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين هزارين ڊالر به ڪمايا آهن. اهڙيون گهٽ قومي اجاراداريون به آهن جيڪي انسانن کي برباد ڪرڻ جا اوزار ۽ زندگي بچائڻ جون دوائون هڪ ئي وقت تيار ڪن ٿيون. رياستن جون پرڏيهي پاليسيون آخري تجزيي ۾ اهي ڪمپنيون ئي جوڙينديون آهن. ايران جو ايٽمي پروگرام خطرناڪ ٿي سگهي ٿو پر آمريڪا جنگي صنعت لاءِ انتهائي نفعي وارو ۽ ”مفيد“ آهي. جنگي اوزارن جي هڪ آمريڪي اجارا دار ڪمپنيءَ جي نئين جنگي جهاز ايف-35 جي قيمت 142 ملين ڊالر (تقريبن 15 ارب رپيا) آهي ۽ سمورو پئسو آمريڪي عوام کي ”پنهنجي حفاظت“ لاءِ هٿيار ٺاهيندڙ صنعت جي ٽجوڙين ۾ وجھڻو پوندو. انهن جهازن جي پيداوار ۽ خريداريءَ تي جيڪو پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي، ان مان هر بي گهر آمريڪي خاندان کي گهر ملي سگهي ٿو. هن جديد جهاز کي 1940ع جو ريڊار به پڪڙي سگهي ٿو. ٻين ڪيترين ئي خامين سبب ايف-35 وارو منصوبو ڪيترائي سال رولڙي جو شڪارُ رهيو.

    نفعي تي ٻڌل نظام ۾ جڏهن نفعي جي شرح ڪرڻ لڳي ته ان کي بحال ڪرڻ لاءِ حڪمران چريائپ جي حد تائين حد پار ڪري ويندا آهن، پوءِ چاهي انساني نسل کي تباههُ ئي ڇو نه ڪرڻو پئي. هيءُ سماج سرمائيداري نظام جي تاريخي مترو ڪيت جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي ۽ ان موذي مرض انساني تهذيب جو وجود ئي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آهي. سرمائيداري ۽ دهشت گرديءَ ۾ فرض صرف اصطلاح جو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو