ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ٽيهارو کن سال ٿيندا جو مون اخبارن ۾ ڪالمن لکڻ جي شروعات ڪئي. ڀريا ويهه سال پنهنجي ويڙهيچن سان ويچار ونڊڻ جو موقعو مليو، انهيءَ عرصي دوران حالتن جا ڪيترا واهڙ وهي چڪا آهن، جنهن نسل مون کي جوانيءَ ۾ پڙهيو، سي پوڙها ٿي ويا، جيڪي ٽيهه سال اڳ ڄاوا، اهي جوان ٿي چڪا آهن. هاڻي سوچن ۽ لوچن جي واڳ انهن جوڌن جوانن جي هٿ ۾ آهي، جن جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ پيڙهيءَ جي وڇوٽي موجود آهي. اها وڇوٽي، جنهن ۾ اسان ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪنهن به قسم جو علمي ۽ نظرياتي رابطو موجود ڪونهي. نوجوان، مان ۽ منهنجو نسل هڪ ئي قومي قطار جي ٻن آخري ڇيڙن تي موجود آهيون. اسان جو نئون نسل علم ۽ عقل، مطالعي ۽ مشاهدي جون اهي منزلون ماڻي چڪو آهي، جو انهيءَ کي اسان جي نسل جي ڪنهن نصيحت ۽ وصيعت جي ڪابه ضرورت ڪانهي، پر پوڙهو ماٺ ڪري ويهي، اها انساني نفسيات ئي ڪانهي، مغربي ملڪن اهو سمجهيو ته پوڙها نئين نسل جي سماجي آزاديءَ ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ اجايو بزرگي مڙهڻ کان مڙڻ وارا ڪونه آهن، ان ڪري انهن لاءِ سهولت، ڀريون پناهه گاهه جوڙائڻ شروع ڪيائون. اسان مالي ۽ سماجي حوالي سان اڃا انهيءَ منزل تي نه رسيا آهيون. انڪري ايڪڙ ٻيڪڙ مثالن کان سواءِ وڏي ڄمار وارن ماڻهن جي هڪ هٽي گهڻي ڀاڱي قائم ۽ دائم آهي. پاڻ جيستائين وڏي ڄمار وارن ۽ نئين نسل جي باهمي لاڳاپن جي حوالي سان ڪنهن نئين سوشل ڪانٽريڪٽ لاءِ آماده ٿيون، ان وقت تائين هيءَ ڳالهه مڃڻي پوندي ته جيڪڏهن کارو پاڻي پيئڻ لائق نه هوندو آهي ته ان سان باهه وسائي سگهجي ٿي. اهڙي حساب سان، جيڪڏهن وڏي ڄمار وارن جي تجربي ۽ مشاهدي مان لاڀ پرائي سگهون ٿا ته اهو چڱو. انهيءَ جواز جي آڌار تي، آئون ٻيهر، يا کڻي چئجي ته زندگيءَ جي شام وقت ڪنهن سهڻي سانجهه جي آس ۾ وري ڪالم نگاريءَ طرف موٽي رهيو آهيان، ان جو بنيادي ڪارڻ هيءُ آهي ته سنڌ جن حالتن مان گذري رهي آهي ۽ سنڌ واسي جنهن ڏاڪي تي بيٺا آهن، اها صورتحال ڪيترن ماڻهن کي سوچڻ تي آماده ڪري ٿي ته سنڌ ۽ سنڌ واسين کي نئين سوشل ڪانٽريڪٽ جي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان سوچن، لوچن ۽ رويئن جا قبلا درست نه ڪيا ته حالتن جي پاڻيءَ ۾ لوڻ جيان ڳرندا وينداسين. اڳ چيو ويندو هئو ته ”جيترا منهن، اوتريون ڳالهيون“ پر هاڻي ايئن ٿو لڳي ته ”جيترا ماڻهو، اوترا نظريا“ هن وقت اسان جهڙوڪ ڪنهن به ڳالهه تي ڪو ڊائلاگ ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، بس تضادن جي ڏاڪڻ تي چڙهي آسمان مان تارا لاهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون، پر ٻڌائڻ لاءِ آتا آهيون، اسان مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، پر مڃائڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آهيون، گليءَ گهٽيءَ ۾ اسڪول کلي ويا، پر گهر گهر ۾ ماتم اهو ئي آهي، ماڻهو جي دل تي خود غرضي ۽ انا پرستيءَ جو قبصو اڃا به مضبوط ٿي رهيو آهي. اسان ”محاذ آرائي“ کي پنهنجي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي، اندر مان ”مفاهمت“ کي نيڪالي ڏئي رهيا آهيون، ڪا ڳالهه ڪانهي، ڪو موقعو ڪونهي جو اسان مهاڏو نه اٽڪايون. بس اسان کي وڙهڻ، ورچڻ ۽ رسڻ جو فقط وجهه ۽ موقعو گهرجي. سنڌ کي نئين سوشل ڪانٽريڪٽ جي ضرورت آهي. اسان کي ڪيترين ڳالهين ۽ ڪيترن مسئلن تي فيصله ڪن قومي ۽ اجتماعي راءِ قائم ڪرڻي پوندي، پر نئين سوشل ڪانٽريڪٽ جي روشنيءَ ۾ اسان کي عشق ۽ محبت جون نيون وصفون بيان ڪرڻيون پونديون، عزت ۽ غيرت جا اصطلاح درست ڪرڻا پوندا. نفرتن ۽ ڪدورتن جا احاطا مقرر ڪرڻا پوندا. سماجي، مذهبي ۽ سياسي پيل پاون جو قد بت ماپڻو پوندو. استاد ۽ قلم ڌڻي جي قومي ڪردار جا خدخيال نئين سر تجويز ڪرڻا پوندا. نظرياتي ٺيڪيداري روين، منطقي لهجن ۽ عقلي دعويداري جا نوان پئمانا تجويز ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ سنڌ واسي کي ”جيئن ۽ جتي“ جي بنياد تي نه ته خوش رکي سگهجي ٿو ۽ نه وري انهن جي روشن مستقبل جي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. انهيءَ حوالي سان هر ڳالهه تي سنگت سان ويچار ونڊڻا آهن ۽ حال اورڻا آهن. اها ئي آس رکي هن ڪالم جي حوالي سان نئين نسل جي در تي سلام ڀرڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان. هن ڪالم جو سرو تجويز ڪيو اٿم ”تو بن جاني! هيءُ جهان“ جنهن جو مطلب ۽ پيغام هي آهي ته اسان رسمن، گروهن، پريشر، لالچ ۽ آسرن وغيره تي زندگي گهاري رهيا آهيون. زندگي ته اسان جي آهي، پر ان لاءِ ايجنڊا ٻيا جوڙن ٿا ۽ اسان ان تي اکيون ٻوٽي عمل ڪيون ٿا. جهڙوڪ هن جهان ۾ هوندي به اسان جو ڪو عمل دخل ڪونهي. اسان پنهنجي نفي ڪري، هن جهان کي منفي روپ ڏنو آهي. جهان اسان جو آهي، پر جهڙوڪر اهو اسان کانسواءِ آهي. (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)