• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڪاش انصاري

Rabel Napar Sindhi

سينيئر رڪن
هڪ سپني جي ساڀيان خاطر *


هڪ سپنو !

جنهن جي ساڀيا خاطر،

پنهنجي نيڻ جي صليبن تي ٽنگيل،

سوين سپنن کي گُهٽا ڏئي اسان ماريو آ،

اهو سپنو !

سهاڳ رات جي جوڙي جيان،
ٻهڪيل ٻهڪيل.

سهاڳ رات جي مينديءَ جيان

خوشبوءِ خوشبو،

سهاڳ رات جي ڳيچن جيان،

سادو، سادو.

سهاڳ رات جي لمحن جيان،

جاڳيل، جاڳيل،

اهو سپنو!

جنهن جي ساڀيا خاطر،

پنهنجي جيون جي چوسول مٿي،

ڪنهن ٿري ٻار جي پياسي نگاهن جهڙيون،

اسان پنهنجي سهاڳ جون راتيون

ڪنهن ننڍڙي واڪ تي نيلام ڪيون،

سو بہ سرعام ڪيون،


پنهنجي هر آرزو ۽ چاھ جي چاٻين جي ڳُڇا،

سنڌوءَ جي پيٽ ۾ اُڇلائي ڇڏيا،

۽ پنهنجي موه جا ننگا لاشا،

پنهنجي خوشين جي جنازن وانگر

بنا خوشين جي ئي دفنائي ڇڏيا،

سرير پنهنجي ۾ صدين کان سجيل،

صنم ڪدن کي لڳائي تيلي،

وٺي بدلو اسان جي محرومين کان

پنهنجي ناڪامين جو جشن ڪيو

رڳو هڪ سپني جي ساڀيا خاطر.


رڳو هڪ سپني جي ساڀيا خاطر ،

رشتن، ناتن جي رب کان منڪر ٿي،

باغي ٿي،

ڪفر ڪري ، ڪافر ٿي،

تتل واريءَ کي،

پير ڦلڻن جا،

زهر ڪٽورين کي،

چپڙن جا،

رڻن جي رڃ کي بہ

نظرن جا ،

ڪيڏا ناياب ڏناسين تحفا،

لطيف جي ڪلام جا نسخا،


۽ بيقرار من جي جوڳيءَ کي،

رات جي زخمي ڪيل روڳيءَ کي،

لکين تنهائين جا تياڳ ڏئي،

بره جي بن سندا بيراڳ ڏئي،

دل جي هر ساز کي ،

دردن ڀريو آواز ڏئي،

ضمير پنهنجي کي،

ماريءَ جهڙو انداز ڏئي،

پنهنجي احساس جي منصورن کي،

پاڻ ئي پنهنجي هٿن ساڻ

سوريءَ تي چاڙهيو.

پنهنجي خوشين جي حقن کي ماريو،


پنهنجي هر آتما ڪنگال ڪري،

ڪڍي ديوالو پنهنجي لڙڪن جو ،

پاڻ کي حال مان بيحال ڪري،

انهيءَ سپني کي،

انهيءَ خواب کي ماڻڻ خاطر،

اُڀاڳي نينگريءَ جي،

ڪنهن لڪل گناھ جيان

پنهنجي شعور جي ڪُک ۾،

نپايو، تاتيو، پاليو آ،

رڳو هڪ سپني جي ساڀيا خاطر،

ڪيڏو دکڙو اسان جاليو آهي،


اهو سپنو،

انهيءَ عذاب جيان،

ڪنهن ڪنواريءَ جي پاپ ۽ پح جو،

ڪو ڊنل راز نہ آ،

پنهنجي ناڪرده گناهن جو هڪ انداز سهي،

شهر جي ڪچرا ، گهرن مان ايندڙ،

ڪا دٻيل شيخ نہ آ،

ڪو گُهٽيل آواز نہ آ،


اهو سپنو !

سهاڳ رات جي جهرمر جهڙو

ڏاڍو واضح، ڏاڍو روشن آهي،

اهو سپنو آهي،

ڏور آڪاش جي ڀاڪر ۾ ٻڪيل،

ڪبوترن جي وڳر کي محو پرواز ڏسون،

پنهنجي نيڻن جي خوشيءَ جو،

نئون انداز ڏسون،

سج جي روشنيءَ جو مرهم کڻي،

پنهنجي ٻوساٽيل ڦڦڙن کي هڻون،

سموري شڪتي کي مرڪُوز ڪري سيني ۾ ،

کُليل آزاد هوائن ۾ وڏا ساھ کڻون،

۽ تهان پوءِ اکيون بند ڪري،

پکيڙي مُرڪ، خشڪ چپڙن تي،

ڏيئي جندڙيءَ کي الوداعي چُمي،

موت جي اڻ ڏٺل منزل ڏي تڻون،

موت جي سامهون ڳاٽ اوچو کڻون

۽ پنهنجي آئيندي کي ،

اڄ ئي وڻون.

آڪاش انصاري
 
Back
Top