جبار آزاد منگي خدا بچائي نصيرآباد جي نسوار کان، نونارن جي ٻار کان، ماڇين جي گار کان، خدا بچائي. سومرن جي ساڙ کان، منگين جي ڊاڙ کان، ليمي جي لٻاڙ کان، خدا بچائي. ٻروچ جي ياريءَ کان، ڀنگين جي ٻهاريءَ کان، ناظم جواريءَ کان، خدا بچائي. ڪاٺين جي ڪم کان، (ڪاٺيا ذات جا جيڪي نصيرآباد ۾ اڪثريت ۾ آهن) واڻين جي وهم کان، گڏه جي چم کان، خدا بچائي. شيخن جي تور کان، پيروز جي زور کان، ( نصيرآباد ۾ پيروز مسڻ نالي هڪ هوٽل جو بيرو آهي) مڱڻهار جي گهور کان، خدا بچائي.