• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏکڻ آفريڪا جي اي بي ڊي وليئر واڄا وڄائي ڇڏيا.. تيز ترين ففٽي ۽ سينچري جو عالمي ريڪارڊ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
150118133151_abraham_devilliers_624x351_getty.jpg

ڏکڻ آفريڪي بئٽسمين ابراهيم ڊيوليئرز ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي تيز ترين ففٽي ۽ سينچري ٺاهي ورلڊ ڪپ 2015 کان پهريان ئي بالرن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي... پاڻ اهڙو ڪارنامون اڄ جوهانسبرگ ۾ بدنصيب ٽيم ويسٽ انڊيز جي خلاف سيريز جي ٻئي ون ڊي ميچ ۾ ڏنو..
تفصيل موجب
39 اوور ۾ بيٽنگ لاءِ ميدان ۾ لهندڙ ڊي ويليئرز رڳو 44 بالن ۾ 149 رنسن جي راند کيڏي ويو.. پنهنجي ان اننگ ۾ هن 9 چوڪا ۽ 16 ڇڪا لڳايا... سندس اهڙي طوفاني اننگ کان پوءِ ٽيم جو مجموعي اسڪور وڃي 440 تائين پهتو...
اننگ جي دوران ڊي وليئر جڏهن رڳو 16 بالن ۾ ٽن چوڪن ۽ پنجن ڇڪن جي مدد سان ففٽي ٺاهي ته ان سان هن تيز ترين ففٽي جو 18 سالا پراڻو ريڪارڊ ٽوڙي ورتو جيڪو سري لنڪا جي سنٿ جيسوريا پاڪستان جي خلاف 1996 ۾ ٺاهيو هو...
ٻڌايل اننگ ۾ ڊي وليئر جو سٽرائيڪ ريٽ 339 رهيو جيڪو ونڊي جي تاريخ ۾ 50 کان وڌيڪ رنز جي اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ سٽرائيڪ ريٽ آهي.. ياد رهي ته ڪنهن به اننگ ۾ ڪنهن سينچري اسڪور ڪندڙ جو پڻ اهو سڀ کان وڌيڪ اسٽرائيڪ ريٽ آهي..
اي بي ڊيوليئر اننگ ۾ پهريون 50 رنسون 16 بالن ۾ ته ٻيون 50 رنسون 15 بالن ۾ ٺاهيون.. اهڙي طرح رڳو 31 بالن ۾ 8 چوڪن ۽ 10 ڇڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي پر سندس بيٽ پوءِ به رنسون ٺاهيندي رهي ۽ وڌيڪ پنج چوڪا ۽ 5 ڇڪا هڻي ڪنهن به اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ 16 ڇڪن جو روهت شرما جو عالمي ريڪارڊ به برابر ڪري ورتو ..
گذريل سال جنوري ۾ نيوزيلينڊ جي اينڊرسن پاڪستاني رانديگر آفريدي جو 17 سالن وارو پراڻو ريڪارڊ 36 بالن تي سينچري ٺاهي ٽوڙيو هيو ان ڀيري به بدقسمت ٽيم ويسٽ انڊيز ئي هئي..

150118133404_south_africa_scorecard_624x351_getty.jpg


ان کان علاوه ڏکڻ آفريڪا جي 439 رنسن جي ريڪارڊ ۾ ٽن رانديگرن جون سينچريون به هڪ منفرد ريڪارڊ رهيو... مڪمل اسڪور ڪارڊ ڪجهه هن طرح هيو...

jbulW9VFyhwcRL.png
 
ڪرڪيٽ جي شائقين لاءِ ڏندين آڱريون ڏيندڙ خبر آهي.
پر
منهنجي لاءِ ته دٻي ۾ ٺڪريون..
 
هي خبر مون کي تڏهن پئي جڏهن منهنجي پفاٽبه ٿئي ته ماروٽ به ان ميسيج ڪيو ته هن تيز ترين ففٽي ٺاهي آهي.
واقعي هي خبر ڏندين آڱريون ڏيندڙ خبر آهي.
 
Back
Top