ڪفن (منشي پريم چند)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2015۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪفن
    منشي پريم چند/ اختر حفيظ

    ....................
    هي اهڙن ڪردارن جي ڪهاڻي آهي ، جن وٽ رڳو بک هوندي آهي. انهن وٽ هڪ عورت جو موت پيٽ ڀري ماني کائڻ جو سبب بڻجي ٿو. بک جيڪا اسان جي سماج جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهي. ان ئي منشي پريم چند پنهنجي تخليقي فن وسيلي هن ڪهاڻي ۾ پيش ڪيو آهي.
    ...............
    جهوپڙي جي موهڙ تي پي ۽ پٽ ٻئي هڪ وساميل مچ آڏو ماٺ ڪريو ويٺا هئا ۽ اندر پٽ جي جوان زال بڌيا ويم جي سورن سبب ڇڙيون هڻي رهي هئي. رکي رکي سندس واتان اهڙيون دل ڏاريندڙ رڙيون ٿئي نڪتيون جو ٻنهي دل ٿي جهلي ورتي. سياري جي رات هئي، ماحول سانت ۾ ٻڏل، سمورو ڳوٺ اونداهي ۾ ٻڏي ويو هو.
    گهسو چيو” ڀانيان ٿو بچندي ڪونه، سڄو ڏينهن ٿي ويو اٿس تڙپندي، وڃ ڏسي ته اچ.“
    ماڌو دردناڪ لهجي ۾ چيو ”مرڻو اٿس ته جلدي مري ڇو نٿي وڃي، ڏسي ڇا اچان.“
    ”تون وڏو ڪو بيدرد آهين. سڄو سال جنهن سان جندگاني جو سک ڀوڳيو ان سان ايتري بيوڦائي.“
    ”ته مون کان هن جو ڇڙيون هڻڻ ۽ تڙپڻ نٿو ڏٺو ٿئي.“
    ريٻارين جو ڪٽنب هو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ بدنام. گهسو هڪ ڏينهن ڪم ڪندو هو ته ٽي ڏينهن آرام، ماڌو ايترو ٽوٽي هو جو هڪ ڪلاڪ لا به ڪم ڪندو هو ته پورو ڪلاڪ چلم پيو پيئندو هو. ان ڪري ڪوبه کيس ڪم تي نه رکندو هو. گهر ۾ ان جي لپ به هوندي هئي ته انهن لا ڪم ڪرڻ جو قسم کنيل هو. جڏهن هڪ ٻه فاقا ٿي ويندا هئا ته گهسو وڻن تي چڙهي ڪاٺيون ڇانگي ايندو هو ۽ ماڌو بازار ۾ وڪڻندو هو ۽ جيستائين اهي پئسا هوندا هئا ٻئي هيڏانهن هوڏانهن رلندا رهندا هئا. جڏهن فاقن جي نوبت ايندي هئي ته پو ڪاٺيون ڪندا هئا يا ڪا مزوري ڳوليندا هئا. ڳوٺ ۾ ڪم جي ڪا کوٽ نه هئي هارين جو ڳوٺ هو. محنتي ماڻهو لا پنجاهه ڪم هئا پر هنن ٻنهي کي ماڻهو انهن وقتن ۾ سڏائيندا هئا جڏهن ٻن مان هڪ جو ڪم حاصل ڪري به قناعت ڪرڻ کان سوا ڪو ٻيو چارو نه هوندو هو. ڪاش ٻئي ساڌو هجن ها ته انهن کي قناعت ۽ توڪل لا نفس جي ضبط موجب ضرورت ئي نه هجي ها. عجيب زندگي هئي هنن جي. گهر ۾ ٻن ٽن ٿانون کانسوا ڪابه ملڪيت نه هئي. ڦاٽل ڪپڙن سان پنهنجي اوگهڙ ڍڪيندي جڳ جي ڳڻتين کان آزاد، قرض ۾ ٻڏل. گاريون به کائيندا هئا، مارون به کائيندا هئا پر ڪو ڏک نه هو. مسڪين ايترا جو وصولي جي اميد نه ٿيڻ تي ماڻهو انهن کي ڪجهه نه ڪجهه قرض ڏئي ڇڏيندا هئا.
    مٽر يا پٽاٽن جي فصل مان مٽر يا پٽاٽا کڻي ايندا هئا ۽ انهن کي باهه تي سيڪي کائيندا هئا يا ڏينهن جو ڪمند ٽوڙي ايندا هئا ۽ رات جو اهو چوسيندا هئا. گهسو ان انداز سان سٺ سالن جي ڄمار ڪٽي ڇڏي هئي ۽ ماڌو به سپوٽ پٽ وانگر پي جي نقش قدم تي هلي رهيو هو بلڪه هن جو نالو اڃا به روشن ڪري رهيو هو. انهي وقت اهي ٻئي مچ آڏو ويٺا پٽاٽا سيڪي رهيا هئا، جيڪي ڪنهن ٻني مان کڻي آيا هئا. گهسو جي گهرواري ته عرصو ٿيو پرلوڪ پڌاري وئي هئي. ماڌو جي شادي گذريل سال ٿي هئي. جڏهن کان اها عورت گهر آئي ته هن ان ڪٽنب جي تمدن جو بنياد رکيو هو. اٽو پيهي، يا گاهه ڪري هو سير اٽي جو انتظام ڪري وٺندي هئي ۽ انهن ٻنهي بي غيرتن جي دوزخ ڀريندي رهندي هئي. جڏهن کان هو آئي هئي. هي ٻئي وڌيڪ آرام پسند ۽ سست ٿي ويا هئا. بلڪه ڪجهه آڪڙ به ڪرڻ لڳا هئا. ڪو ڪم ڪرڻ لا سڏائيندو هو ته ٻيڻي مزوري گهرندا هئا. اها ئي ساڳي عورت اڄ ويم جي سورن سبب مري رهي هئي ۽ هي ٻئي شايد ان انتطار ۾ هئا ته هو مري ته آرام سان ننڊ ڪن.

    گهسو پٽاٽو ڪڍي ڇليندي چيو ” وڃ ڏسي اچ ته ڪهڙي حالت آهي” ” هن کي جن ٿيو آهي ٻيو ڇا. هتي ته جهاڙ ڦونڪ وارو به هڪ رپيو گهري ٿو ڪنهن جي گهران اچي.“
    ماڌو کي شڪ هو ته جيڪڏهن هو ڪوٺڙي ۾ ويو ته گهسو پٽاٽن جو وڏو حصو چٽ ڪري ويندو هن چيو
    ”مون کي اتي ڊپ ٿو لڳي.“
    ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو؟ آئون هتي ئي آهيان.“
    ”ته پو تون ئي وڃي ڏسي اچ.“
    ” منهنجي مائي جڏهن مئي هئي ته آئون ٽن ڏينهن تائين ان وٽان چريو به ڪونه هئس ۽ پو هو مون کان لڄي نه ٿيندي ڇا. ڪڏهن هن جو منهن ئي ناهي ڏٺو. اڄ هن جي اوگهڙ ڏسان. هن کي پنهنجي تن جي سڌ ئي نه هوندي. مون کي ڏسندي ته کلي ڇڙيون به نه هڻي سگهندي.“
    ”آئون سوچيان ٿو ته ڪو ٻار ٿي ويو ته ڇا ٿيندو. ڳڙ، تيل ڪجهه به ڪونهي گهر ۾“
    سڀڪجهه اچي ويندو، ڀڳوان ٻار ڏئي ته، جيڪي ماڻهو هاڻي هڪ پائي به نه ڏئي رهيا آهن اهي تڏهن سڏي ڏيندا. منهنجا ڇوڪرا ٿيا ته، گهر ۾ ڪجهه به ڪين هو پر ان ريت ڪم هلي ويو.“
    جنهن سماج ۾ رات ڏينهن محنت ڪندڙ جي حالت انهن جي حالت کان ڪجهه گهڻي بهتر نه هئي ۽ هارين جي ڀيٽ ۾ اهي ماڻهو جيڪي هارين جي ڪمزورين مان فائدو وٺڻ ڄاڻندا هئا ڪافي بهتر حالت ۾ هئا. اتي اهڙي قسم جي ذهنيت پيدا ٿيڻ ڪا عجب ڳالهه نه هئي. اسين ته چونداسين گهسو هارين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏرو رس هو ۽ هارين جي دماغ ۾ شامل ٿيڻ بدران شاطرن جي فتني واري جماعت ۾ شامل ٿي ويو هو. ها هن ۾ اها صلاحيت نه هئي ته شاطرن جي آئين ۽ آداب جي پابندي به ڪري ها. ان ڪري هي جهان ان جي جماعت جي ۽ ماڻهو ڳوٺ جا وڏيرا ۽ چڱا مڙس ٿيا ويٺا هئا. ان تي سڄو ڳوٺ آڱريون کڻي رهيو هو پو به ان کي تسڪين نه هئي ته جيڪڏهن اهو بري حال ۾ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي هارين جهڙي جي ٽوڙ محنت ته ڪرڻي نٿي پوي ۽ هن جي سادگي ۽ بي زباني سان ٻيا اجايو فائدو ته نٿا وٺن.
    ٻئي پٽاٽا ڪڍي ڪڍي سڙيل سڙيل کائڻ لڳا. ڪالهه کان ڪجهه به نه کاڌو هئن. ايترو صبر نه هو ته انهن کي ٿڌو ٿيڻ ڏين ها. ڪئين ڀيرا ته ٻنهي جون ڄڀون سڙي ويون. ڇلجڻ کان پو پٽاٽي جو ٻاهريون حصو ته وڌيڪ گرم محسوس نه ٿيندو هو پر ڏندن هيٺ ويندي ئي حصي ڄڀ، نڙي ۽ تارون کي ساڙي ٿي ڇڏيائين ۽ ان اڱار کي وات ۾ رکڻ کان گهڻي خيريت ان ۾ هئي ته اهو پيٽ اندر هليو وڃي. اتي ان کي ٿڌو ڪرڻ لا ڪافي سامان هو. ان ڪري ٻنهي جلدي جلدي ان کي ڳڙڪائي ٿي ورتو حالانڪه ان ڪوشش ۾ سندن اکين مان لڙڪ وهي ٿي آيا.
    گهسو کي ان وقت وڏيري جي ڄڃ ياد آئي جنهن ۾ ويهه سال اڳ ويو هو. ان دعوت ۾ هن کي جيڪا ماني نصيب ٿي هئي اها هن جي حياتي ۾ هڪ يادگار واقعو هو ۽ اڄ به ان جي ياد تازي هئي. هن چيو ” اهو ڀوڄن نٿو وسري، ان ڏينهن کان پو اڄ تائين اهڙي ماني ۽ ڀريل پيٽ ناهي مليو. ڇوڪري وارن سڀن کي پوريون کارايون هيون. سڀن کي، ننڍي وڏي سڀن پوريون کاڌيون ۽ سچي گيهه جي چٽڻي، رائتو، ٽن قسمن جا سڪل ساڳ، هڪ رس واري ڀاڄي، ڌونئرو، مٺائي هاڻ ڇا ٻڌايان ته ان ماني ۾ ڪهڙو سواد مليو. ڪا روڪ نه هئي جيڪا شي کپي گهرو ۽ جيترو کپي کائو. ماڻهن ايترو کاڌو ايترو کاڌو جو ڪنهن پاڻي نه پيتو. پر ماني وڌڻ وارا هئا جو سامهون گرم گرم گول گول مهڪندڙ ڪچوريون رکي ٿي ڇڏيائون. منع ٿئي ڪيو ته نه کپي پر اهي هئا جو ڏيندا پئي ويا ۽ جڏهن سڀني هٿ ڌوئي ورتا ته هڪ هڪ پان به مليو پر مون کي پان وٺڻ جي ڪٿي سڌ هئي بيهي نٿي سگهيس. جلدي اچي ڪمبل تي ليٽي پيس. ايڏو درياهه دل هو اهو وڏيرو.“
    ماڌو انهي مان مزو وٺندي چيو ”هاڻي اسان کي به ڪو اهڙي ماني کارائي.“
    ”هاڻي ڪو ڇا کارائيندو؟“ اهو جمانو ٻيو هو. هاڻ ته سڀن کي ڪڦايت سجهي ٿي. سادي وهان ۾ کرچ نه ڪريو، ڪريا ڪرم ۾ کرچ نه ڪريو. پڇو گريبن جو مال ميڙي ميڙي ڪٿي رکندا. پر ميڙڻ ۾ ته ڪا ڪمي ڪونهي. ها کرچ ڪرڻ ۾ ڪڦايت سجهي ٿي.“
    ”تو ويهه کن پوريون ته کاڌيون هونديون.“
    ”ويهه کان ته مٿي کاڌيون هيم.“
    ”آئون پنجاهه کائي وڃان ها.“
    ”پنجاهه کان گهٽ ته مون به نه کاڌيون هونديون. چڱو جوان هئس. تون ته ان جو اڌ به نه آهين.“ پٽاٽا کائي ٻنهي پاڻي پي ڇڏيو ۽ اتي ئي باهه جي مچ آڏو پنهنجون گوڏون اوڍي گوڏا پيٽ ۾ وجهي سمهي رهيا، جيئن ٻه وڏا ارڙ نانگ وڪڙ هڻي پيا هجن ۽ بڌيا اڃا به ڪنجهي رهي هئي.
    صبح جو ماڌو ڪوٺڙي ۾ وڃي ڏٺو ته هن جي زال ٿڌي لڳي پئي هئي. هن جي وات تي مکيون ڀري رهيون هيون، پٿرايل اکيون مٿي ٿيون پيون هيون. سمورو جسم مٽي ۾ لت پت هو. هن جي پيٽ ۾ ٻار مري ويو هو.
    ماڌو ڀڄندو گهسو وٽ ويو ۽ پو ٻئي زور زور سان ها گهوڙا ڪرڻ ۽ سينو پٽڻ لڳا. پاڙي وارن اها آهه زاري ٻڌي ته ڊوڙندا آيا ۽ پراڻي ريت موجب انهن ڏکارن کي تسلي ڏيڻ لڳا.
    پي پٽ روئيندا ڳوٺ جي زميندار وٽ ويا. هو انهن ٻنهي جي شڪلين کان به نفرت ڪندو هو. ڪئين ڀيرا پنهنجن هٿن سان مار ڏئي چڪو هو. چوري جي علت ۾، وعدي تي ڪم نه ڪرڻ جي علت ۾. هن پڇيو ” ڇا آهي ڙي گهسو، روئين ڇو ٿو؟ هاڻ ته تنهنجي شڪل ئي نظر نٿي اچي. لڳي ٿو ته تون هاڻي ڳوٺ ۾ ئي نٿو رهڻ چاهين.“
    گهسو پنهنجو مٿو پٽ تي رکي اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو ”سرڪار وڏي تڪليف ۾ آهيان. ماڌو جي گهرواري رات گجاري وئي. سڄو ڏينهن تڙپندي رهي سرڪار. اڌ رات تائين اسين ٻئي هن جي سيراندي کان ويٺا رهياسين. دوا دارون جيڪو ٿي سگهيو سڀ ڪيوسين پر هو اسان کي دگا ڏئي وئي. هاڻ اسان کي ڪو ماني ڏيڻ وارو ڪونهي رهيو مالڪ. تباهه ٿي وياسين، گهر ڦٽي ويو. اوهان جو گلام آهيان. هاڻ اوهان کانسوا هن مٽي کي ڪير پار لڳائيندو. اسان جي وس ۾ جيڪو هو سو سڀ دوا دارون ڪيوسين. سرڪار جي ديا ٿيندي ته هن جو لاش کڄندو. اوهان کانسوا ڪنهن جي در وڃان.“
    زميندار رحمدل ماڻهو هو پر گهسو تي رحم ڪرڻ ڪاري ڪمبل تي رنگ ڪرڻ هو. من ۾ آيو ته چئي ڇڏي ته ” هل ٽري وڃ هتان لاش گهر ۾ رکي ساڙ. هونئن ته سڏ ڪرڻ تي به نه ايندو آهين. اڄ جڏهن ڪم پيو ته اچي خوشامد ڪري رهيو آهين حرام خور، بدمعاش ڪنهن جا جو.“ پر هي ڪاوڙ يا انتقام جو موقعو نه هو. هن ٻه رپيا هن ڏانهن اڇليا. پر تسلي جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي. هن ڏانهن تڪيو به نه. ڄڻ مٿي جو بار هلڪو ڪيو.
    جڏهن زميندار ٻه رپيا ڏنا ته ڳوٺ جي واڻيي جي انڪار جي همت ڪيئن ٿئي ها. گهسو زميندار جي نالي جو ڍنڍورو پٽڻ ڄاڻندو هو. ڪنهن ٻه آنا ڏنا، ڪنهن چار آنا ڏنا. هڪ ڪلاڪ ۾ گهسو وٽ پنج رپين جهڙي معقول رقم جمع ٿي وئي. ڪنهن ان ڏنو، ڪنهن ڪاٺيون ڏنيون ۽ منجهند جو گهسو باراز مان ڪفن وٺڻ لا هليو ويو ۽ ماڻهو بانس ڪٽڻ لڳا.
    ڳوٺ جون نرم دل عورتون اچي لاش کي ڏسنديون هيون ۽ ان جي بيوسي تي ٻه ڦڙا لڙڪ لاڙي هليون ٿي ويون.
    بازار ۾ پهچي گهسو چيو ته” ڪاٺي ته هن کي ساڙڻ لا ملي وئي آهي ڪيئن ماڌو.“
    ماڌو چيو ” ها ڪاٺي ته تمام گهڻي آهي ڪفن کپي.“
    ”ته ڪو هلڪو ڪفن وٺون.“
    ”ها ٻيو ڇا“ لاش کڻندي رات ٿي ويندي، رات جو ڪير ڪفن ڏسندو.“
    ”ڪهڙو ڪنو رواج آهي ته جنهن کي جيئري تن ڍڪڻ لا لير جو ٽڪر نه مليو ان کي مرڻ تي نئون ڪفن کپي، ٻيو ڇا ٿو رهي، اهي پنج رپيا اڳ ملن ها ته ڪجهه دوا دارون ڪريون ها.“
    ٻئي هڪٻئي جي دل جي ماجرا معنوي طور سمجهي رهيا هئا. بازار ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهيا. ايستائين جو شام ٿي وئي. ٻئي اتفاق سان يا ڄاڻي ٻجهي شراب خاني آڏو پهچي ويا ۽ ڄڻ ڪنهن طئي ٿيل فيصلي موجب اندر ويا. اتي ٿوري دير تائين ٻئي اڻتڻ واري حالت ۾ بيٺا رهيا. پو گهسو هڪ بوتل شراب جي ورتي، ٻئي ورانڊي ۾ اچي پيئڻ لڳا.
    ڪئين گلاس پيئڻ کان پو ٻئي سرور ۾ اچي ويا.
    گهسو چيو ”ڪفن لڳائڻ سان ڇا ملي ها. آکر سڙي ئي وڃي ها. ڪجهه ننهن سان گڏ ته نه وڃي ها.“
    ماڌو آسمان ڏانهن نهاري چيو ڄڻ فرشتن کي پنهنجي معصوميت جو يقين ٿي رهيو هجي، ”دنيا جو دستور آهي. اهي ئي ماڻهو هجارين رپيا ڇو ڏيندا آهن. ڪير ٿو ڏسي. پرلوڪ ۾ ملي ٿو يا نه.“
    ”وڏن ماڻهن وٽ ڌن آهي اڏائين اسان وٽ اڏائڻ لا ڇا آهي.“
    ”پر ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيندين؟ ماڻهو پڇندا ته ڪفن ڪٿي آهي؟“
    گهسو کليو .” چئي ڇڏينداسين ته پئسا چيلهه مان کسڪي ويا جام ڳوليا نه مليا.“
    ماڌو کليو. ان غير متوقع خوش نصيبي تي قدرت کي ان ريت شڪست ڏيڻ تي چيو ” جام سٺي هئي ويچاري مري به وئي ته خوب کارائي پيئاري.“
    بوتل اڌ کان مٿي ختم ٿي چڪي هئي. گهسو ٻه سير پوريون گهرايون، گوشت، ٻوڙ ۽ چٽپٽا جيرا ۽ تريل مڇيون.
    شراب خاني آڏو دڪان هو. ماڌو جهٽ ڏئي سڀئي شيون وٺي آيو. پورو ڏيڍ رپيو خرچ ٿي ويو. فقط ٿورا پئسا بچيا هئا. ٻئي ان وقت ان شان سان ويٺا پوريون کائي رهيا هئا جيئن جهنگ ۾ ڪو شينهن پنهنجو شڪار ڪري رهيو هجي. نه جواب ڏيڻ جو خوف، نه بدنامي جي ڳڻتي. ڪمزوري جي انهن مرحلن کي انهن گهڻو اڳ طئي ڪري ورتو هو. گهسو فلسفياڻي انداز ۾ چيو ”اسان جي آتما کي سڪون پيو ملي ته ڇا هن کي نه ملندو.“
    ماڌو مٿو جهڪائي تصديق ڪئي ”جرور ملندو. ڀڳوان تون انتريامي آهين. هن کي جنت ۾ جا ڏجان، اسين ٻئي دل سان هن لا دعا ڪري رهيا آهيون. اڄ جيڪا ماني ملي آهي سان سڄي حياتي نه ملي هئي.“
    هڪ لمحي کانپو ماڌو جي دل ۾ڳڻتي پيدا ٿي. چيو ” ڇو ابا اسين به هڪ نه هڪ ڏينهن هوڏانهن وينداسين.“
    گهسو جي ان ٻاراڻي سوال جو ڪو جواب نه ڏنو. ماڌو ڏانهن ملامت واري انداز ۾ ڏٺو.
    ”اتي اسان کان پڇندي ته اسان هن کي ڪفن ڇو نه ڏنو ته ڇا چونداسين؟“
    ”چونداسين تنهنجو مٿو.“
    ”پڇندي ته جرور.“
    ” تون ڪيئن ٿو ڄاڻين ته هن کي ڪفن نه ملندو؟ مون کي گڏهه ٿو سمجهين. آئون سٺ سالن تائين دنيا ۾ جهڳي هڻندو رهيو آهيان. هن کي ڪفن ضرور ملندو ۽ هن کان تمام سٺو ملندو. جيڪو اسين ڏينداسين.“
    ماڌو کي يقين نه آيو ” ڪير ڏيندو؟ رپيا ته تو چٽ ڪري ڇڏيا.“
    گهسو تيز ٿي ويو ”آئون چوان ٿو هن کي ڪفن ملندو تون مڃين ڇو ڪونه ٿو؟“
    ”ڪير ڏيندو. ٻڌائين ڇو نٿو؟“
    ”اهي ئي ماڻهو ڏيندا جن هاڻ ڏنو آهي. ها اهي پئسا اسان جي هٿ نه ايندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ريت اچي به ويا ته پو اسين ساڳي ريت پيئنداسين ۽ ڪفن ٽيون ڀيرو وٺنداسين.“
    جيئن جيئن اونداهي وڌندي وئي ته تارن جي چمڪ تيز ٿي وئي. مئخاني جي رونق وڌندي پئي وئي. ڪو ڳائي رهيو هو، ڪو نشي ۾ هو، ڪو پنهنجي رفيق کي ڳلي لڳائي چهٽي ٿي ويو، ڪو پنهنجي دوست جي وات سان ساغر لڳائي رهيو هو. اتان جي ماحول ۾ سرور هو. هوا ۾ نشو، ڪيترا ته ڍڪ ۾ ئي چريا ٿي ٿئي ويا. هتي ايندا هئا ته فقط خودفراموشي جو مزو وٺڻ لا. شراب کان وڌيڪ هتان جي هوا مان مسرور ٿي ويندا هئا. زندگي جي بلا هتي ڇڪي ايندي هئي ۽ ڪجهه دير لا اهي وساري ڇڏيندا هئا ته هي جيئرا آهن يا مري ويا يا جيئرا ئي دفن ٿي ويا.
    ۽ اهي ٻئي پي پٽ هاڻ مزا وٺي ڍڪ ڀري رهيا هئا. سڀن جون نظرون انهن تي ڄميل هيون. ڪيترا خوش نصيب آهن ٻئي، سڄي بوتل وچ ۾ آهي.
    ماني کان وندا ٿي ماڌو بچيل پوريون کڻي فقير کي ڏئي ڇڏيون جيڪو بيٺو انهن ڏانهن نهاري رهيو هو ۽ پيئڻ جي غزور، مسرت ۽ ولولي جو پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو احساس ڪيو. گهسو چيو ته ”وٺ کوب کا ۽ آشيرواد ڏئي“.
    جنهن جي ڪمائي هئي اها ته مري وئي تنهنجو آشيرواد هن تائين جرور پهچندو. انگ انگ سان آشيرواد ڏئي وڏي ڪمائي جا پئسا آهن.“
    ماڌو وري آسمان ڏانهن نهاريو ”هو جنت ۾ ويندي. ابا جنت جي راڻي ٿيندي“. گهسو بيهي رهيو ۽ جيئن خوشي جي لهرن ۾ ترندو هجي ۽ چيو ”ها پٽ جنت ۾ ويندي نه ته ڇا هي ٿلها ٿلها ماڻهو ويندا. جيڪي گريبن کي ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا ۽ پنهنجا پاپ ڌوئڻ لا گنگا ۾ ويندا آهن ۽ مندر تي پڙ چاڙهين ٿا.“
    اهو خوش اعتقادي جو رنگ به بدليو.... نشي جي خاصيت کان مايوسي ۽ غم جو دورو ٿيو. ماڌو چيو ”پر ابا ويچاري جندگي ۾ وڏو ڏک ڀوڳيو. مئي به ڪيترا ڏک ڏسي.“ هو پنهنجين اکين تي هٿ رکي روئڻ لڳو.
    گهسو سمجهايو ” ڇو ٿو روئين پٽ؟ کوس ٿي ته هو مايا ڄار مان مڪت ٿي وئي. جنجال مان جان ڇٽي. وڏي قسمت واري هئي جو ايترو جلدي مايا جي موه جا ٻنڌڻ ٽُوڙي وئي.“
    ۽ ٻئي اتي بيهي ڳائڻ لڳا
    ٺگني ڪيو نينان جهمڪا دي ٺگني
    سڄو مئخانو تماشي ۾ گم هو ۽ اهي ٻئي مئڪش مخمور عالم ۾ ڳائي رهيا هئا. پو ٻئي نچڻ لڳا. ڪڏيا به ۽ ڪريا به. لڏيا لميا ۽ پو آخر نشي ۾ بدمست ٿي اتي ئي ڪري پيا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو