ڪجھ ٿيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مهتاب اڪبر راشدي

    تضادُ ۽ ڏيکاءُ، اسان جي معاشري جي خاص سڃاڻپ بڻجي ويا آهن. چونداسين هڪ ڳالهه، پر ڪنداسين ڪجهه ٻيو. جنهن ڳالهه جو ڀاشڻ ٻين کي ڏبو، اُهو وري پاڻ تي لاڳو نه ٿيندو. ڄڻ ته اسان تي اُهو چڱو ڪم ڪرڻ لازم ناهي. اسان رڳو ٻين کي نصيحتون ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون. عمل ڪرڻ ٻين جو ڪم آهي.

    جڏهن معاشرو انهن تضادن جو شڪار ٿي وڃي ته جيڪو ٿي گذري سو گهٽ سمجھجي. پوئين هفتي گلشن حديد مان نڪتل مسافر بس، هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ڏسندي ڏسندي باهه جي شعلي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ کن پل ۾ سٺ کان مٿي جيئرا جاڳندا، کِلندا ڳالهائيندا ماڻهو، ڪوئلي جي صورت اختيار ڪري ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪونه!

    انهن جا بدنصيب وارث، ڪوئلي جي ان خاڪ ۾ پنهنجن مٺڙن جي ڪا نشاني تلاش ڪندا رهجي ويا، پر سڀ بي سود، شُڪر ته ايڌي ۽ ڇيپا جي ٺاهيل ادارن جي ڪري انهن جون ايمبولينس پُڄي، پاڻ سان پنهنجي اداري جي ٺپن واريون چادرون ۽ ڪفن کڻي، وري به انهن لاشن کي ڪجهه عزت ۽ تڪريم سان اسپتالن ۽ سرد خانن ۾ پڄائين ٿا. پر جي، اهي ادارا ۽ انهن کي هلائڻ وارا نه هجن ۽ جي اهو ڪم حڪومت جي بِلي هجي ته شايد اهڙا لاش سرڻين ڳجھن ۽ ڪانون جو کاڄ بڻجي وڃن. ڇو ته اول ته حڪومت انهيءَ قابل ئي ناهي جو هڪ وقت ۾ ايترين ايمبولينسز جو بندوست رکي. ٻيو جي هونديون به ته اُهي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر صاحب جي گهر جي ڪنهن ضروري ڪم سان ويل هونديون، پر مريضن ۽ مري ويلن يا حادثي سٽيلن لاءِ مهيا نه ٿينديون.

    اُنهيءَ ساڳي ڏينهن، شهر ۾ چار ماڻهو انڌين گولين جو کاڄ بڻيا ۽ انهن جي ”وارث“ پارٽي، سندن لاش کڻي اچي وزيراعليٰ هائوس تي پهچي ڌرڻو ڏنو ۽ پنهنجا مطالبا پيش ڪيا ۽ وزيراعليٰ کي حڪم ڏنائون ته ٻاهر نڪري ۽ مرڻ وارن جي پونيئرن سان تعزيت ڪري. وزيراعليٰ صاحب ته دل جھلي، ،پهريون دفعو، سندن حڪم نه مڃيو ۽ ٻاهر نه نڪتو. پر، وزيراطلاعات، ڌرڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن پريس آڏو اچي وضاحت پيش ڪئي ته ان جي پيش نظر به اهو واقعو ئي وڏو واقعو هو، جنهن ۾ منٿ پئي ڪيائين ته”ٻيلي، اڄوڪي ڏينهن ته شهر بند ڪرايو اٿو، پر مهرباني ڪيو، ٻئي ڏينهن اهڙو ڪم نه ڪجو، پاڻ ۾ آهيون، ٺهي وڃو“ سندن اها آزي نيزاري، لنڊن واري ڀائيءَ (اَلائي ڪهڙن شرطن تي) قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن هڙتال جو سَڏُ واپس ورتو ويو.

    پر انهن ٻن ڏينهن ۾ حڪومت جو رَوَيو، ڪوئلو ٿي ويل، گلشن حديد جي ”لاوارثن“ سان هڪ هيو، ته شهر ۾ مارجي ويل چئن ماڻهن جي پٺيان سندن ”وارث“ سياسي پارٽيءَ سان ٻيو هيو. سڙي ويلن ويچارن جو ته ڪو پُر سانِ حال به ڪوئي ڪونه هو. نه تسلي ڏيڻ وارو، نه حال احوال پڇڻ وارو، سڀني ”وڏن“ ماڻهن ۽ وزيرن جي پي آر او جي مهرباني جو، اُنهن جي طرفان تعزيتي بيان جاري ڪري ۽ ٽي ويءَ تي ٽِڪر هلرائي پنهنجي مٿان بار به لاٿائون ۽ آڱر وڍاي شهيدن ۾ به شامل ٿيا. حڪومت کان ٻاهر ويٺل، سياسي پارٽين جي ڪجهه ايم پي ايز، اسپتال پهچي فوت ٿي ويلن جي مٽن مائٽن جي سار لڌي. باقي الله الله خير صلا، سڀ ڪجهه هوا ۾ اُڏامي ويو، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو..

    اهو فرق آهي وارثي ۽ لاوارثيءَ جو ڪي مرڻ وارا اهڙا خوشنصيب جو انهن جي موت جي سوڳ ۾ شهر بند. ڪي وري ويچارا اهڙا اڀاڳا جو سندن لاش ڳوٺ کڻي وڃڻ وقت ڪو واهر ڪرڻ وارو ئي ڪونه.

    جي ٽمبر مارڪيٽ سڙي وڃي ته ان جي واپارين کي رڳو گهر جي خرچ پکي هلائڻ لاءِ هڪ هڪ لک رپيو، پيش خدمت، پر ٻئي طرف سڙي ڪوئلي ٿي ويلن جي روئيندڙ، پٽيندڙن جي مٽن مائٽن کان ڪو حڪومتي نمائندو اهو پڇڻ لاءِ به موجود نه هو ته، سڄي رات جو سفر ڪري، شڪارپور کان هتي پهتا آهيو، ڪو چانهه ڍُڪ پيئندا؟

    ٻئي طرف اُها شهري سياسي پارٽي، جنهن ڪراچيءَ سميت، سڄي سنڌ (؟) ۽ سڄي پاڪستان جو ٺيڪو کنيو آهي، تن به چئن ماڻهن جي مرڻ تي سندن مالڪي ڪئي. وزيراعليٰ هائوس سامهون ڌرڻي ڏيڻ کان علاوه جيڪا حڪومت سان جُٺ ڪرڻي هين سا ڪيائون ايستائين جو رحمان ملڪ کي ڪراچي پارسل ڪيو ويو. ڇا جي لاءِ؟ ان لاءِ ته، سنڌ حڪومت ۾ ته انهن کي منهن ڏيڻ جي يا ته صلاحيت ناهي، يا ”اجازت“ ناهي. سو موڪلبو ان کي جيڪو ”انهن“ جو آهي. انهن مان آهي ۽ سندن ”ٻولي“، ”گهرجون“ ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو. پر ان پارٽيءَ به، پنهنجي مقامي مسئلن ۾، گلشن حديد مان نڪرڻ واري بس جي مسافرن جي سڙي، جلي خاڪ ٿي وڃڻ واري واقعي کي، پنهنجي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ مناسب نه سمجھيو. جي اِهي اهو ڪم ڀل ۾ به ڪري گذرن ها، ته قوم پرستن کان وٺي، سڄي سنڌ حڪومت انهن بدنصيبن جي مالڪيءَ لاءِ تيار ٿي وڃي ها.

    هاڻي جڏهن، عوام جي تقسيم، پارٽي، سياست، زبان، مذهب، فرقي ۽ مسلڪ تي ٿي چڪي آهي ته”اسان“ ”پنهنجن“ ماڻهن لاءِ ڪي اهڙا ادارا ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ قائم ڪري سگهون ٿا، جيڪي، ضرورت مند ماڻهن کي، ضرورت وقت ڪو رليف ڏئي سگهن. ڪو ايڌي، ڪو ڇيپا ڪو سيلاني ۽ ڪو سياسي پارٽيءَ طرفان قائم ڪيل خدمت خلق، جنهن جي قيام لاءِ وفاقي سرڪار پنج ڪروڙ رپين جي امداد ڏني هئي.ڇا ان تجويز تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ اُهي قوم پرست جماعتون، جيڪي احتجاج لاءِ لکين ماڻهو (سندن چوڻ مطابق) گڏ ڪري، ايم اي جناح روڊ تي آڻي سگهن ٿيون. اُهي ساڳيو پئسو مٿي ٻڌايل ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ، ميڙي سگهن ٿيون؟

    سترهين جنوريءَ تي، سَن جي سائينءَ جي سالگرهه جي موقعي تي، سن ۾ ست جلسا رٿيا ويا آهن. جي ايم سيد هڪ، سندس پيغام به هڪ، پر سندس پوئلڳ، هڪ ٻئي سان سهمت ناهن. سو سنڌ جي مسئلن جو حَلُ انهن وٽان جيڪو ٿيڻو آهي، سو ڏٺو پيو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ڏيڍ سِرَ جي مسيت ڌار کپي.

    سماج يا حڪومت، هڪ ٻئي کان ڌار ناهن. حڪومت ۾ شامل ۽ ڪاروهنوار هلائيندڙ به سماج جو حصو آهن، فرق صرف ايترو آهي، ته حڪومتي ڪارندن جي هٿن ۾ اقتدار ۽ اختيار آهي، جڏهن ته باقي ماڻهو، انهن جي توجهه ۽ رحم و ڪرم تي آهن. اختيار جو استعمال ته حڪومت واهه جو ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه هو پنهنجي طرف ريڙهي سگهن ٿا، تنهن ۾ ڪا دير ئي ڪانهي.

    ان سڄي سلسلي ۾، قائدي قانون کي ويڙهي سيڙهي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ اُڇلائي ڇڏيو اٿن.

    رڳو هڪ مثال ئي ڏسو، ڪو زمانو هو، جڏهن سرڪاري نوڪرين لاءِ اخبار ۾ اشتهار اچڻ کانپوءِ، نوڪري لاءِ درخواست ڏبي هئي، ٽيسٽ يا انٽرويو کان پوءِ، ڪامياب اميدوار کي گهر ويٺي، پوسٽ وسيلي آرڊر ملي ويندو هو. پر هاڻي اهي آرڊر،هڪ جلسي ۾ ورهايا وڃن ٿا. انهن آرڊر حاصل ڪرڻ وارن جي قابليت رڳو اها هوندي آهي ته اُن جو شمار ”پنهنجن“ ۾ ٿئي ٿو. اُهي پارٽيءَ جا ٻڌا ٻانها هوندا ۽ ان سان گڏ نوٽن جي خوشبو به ڪنهن کي ضرور سنگهائي هوندن. پوءِ اُهي قطار ۾ اچي بيهن ٿا ۽ وزير موصوف يا ڪا ادي، ازراه عنايت اهي آرڊر ائين ورهائي، انهن کي ايندڙ نسلن جي غلاميءَ جي سَنَدُ هٿ ۾ ڏيئي، اهو واعدو ٿا وٺن ته ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ اسان جو. اهڙي قسم جون تصويرون هڪ نه ٻئي ڏينهن اخبار ۾ ڇپجن ٿيون ،۽ حيرت اٿم ته ان تي ڇو ڪو اعتراض نه ٿو اٿاريو وڃي ته اهو سرڪار جي نوڪري جو آرڊر ڏنو ٿو وڃي يا، ذاتي نوڪر بڻائڻ جو، اهي ماڻهو آرڊر وٺڻ کانپوءِ صاحب جي در جي غلامي ته ضرور ڪن ٿا. باقي سرڪار کي ته کنگهن به ڪونه ٿا. ان جو ثبوت اُهي هزارين صدورا ماستر آهن،جيڪي پگهار ته باقاعدگيءَ سان کڻن ٿا، پر اسڪول وڃي،سرڪار جي نوڪري ڪرڻ ضروري نه ٿا سمجھن. هتي آرڊر ورهايا ٿا وڃن. جيئن اردو زبان جو هڪ مثال آهي ته”انڌو ورهائي ريوڙيون، پر ورهائي رڳو پنهنجن ۾“.

    سو جيستائين انڌن جي حڪومت هوندي، آرڊر به پنهنجن جي هٿن ۾ ڏنا ويندا. انصاف، صلاحيت ۽ ميرٽ جو معيار هتي نه هلي ٿو ۽ نه ئي منظور آهي. تازه ترين مثال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي استعيفيٰ آهي. شريڪ چيئرمين جي اعتماد ۽ ڀروسي وارو ماڻهو سفارشن ۽ داٻن جي دٻ به جھلي نه سگهيو. نظام کي سڌارڻ جا هن جيڪي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، سا، انڌن وانگر ريوڙين ورهائڻ وارن کي هرگز قبول نه هئي. سو، آغا رفيق صاحب به استعيفيٰ ڏئي، پنهنجي عزت بچائي ڀڄي نڪتو.

    حڪومت پنهنجي ساک ڪٿي ڪٿي بچائيندي؟ گذرندڙ وقت ۽ بدلجندڙ حالتون به کين ڪجهه سمجھائڻ کان قاصر آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي برعڪس نان ڪيڊر آفيسر جي 20 گريڊ جي هڪ به نه، بلڪه ٻن ٻن عهدن تي مقرري جا نوٽيفڪيشن جاري پيا ٿين ۽ انهن عهدن تي اڳ مقرر ٿيلن کي نامعلوم عرصي تائين ٿاٻا کائڻ لاءِ سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرايو پيو وڃي.اها مقرري لياري ڊويلپمينٽ اٿارٽي ۽بينظير هائوسنگ اسڪيم جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪئي وئي آهي. يعني جتي، ترقي، جتي پئسا ۽ جتي پراجيڪٽ، اُتي مقرري به ”پنهنجن“ جي ٿيندي ۽ قاعدي قانون جي ڀي ڪڙري ته ڪا خاص ڳالهه آهي ئي ڪانه.

    مونکي ته واءُ ڪنهن ٻئي طرف ورندو ٿونظر اچي. حالتون، چڱائي بدران انتظامي ۽ اقتصادي ۽ امن امان جي خراب صورتحال جو ڏيک پيون ڏين. سياستدانن جمهوريت جي شڪل بگاڙي ۽ پنهنجون تشريحون ڪري ماڻهن کي جمهوريت کان توبهه ڪرائي ڇڏي آهي. واڳ ڌڻين، پنهنجي ڪڇ ۾ پيل ڏنڊي گهمائڻ شروع ڪئي آهي. اها ڳالهه هرو ڀرو به نظرانداز ڪرڻ جهڙي ناهي ته، پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال انگلينڊ جو وزيراعظ۾ پاڻ ڪري ۽ کيس گارڊ آف آنر به ڏنو وڃي. غور ڪيو ته اها پذيرائي سياسي ليڊرن جي ڪونه ٿي ٿئي. هن ملڪ لاءِ شايد اهو ئي موقعو آهي. جنهن ۾هن کي بچائڻ وارا، سخت ۽ بي ريا قدم کڻي ان کي بگهڙن، بکين سياستدانن کان بچائين يا وري اکيون ٻوٽي حالتن جي وهڪري ۾ وهائي ڇڏين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو