جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
مشتاق گبول
ماضي قريب جي ڳالهه آهي ته جڏهن وفاق ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت هُئي، تڏهن نواز شريف کي سنڌ ياد هُئي، سنڌ جا ماڻهو ياد هُئا ۽ هُن تڪڙا تڪڙا سنڌ جا دورا پڻ ڪيا هئا، جنهن هُن ۾ هُن سنڌ جي قومپرست پارٽين سان به ويجهڙائي قائم ڪئي هئي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ هُن سياسي جلسا پڻ ڪيا هئا پر اليڪشن کٽڻ کانپوءِ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ نواز ليگ وارن کان سنڌ وسري ويندي آهي. سنڌ سان هڪڙي عجيب صورتحال آهي، اُها اِها ته جڏهن سياسي پارٽيون مشڪل وقت ۾ ۽ اقتدار کان ٻاهر هونديون آهن، تڏهن اُنهن کي ائين سنڌ ياد ايندي آهي، جيئن تڪليف ۾ ٻارن کي ماءُ ياد ايندي آهي!
اليڪشن کانپوءِ نواز ليگ کي قومپرست وسري ويا آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل واعدا پڻ وسري ويا آهن!
ٿر ۾ جهڙي نموني ڏُڪار واري صورتحال ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙن فوت ٿي رهيا آهن، انهيءَ معاملي تي وفاقي حڪومت جي اکين پُورڻ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اِها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي موجوده وقت تائين، جيڪي به حڪومتون آيون آهن، اُنهن حڪومت جو رويو، سنڌ جي ماڻهن سان ائين رهيو آهي، جيئن ڪنهن دشمن سان هوندو آهي!
موجوده سياسي سيٽ اپ کي ائين ڏسجي ته وفاقي حڪومت، خيبر پختونخواهه کي پاڪستان تحريڪ انصاف وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ کي پاڪستان پيپلزپارٽي وارن جي عتاب هيٺ ڏنو ويو آهي! جهڙوڪر وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دُکن دردن کان لاتعلق بڻجي رهجي وئي آهي!
سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جا وزير ڪهڙا اڪ ڪارا ڪري رهيا آهن، ان سان وفاقي حڪومت جو ڪو واسطو ڪونهي. ڀلي سنڌ ۾ رشوت جي بازار گرم هُجي، ڀلي سنڌ کي ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو هُجي، ڀلي وزير نوڪرين کي ڪاروبار سمجهي وڪڻندا هُجن، ڀلي سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو هجي، ڀلي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي اهم اداري کي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون هُجن. ڀلي، ڪراچي ۾ غير ملڪي هُجن ۽ اُهي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجن. اِهي ۽ اهڙي قسم جي ٻين معاملن تي وفاقي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي!
وفاقي حڪومت، وفاقي ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ڪري، سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ويساهه گهاتيون ڪري رهي آهي، انهيءَ جو ازالو ڪير ڪندو؟ شايد ڪجهه ڌريون اِهو نٿيون چاهن ته سنڌ جا ماڻهو وفاقي ادارن ۾ اڳتي اچن. ڇو ته سنڌين جي پارٽي سمجهي ويندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور ۾ به اهڙي قسم جي زيادتين جو ازالو نه ٿي سگهيو هُجي ته سوچي سگهجي ٿو ته موجوده وقت ۾ ان جي صورتحال ڪٿي بيٺي هوندي؟
سنڌي ماڻهو، سڀ ڪجهه برداشت ڪندا پيا اچن. ڇو ته اُنهن کي اِها خبر آهي ته اُنهن جي دانهن ڪوڪ ٻُڌڻ وارو ڪو به ڪونهي. ڀلا وفاقي ادارن ۾ نوڪرين واري ڪوٽا تي جڏهن عمل نه ٿي سگهيو هجي ته پوءِ نواز شريف کي ڪهڙي کٽي کنئي آهي، جو اُن جي حڪومت ڪوٽا سسٽم تي عمل ڪرائي سگهي. وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش رکندڙ مخالف ڌر جو اڳواڻ خورشيد شاهه ڪوٽا سسٽم تي عمل ڪيئن ڪرائي سگهندو؟ يا سنڌ جي نوجوانن کي وفاقي ادارن ۾ نوڪريون ڏيارڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ جيڪو سنڌ جي باصلاحيت بيروزگار نوجوان کي اِهو چئي مايوس ڪري ته نوڪريون ناهن، بيروزگار وڃي ڇولا کپائن!
وفاقي حڪومت چاهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي هُجي، چاهي نواز ليگ جي، اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهي آهي! ٿر جي ڪوئلي جو معاملو هُجي يا سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪرڻ واري ڳالهه هجي. وفاقي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي! ظلم ته اِهو آهي جو جڏهن به نواز ليگ جي حڪومت ايندي آهي، تڏهن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي! ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ ڦُڙي ڦُڙي جي لاءِ ترسندي، اِها ڳالهه سڀئي ڄاڻن ٿا، پر پوءِ به وقت بوقت ڪالا باغ ڊيم جو راڳ آلاپيو وڃي ٿو!
وفاقي حڪومت جي زيادتين جي پُڄاڻي اِتي نٿي ٿئي. تازو سنڌ حڪومت پاران ”ورڇ جوڳي پول مان پورو حصو ڏيڻ“ جي لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. هونءَ ته پاڪستان پيپلزپارٽي وارا هر معاملي تي وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺا آهن پر پوءِ به سنڌ کي ورڇ جوڳي پول مان پنهنجو حصو نٿي وٺرائي ڏيئي سگهي ته پوءِ اهڙي سياسي نااهلي تي افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
انهيءَ کان علاوه وفاق پاران ٽارگيٽيڊ آپريشن لاءِ سنڌ کي جيڪي 10 ارب روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر اُهي پئسا اڃا تائين سنڌ حڪومت کي ناهن ملي سگهيا!
وفاقي حڪومت جي ايجنڊا ۾ سنڌ شامل ناهي، ٿي سگهي ٿو ته ٻيا صوبا به نه هُجن!
انهن سڀني ڳالهين کي ڏسندي هاڻي ائين لڳي رهيو آهي ته اڳتي جي لاءِ ائين ٿيندو، وفاقي حڪومت کي صوبن سان ڪا به دلچسپي نه هوندي! جيئن موجوده وقت ۾ صوبا ورهائي ڏنا ويا آهن، تيئن هاڻي اڳتي لاءِ اِها روايت برقرار رهندي، جيڪا روايت سياسي پارٽين کان علاوه صوبن جي لاءِ ۽ ملڪ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اڳتي لاءِ بُرا اثر ڏسڻ ۾ ايندا.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو حڪومتون جڏهن پنهنجي حڪمراني جون واڳون ٻين جي حوالي ڪنديون آهن، تڏهن ملڪ انارڪي جو شڪار ٿيندو آهي. موجوده حالتن کي ڏسندي ائين لڳي رهيو آهي ته سياسي نااهلي جي ڪري هٿ وٺي ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ ان جي ابتدا موجوده وقت ۾ ٿي چڪي آهي، ايندڙ وقت ۾ به جيڪڏهن اهڙي قسم جي صورتحال رهي ته پوءِ اُهو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو اسان جي سوچي به نٿا سگهون!