ائين پن ٿي ڇڻي ويندين وڃي پاتال ۾ پوندين رسول بخش دائودپوٽه..

ائين پن ٿي ڇڻي ويندين وڃي پاتال ۾ پوندين
يقين هي ڪين هو دل کي جدايون تو ڪري ويندين

وفائون پيون روئن ٿيون هت اوهان لئه سانگ سڪ کي ها
اهي مايوس ٿي موٽيون صدائون خاڪ ۾ ٿيندين

لڳي هي دل لڳيءَ جي هئي رهو ها ساٿ ۾ جيڪر
هلي ها پيار پنهنجو ڀي امنگون عرش تي ايندين

اسان جو پيار پوتر آ جفائن سان سدان جهيڙا
اڃا ڀي خيال تنهنجا هن وفائن ۾ ائين رهندين

هي ٿوري جي حياتي آ ڪيون محبت نه ٿي نفرت
ائين جيون کي جرڪايون نسورو نينهن ۾ نيندين

محبت ئي عبادت آ محبت ئي صداقت آ
اهو اسرار اهڙو آ ائين انسان ۾ ايندين
 
Back
Top