• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جا بلند ترين خوبصورت هوٽل

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هن وقت بلند ترين عمارتن جي تعمير تيزي سان جاري آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪا به بلند ترين عمارت وڌيڪ عرصي تائين پنهنجو رينڪ نٿي رکي سگھي جيڪا بلندي تي ان کي حاصل هجي ٿي. پر ڳالهه صرف ايستائين ئي ناهي بلڪه هن وقت دنيا جي ڪئين ملڪن ۾ بلند ترين عمارتن کان علاوه بلند ترين هوٽل به موجود آهن. هي هوٽل سڄو سال سياحن جي توجه جو مرڪز رهندا آهن جنهن جو سبب هڪ ته انهن جي اوچائي ۽ ٻيو هتي موجود پرتعيش سهولتون هُجن ٿيون. اڄ جي مضمون ۾ توهان کي دنيا جي ڪجهه بلند ترين هوٽلن جو دلچسپ احوال ٻڌائيندس.

Courtyard/Residence Inn
هي ٻه هوٽلن تي مشتمل بلند ترين عمارت نيويارڪ جي شهر ۾ آهي ۽ هن عمارت جي ڊيگهه 754 فٽ آهي. هي عمارت مڪمل طور شيشي جي ٺهيل آهي جڏهن ته انهن هوٽلن ۾ موجود ڪمرا آمريڪه جا سڀ کان پُرتعيش ۽ مهانگا ڪمرا آهن. هي هوٽل 68 ماڙ آهي جڏهن ته هتي صرف هڪ رات گذارڻ جو ڪرايو 469 آمريڪي ڊالر آهي.
56404_03.gif



Centara Grand Hotel
هي هوٽل بئنڪاڪ ۾ آهي ۽ هن عمارت جي ڊيگهه 771 فٽ آهي . 57 ماڙ هِن عمارت جي آرڪٽيڪٽ هوٽل جي جديد ڊزائينن مان ڪجهه منفرد خصوصيتون به رکيون آهن جنهن ۾ شيشي جو ڪم ۽ سنهري رنگ جا سرڪل شامل آهن. حقيقي طور هن عمارت جو افتتاح 2007ع ۾ هڪ بينڪويٽ هال طور ڪيو ويو هو پر پوءِ هن ۾ هڪ پرتعيش هوٽل ۾ تبديل ڪيو ويو. هن هوٽل ۾ مختلف سائيز جا ڪمرا موجود آهن.
56404_05.gif



Four Seasons Hotel
ميامي ۾ موجود هن هوٽل جي اوچائي زمين کان وٺي ڇت تائين 781 فٽ آهي باقي جيڪڏهن عمارت جي بقيه بلند ترين حصي کي شامل ڪيو وڃي ته هي بلندي 800 فٽ تائين ٿئي ٿي. هي ميامي جي ڊگھي ۾ ڊگھي عمارت پڻ آهي. هن عمارت جي تعمير تي 379 ملين ڊالر خرچ ٿيو جڏهن ته هتي هڪ رات رَهَڻ جو ڪرايو 500 ڊالرن کان وٺي هڪ هزار ڊالرن تائين ٿئي ٿو ان ڪري هتي وڃو ته ڪريڊٽ ڪارڊ کڻي وڃجو متان وسري نه وڃي J
56404_07.gif



State Tower
هي بلند ترين هوٽل به بئنڪاڪ ۾ آهي ۽ هن جي تعمير 2001 ۾ مڪمل ٿي. هي ٿائيلينڊ جي ٽِين وڏي ۾ وڏي عمارت ۽ ٻيون بلند ترين هوٽل ٽاور آهي. 68 ماڙ هن ٽاور جي اوچائي 810 فٽ آهي. ۽ هي فائيو اسٽار لگزري هوٽل آهي. جديد سهولتن سان ڀرپور هن هوٽل ۾ ڪجهه سوئمنگ پول کان علاوه فٽنس سينٽرز به آهن.
56404_09.gif



Trump Ocean Club International Hotel & Tower
هي خوبصورت هوٽل پناما شهر ۾ آهي ۽ 2 ملين چورس فٽن تي ڦهليل هن هوٽل جي اوچائي 832 فٽ آهي. هن هوٽل جي احاطي ۾ پارڪنگ اسپيس، ريسٽورينٽس، شاپس، بزنس سينٽر ۽ ڪيسينو شامل آهن. 70 ماڙ هِن عمارت جي تعمير تي 400 ملين ڊالر خرچ آيو . هي عمارت ايتري ته وڏي آهي جو ان جي آس پاس موجود سڀ رهائشي آبادي به هن ۾ سمائجي سگھجي ٿي.
56404_11.gif



Grand Lisboa
هي هوٽل چين جي شهر مڪائو ۾ آهي ۽ هن کي هانگ ڪانگ جي آرڪٽيڪٽ ڊينس ليو ۽ Ng Chun Man گڏجي ڊزائين ڪيو . هن هوٽل جو افتتاح 2007ع ۾ ڪيو ويو جڏهن ته 52 ماڙ هن هوٽل جي اوچائي 856 فٽ آهي. هن عمارت ۾ ڪسينو، ريسٽورانٽس ۽ سَوين آرامده ڪمرا آهن. هي عمارت مڪائو جي سڀ کان ڊگھي جڏهن ته دنيا 118 هين بلند ترين عمارت آهي.
56404_13.gif



The Address Downtown
دبئي ۾ موجود هن هوٽل کي دنيا جي 6 ڊگھي ۾ ڊگھي هوٽلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. گذريل ڏهن سالن دوران هن علائقي ۾ تمام گھڻي ترقي ڏسڻ وٽان ملي آهي جتي بلند ترين عمارتن کان وٺي ڪجهه مصنوعي ٻيٽ (جزيره) تائين تعمير ڪيا ويا آهن. 992 فٽ بلند ترين عمارت ۾ 63 فِلور آهن ۽ تقريبن هن جي اوچائي هڪ هزار فٽ تائين ٿيندي. ۽ هي دُبئي جي 6 هين بلند ترين عمارت به آهي.
56404_15.gif



Baiyoke Tower II
بئنڪاڪ ۾ موجود هن بلند ترين ٽاور جي آس پاس عمارتون تمام ننڍڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون . هي عمارت هن شهر جي سڀ کان وڏي عمارت آهي ۽ ان کي ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان ڊگھي هوٽل جو اعزاز به حاصل آهي. ان کان علاوه هي دنيا جو 7 ستون ڊگھي ۾ ڊگھو هوٽل به آهي. 997 فٽ هن عمارت ۾ 85 فلور آهن. هن عمارت جي تعمير تي ايندڙ خرچ 300 بلين ڊالر آهي.
56404_17.gif



Jumerirah Emirates Tower Hotel
دبئي ۾ موجود هن عمارت جي تعمير جي شروعات 1996 ۾ ٿي جڏهن ته 2000ع ۾ مڪمل ٿي. 56 ماڙ هن عمارت جي اوچائي 1014 فٽ آهي جڏهن ته هن عمارت ۾ 40 پُرتعيش سوئيٽس به موجود آهن. هي دنيا جي 48 هين ڊگھي ۾ ڊگھي عمارت به آهي.
56404_19.gif



Burj Al Arab
هي دنيا جي ٽين ڊگھي ۾ ڊگھي عمارت آهي جيڪا دبئي ۾ آهي. دبئي کي پريمير هوٽل جو شهر به سڏيو وڃي ٿو. هي هوٽل جميره ساحل ويجھو آهي هڪ مصنوعي ٻيٽ تي تعمير ڪيو ويو آهي. 1056 فٽن تي مشتمل هن هوٽل ۾ 200 کان وڌيڪ سوئيٽس موجود آهن ۽ هتي هڪ رات جو ڪرايو 1800 ڊالر آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته هيءُ دنيا جو ٻارهون نمبر سڀ کان مهانگو هوٽل به آهي.
56404_21.gif
 
Back
Top