لطف پيرزادو 91-1990ع ۾ جڏهن موهن جو دڙو ڪنزروشين سيل (ايم سِي سِي) جُڙتو ته ان جو ڊائريڪٽر حاڪم علي بخاري مقرر ٿيو، جنهن هن سيل جي حوالي سان سٺا ڪم ڪرايا، پر سندس درويشاڻي طبيعت سبب، اسٽاف، ٺيڪيدارن ۽ تڏهوڪي آرڪيالاجي کاتي جي اعليٰ عملدارن ناجائز فاعدا وٺي ان پراجيڪٽ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح ايم سي سي ۽ اٿارٽي فاردي پرزرويشن آف موهن جو دڙو (اي پي ايم) جي ٽيوب ويل اسڪيم بند ٿي وئي. ايم پي اي جا 36 ملازم دربدر ٿيا، جن مان هن وقت ڏهه، پندرنهن ڄڻا ڪلچر کاتي وٽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته هن پراجيڪٽ مان 12 ڄڻا واپڊا ۾ پڪا ٿي چڪا هئا. ٽيوب ويل اسڪيم ڪاميابيءَ ساب هلي رهي هئي ۽ زير زمين پاڻي جي سطح به ڪافي گهٽجي وئي هئي. علائقي جي جن زمينن ۾ سم سبب سرءُ جو فصل نه ٿيندو هو، اتي وڻ ٿيڻ شروع ٿيا. 30 سيپٽمبر 1993ع تي ٽيوب ويل اسڪيم بند ڪئي وئي. ان وقت زير زمين پاڻي جي سطح 8 کان 9 فوٽن تي بيٺل هئي. جڏهن ته هن اسڪيم جو ٽارگيٽ ان کي 15 فوٽن تي آڻڻ جو هيو. 1986ع ۾ جڏهن هن اسڪيم جي شروعات ٿي هئي ته، ان کي 52 ٽيوب ويلن لاءِ منظور ڪيو ويو هو، جن مان صرف 27 ٽيوب ويل لڳي سگهيون هيون، جنهن ڪري پندرنهن سالن ۾ هيءَ پراجيڪٽ پنهنجو هدف پوري ڪري نه سگهي هئي. ان وقت زير زمين پاڻيءَ جي سطح 4 کان 5 فوٽن تي بيٺل هُئي، جيڪا هن وقت ساڳي سطح تي پهچي چُڪي آهي. انهن ڏينهن ۾ حاڪم بخاري، بدر ابڙو، انور پيرزادو ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ ميٽنگ ٿي هئي. جنهن ۾ طئي ٿيو هو ته وفاق کان صوبن کي پنهنجا قديم آثار واپس ڪيا وڃن، ان مسئلي تي مهم هلائجي. هن سلسلي ۾ بخاريءَ صاحب انگريزيءَ ۾ مضمون لکي، سنڌ سرونٽ سوسائٽي پاران پندرنهن وار ڇپجندڙ مئگزين ۾ ڇپرايو، انور صاحب اسٽار اخبار ۾ لکيو، مون ۽ بدر ابڙي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ لکيو، نيٺ هن مهم 18 ترميم جي صورت ۾ ڪاميابي ماڻي. انهن مضمونن ۾ اسان جو موقف هيو ته، پنجاب صوبي کي پنهنجا آثا حوالي ڪيا ويا آهن ته، ٻين صوبن کي به انهن جو انتظام حوالي ڪيو وڃي. ان وقت انهن مضمونن ۾ اسان انهن الڪن ۽ خدشن جو ذڪر ڪيو هو ته، صوبائي حڪومت جي حوالي ٿيڻ سان هنن جڳ مشهور آثارن تي سياسي ۽ ڀوتارڪي مداخلت ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ ٺوس قدم کنيا وڃن. ائين نه ٿئي جو اسان جا سياسي ڀوتار هنن کي عياشيءَ جو اڏو بڻائين ۽ قبضا مافيا کي کلي ڇوٽ ڏين. آخر اهڙا ئي نتيجا نڪتا هنن آثارن جي چوڌاري وڏيرن جي آشيرواد تي ماڻهن قبضا ڪيا. مڇيءَ جون کڏون ٺاهي روزگار ڪري رهيا آهن، جنهن سان آثارن کي نقصان رسي رهيو آهي. رهي کهي ڪسر سنڌ فيسٽيول پوري ڪئي، جنهن دوران ڌماڪا ڪري، هنن آثارن جي ڀرندڙ ديوارن کي ڊاهيو ويو. ڪلچر کاتي پاران بچاءُ ڪميٽيءَ تي سياسي ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو. سنڌ فيسٽيول جهڙو هڪ واقعو جنرل ضياءُ جي دور ۾ ٿيو هو، جڏهن آمريڪا جا ڪجهه فوجي جنرل موهن جو دڙو گهمڻ آيا هئا. ته انهن لاءِ اسٽوپا تي اسٽيج جوڙي شاميانا لڳايا ويا هئا. انهن شاميانن جا ڪلا ٺوڪيا ويا هئا. ارڙهين ترميم کان اڳ ۽ پوءِ به وفاق ان ضد تي قائم هيو ته، هن بين القوامي حيثيت رکندڙ سائيٽ کي سنڀالڻ لاءِ، نه ته صوبي وٽ اها ماهرانه صلاحيت آهي نه بجيٽ ان، جو سبب هنن آثارن کي ملندڙ عالمي فنڊ هيو. جيڪو ڊالرن جي صورت ۾ پاڪستان کي ملي پيو. موهن جو دڙو لاڙڪاڻو روڊ ٺهڻ وقت اسپرن جي اڳيان درياهه ڪناري تان واري کڻڻ واري عمل به آثارن کي نقصان رسايو ۽ سياسي وڏيرن جا کيسا ڀريا. ان عمل ڪري درياهه اولهه طرف ڪاهي آيو، هاڻي ته حد اِها آهي، جو لاڙڪاڻو-سيوهڻ بچاءُ بند کان سنڌو ندي 150 کان 200 فوٽن تي وهي رهي آهي. اسپرن ڪري درياهه جيڪو ٿورو گهڻو هٽي اوڀر طر جو رخ ڪيو هو، اهو واپس ساڳي جاءِ کان به وڌيڪ اولهه طرف اچي ويو. جنهن ڪري جر تي دٻاءُ وڌو، آثارن وٽ زير زمين پاڻي جي سطح وڌي وري 4-5 فٽن تي پهچي وئي، جيڪا 1956ع ۾ هئي. هن سڄي عمل سان جتي کوٽيل ۽ زمين ۾ دفن ٿيل آثارن کي نقصان ٿئي ٿو اتي سم ۽ ڪلر ۾ پڻ واڌ ٿئي ٿي. موهن جو دڙو ايئرپورٽ کي انٽرنيشنل هوائي اڏي طور ينائڻ واري رٿا جي آرڪيالاجي ماهرن پاران مخالفت ڪرڻ جي به وڏيرن کي وڏي ڊونس آئي، هنن کي ان ڳالهه جي ڳڻتي نه هُئي ته جمبو جهاز جي لهڻ ۽ اٿڻ سبب جيڪا زمين جي ڌوڏ ٿيندي انهن سان، هتان جي کوٽيل آثارن کي نقصان رسندو. خاص ڪري ڊي ڪي ايريا جيڪا ايئرپوٽ کي ويجھي به آهي ۽ هن جون اڪثر ڀتيون، زمين کان پنجن فوٽن کان ڏهن فوٽن جي اوچائي تي موجود آهن. انهن ۾ وري جيڪي اولهه اوڀر رُخ تي آهن، اهي اڳ ئي،پيڙهه جو پٿر هڻڻ دوران ۽ ڀتين جي پاڙ ۾ مينهن جو پاڻي بيهڻ سبب اتر طرف لڙي پيون آهن، هنن ۾ وڌيڪ ڪنهن لوڏي سهڻ جي ڪا طاقت ڪانهي. موهن جو دڙو لاءِ ٻه ڪلو ميٽر نئون روڊ ٺهندڙ جڏهن ڪلچر کاتي جي آفيسرن بند ڪرايو ڇو ته هنن جو دليل هيو ته، ان جاءِ تي زمين جي اندر آثار آهن. روڊ تي واري پئجي چُڪي هئي. ڪجهه پٿر به لٿل آهي، هاڻي موهن جو دڙو ٿاڻي تي جيڪو به ايس ايڇ او مقرر ٿو ٿئي، اهو ٽريڪٽرن وارن کان في ٽرالي 400 رپيا جي حساب سان اها واري وڪڻي رهيو آهي. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته، ان واريءَ جي ڍورائي لاءِ ڪجهه بجيٽ منظور ڪري ان کي کوٽيل آثارن ۾ وڇايو وڃي ها ته جيئن سم، ڪلر ۽ مينهن کان آثارن جو ڪجهه نه ڪجهه بچاءُ ممڪن ٿئي ها. هنن آثارن جي چوڌاري پيل ايراضيءَ تي وڏيرن جا ماڻهو قبضا ڪري، پوکي راهي ڪري رهيا آهن ته ڪٿي وري گهر جوڙي ويهي رهيا آهن. جن کان ڪلچر کاتي جا مقامي آفيسر خرچي پکي وٺي چپن کي چونو هڻي ويٺا آهن. تازو زير زمين آثارن جي ڳولا ۾ هن قديم شهر جي حدبنديءَ لاءِ جيڪا ڪور ڊرلنگ اسڪيم شروع ڪئي وئي هُئي، ان کي به پنهنجا نوازيءَ واريءَ پاليسيءَ تحت ناڪام بڻايو ويو آهي. هن اسڪيم جو ٺيڪو ڊي جي ڪلچر جي ڀاءُ کي ڏنو ويو، جيڪو نلڪن لڳائڻ جو ڪاروبار ڪندو آهي. هنن کي خبر ئي ناهي ته هن شهر جا آٿا ڪيستائين ۽ ڪيترو هيٺ ڦهليل آهن، ڪلچر کاتي جي ڪارندن جي معلومات لاءِ عرض ته هن شهر جا آثار اڀرندي طرف ديهه ابڙيپوٽا، ديهه حسن واهڻ ۽ ديهه گڏجي ڳوٺ هڪڙا ۽ پراڻي گُڏ جي اڀرندي طرف درياهه جي پيٽ ۾ به هن شهر جا آثا موجود آهن. جيڪي حاجي شاهه اسماعيل جي پائڻ وقت ظاهر ٿيا هئا. اسپر 7 جي تعمير دوران حاجي جعفر جي قبرستان مان ناياب آثار ۽ اينٽي ڪوئينٽي ملي هُئي. خود حاجي جعفر جو مڙهه هڪ ٺڪر جي پيتيءُ ۾ بند ٿيل آهي. ان کان علاوه 1993 ۾ اسپر 2 جي تعمير وقت ديهه ابڙيپوٽا ۾ هن شهر جي بندر ۽ اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڪالوني جي هڪ ڳتيل آبادي جا آثار ظاهر ٿياهئا. جن جي کوٽائي ۽ ڊاڪومينٽيشن ان وقت جي ڊائريڪٽر حليم صاحب ڪئي هئي. اتان مليل اينٽي ڪوئينٽي ٻورين ۾ بند ٿي ميموزم جي اسٽور ۾ سڙي رهي آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ گورنمينٽ جي انتظام هيٺ هجڻ واري وقت ۾ موهن جو دڙو ميوزم مان ناياب مهرن جي چوري ٿي، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو پتو کرو ڪونهي نه وري ان ۾ ملوث چور هٿيڪا ٿيا. ٻيو واقعو عمرڪوٽ قلعي مان چوري جو پيش آيو، جڏهن ته پڪي قلعي حيدرآباد واري ميرن جي ميوزم کي باهه وفاق واري دور ۾ لڳي هئي. اسپر 2 وٽان ظاهر ٿيندڙ آثارن جا فوٽو انور پيرزادي جي فائيل ۾ موجود آهن. جنهن تي هن نئون لڌل موهن جو دڙو جي عنوان سان هلال مئگزين ۾ مضمون پڻ لکيو هو. اسٽوپا جي الهندي طرف ديهه بگيءَ جي زرعي ايراضيءَ ۾ ڳوٺ ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ خير واهه تي 1986ع ۾ ميان الهداد سوهو ٽيوب ويل بور ڪرايو ته اتان 86 فوٽن تان هن تهذيب جي ناياب اينٽي ڪوئنٽي ملي، جيڪا سندس پٽ ڊاڪٽر نثار احمد مون کي ڏني هئي، ان ۾ هڪ پليٽ ٺڪر جي هُئي، جنهن تي سڄي شمسي نظام جو نقشو چٽيل هيو، 1986ع ۾ سم شاخ جي کوٽائي دوران به هنڌان هنڌان آثار ظاهر ٿيا. ملاحن جي ڳوٺ وٽ جيڪا موري تعمير ٿيل آهي. اتان انساني کوپڙي ملي ڪجهه ڏينهن ڪم بند ڪري کوٽائي ڪئي وئي، جتان شوري ۽ نير جا وڏا حوض ۽ چمڙي رنگڻ جا حوض لڌا، هن جاءِ تي هڪ گول دائري ۾ چوواٽي جو نشان مليو، جيڪو پڪين سرن سان تمام سهڻي ڊزائين ۾ تعمير ٿيل هيو، اڀرندي طرف ڊي ڪي ايريا ۾ بندر کي ملائيندڙ پڪين سرن جو روڊ مليو، جيڪو ساڍا ٽي ميٽر ويڪرو ۽ اوچائي ۾ ٻارنهن بار آيل هئس. انگريز سرڪار 1922 کان 1940 تائين زمين جي مٿاڇري تي ملندڙ ٺيڪراٺي کي ڏسي پي ڊبليو ڊيءَ کان مٽي جو ڪچو بند ٻڌرائي هن شهر جي بائونڊري قائم ڪئي، فاريسٽ کاتي کان آرڪيالاجي کاتي کي بگي ٻيلي جي 555 ايڪڙ زمين منتقل ڪرائي. در حقيقتن هن شهر جي پکيڙ ڪيترن ئي ميلن تائين آهي، جنهن کي اوڀر ۽ اولهه ۾ درياهه تباهه ڪيو آهي. ڪلچر کاتي جي ڪامورن کي گهرجي ته هن قديم ثقافتي شهر متعلق آرڪيالاجي جي ماهرن جا ڪتاب، جنرل، گزئينر ۽ نوٽس پڙهي، پهريان هن ثقافت ۽ آثارن جي ڄاڻ حاصل ڪن.