وڃايل سنڌ جي ڳولا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    رکيل مورائي
    هو ورهين کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ويو هو. ڳوٺ جيڪو سنڌ جي سمورن ڳوٺن جيان هڪ پنجاهه کن گهرن جو ڳوٺ آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان لنڪ روڊ گذرن ٿا. اولهه پاسي سڏ پنڌ تي واهه وهي ٿو، جنهن جي ڪنار سان نمن ۽ ٽالهين جا وڻ هوندا هئا، جن جي ڇانو ۾ هو ننڍي هوندي پنهنجي همعمر مائٽن ۽ دوستن سان گرميءَ جي مند ۾ ونهجڻ سان گڏ راند روند به ڪندو هو.

    هُن جو ڳوٺ اهڙو آهي، جنهن ۾ سڀ گهر هُن جي سوٽن، ماساتن ۽ پڦاٽن جا آهن. ڌاريون ڪو به نه آهي. ان ڪري سڀ گهر ڄڻ هُن جا پنهنجا آهن، جڏهن هو ننڍو هو ته ڪنهن به وقت ڪنهن به گهر ۾ هليو ويندو هو. هن کي ياد آهي ته تڏهن ڪنهن به ڳوٺ جي عزيز جو هڪ سال فصل نه ٿيندو هو ته سڄو ڳوٺ هن کي مڻ/ اڌ مڻ ڪڻڪ وغيره ڏيندو هو ۽ ايئن هُن جو سڄو سال آرام سان گذري ويندو هو.

    ڳوٺ ۾ ڪچين سرن سان ٺهيل هڪ مسجد به هُئي، جيڪا هاڻ پڪين سرن سان ۽ ڳوٺ جي سڀني گهرن کان سهڻي آهي هُن جي ننڍپڻ ۾ ڳوٺ جي اوطاق آڏو هڪ شاهي سرينهن جو وڻ هوندو هو، جنهن جي هيٺان ايتريون کٽون رکي سگهبيون هيون، جو هڪ ڪاڄ ٿي سگهي.

    سندس ڳوٺ جي ڀرسان ويندڙ لنڪ روڊ ٺهڻ کان اڳ ڪچو رستو هوندو هو، جنهن تان هڪ بس صبح جو شهر ڏانهن ويندي هئي ۽ شام جو اها ئي بس مسافرن سان گڏ سامان ۽ رڍون ٻڪريون سٿي شام جو واپس ورندي هئي، ان کانسواءِ ماڻهو يا ته پنڌ سفر ڪندا هئا يا گهوڙن ۽ ٻين جانورن تي. هن کي اهو به ياد آهي ته سندن اوطاق ۾ مهمان ايندا هئا (جيڪي اڪثر موجود ئي هوندا هئا) ته سندس والد پاڻ زوري سان هوندي به انهن جي ماني ٽڪيءَ جو جوڳو بندوبست ڪندو هو. ڪو اڻ واقف مسافر پنڌ گذرندو هو ته مسجد ۽ اوطاق ڏسي لڙي ايندو هو ۽ هُو ان مسافر کي ٻه پهر آرام ڪرائڻ سان گڏ مانيءَ جو بندوبست به ڪندو هو.

    مٿي سڀ ڪجهه بيان ڪرڻ ۾ هُن کي فقط اها ڳالهه هاڻ سمجهه ۾آئي آهي ته ان سڀ م نه مذهب جو عمل دخل هو، نه قوم جو ۽ نه نسل جو. اها سنڌ جي تهذيبي روايت هئي، اخلاقي قدر هُئا ۽ ماڻهپي ۾ ويساهه ويٺل هو.

    اڄ هو ان ساڳئي ڳوٺ ۾ آهي، سندس ڳوٺ ڀرسان ويندڙ ڪچو رستو عاليشان روڊ بڻيل آهي، هاڻ هڪ گاڏي پاران هزارن جي تعداد ۾ گاڏيون گذرن ٿيون، ڳوٺ جي لڳ ڀڳ هر ٻئي ماڻهو وٽ موبائيل آهي، ڳوٺ ڀرسان وهندڙ واهه، هڪ ننڍڙي واٽر ڪورس جيترو بڻجي ويو، ان جي ڪٺار تي نهارجي پهچ تائين ڪوبه وڻ نه آهي، رشتن جي زنجير ۾ ٻڌل عزيزن جي گهر اچڻ وڃڻ تي ڪوبه راضي نه آهي، اوطاق ۾ جنهن شخص جو مهمان اچي ٿو ان کانسواءِ ڪوبه نٿو موجود هُجي. پنجاهه گهرن جي ڳوٺ ۾ جيڪڏهن اچانڪ ڪو شخص گذاري وڃي ٿو ته ان جي ڪفن دفن جا ڪجهه پئسا سموري ڳوٺ مان نٿا نڪرن، ٻارڙا اسڪول نٿا وڃن، مائٽن کي ڪجهه محسوس نٿو ٿئي، ڪن مذهبي جماعتن جا ماڻهو ڳوٺن ۾ وڏا وڏا مدرسا ۽ مسجدون کولي رهيا آهن ۽ اهي به اهڙن هنڌن تي جتي، ڪا خاص گهرج نه آهي، انهن مدرسن جي آڙ ۾ اهي مذهبي جماعتون سنڌ جي تهذيب، روايت ۽ قدرن کي ڪنهن ٻئي طرف کڻي وڃڻ چاهين ٿيون. جن زمينن ۾ اهي مسجدون ۽ مدرسا جڙي رهيا آهن، انهن زمينن جي اصل ملهه کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ملهه تي انهن مذهبي جماعتن زمينون خريد ڪيون آهن، ڳوٺ جو هڪ شخص ٻئي کي پنهنجو عزيز سڄڻ، دوست ۽ همدرد نٿو سمجهي، ننڍو ڪنهن به وڏي جو احترام نٿو ڪري.

    هن کي ڳوٺ اچي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي، هو سوچي ٿو، ڇا هيءُ اهو ئي ڳوٺ آهي، جتي هو ڄائو هُئو، پڙهيو هو ۽ وڏو ٿيو هو ۽ وڏي ڳالهه ته سندس شناختي ڪارڊ تي اڄ به جنم هنڏ طور ان ڳوٺ جو نالو لکيل آهي.

    هيءَ اهو ئي ڳوٺ آهي، جنهن جي چوڌاري وڏا وڻ هوندا هئا، ڳوٺ سان لڳ ٻنيءَ ۾ گاهه پوکيل هوندو هو، جنهن مان ڳوٺاڻن جون ڌاريل مينون، ڳئون، ٻڪريون ۽ ٻني کيڙيندڙ ڀٽارا ڏاند گاهه چرندا هئا ۽ هو شام جو ڪتاب کڻي وڃي سائي گاهه جي ڪنهن ڪنڊ تي ويهي سبق ياد ڪندو هو ۽ وڏو ٿيڻ کان پوءِ ادبي ڪتاب پڙهندو هو ۽ پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان انهن ڪتابن بابت بحث ڪندو هو.

    هو ڪيترن سالن کان سنڌ جي وڏي شهر ۾ رهندو آهي، جنهن شهر جون هر ڏينهن بلڊنگون ته وڏيون ٿي رهيون آهن، پر انهن وڏين بلڊنگن ۾ رهندڙ ماڻهن جون دليون ننڍيون ٿي رهيون آهن، ماڻهن جي اکين ۾ محبت، پيار ۽ پنهنجائي بدران اوپرائپ، ڪروڌ، نفرت ۽ غصو گهڙي آيو آهي. هن سوچيو هو ته هن ڀيڙ ۽ اوپرائپ کان دور رهي، ڪي ڏينهن هو پنهنجائپ ۽ سک شانتيءَ واري ماحول ۾ گذاريندو ۽ پنهنجي ڳوٺ کي نئين صورت ۾ ڏسندو. مائٽن سان ملي خوش ٿيندو، ڳوٺ جي اوطاق ۾ ويهي مائٽن سان ڪچهريون ڪندو. ڳوٺ ڀرسان وهندڙ واهه ۾ وري وهنجندو ۽ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪندو، واهه جي ڪٺار سان ڊوڙندو ۽ پنهنجي ڳوٺ جي هواءِ کي پنهنجي ساهن ۾ اوتي محسوس ڪندو ته مان اهو ئي ساڳيو آهيان، منهنجي ڦڦڙن ۾ اها ئي تازي هوا آهي.

    هُن اهو به سوچيو هو ته جيڪڏهن سندس موجودگيءَ ۾ ڪو مسافر اوطاق ۾ آيو ته، هو سندس اهڙي ئي خدمت ڪندو، جهڙي سندس والد آيل مهمان جي ڪندو هو. سندس والد جيڪو هاڻ نه رهيو هو. سندس اکين ۽ دل ۾ اهو سدائين موجود هوندو آهي. هُن کي ان قبرستان به وڃڻو هو، جيڪو سندس ابن ۽ ڏاڏن جو آخري آرام گاهه آهي. هو اتي ڪيترائي ڪلاڪ ويٺو رهيو هو ۽ سوچيندو رهيو ته ماڻهوءَ جي پڄاڻي هيءَ آهي.

    اڄ وري هو وڏي شهر جي پنهنجي گهر ۾ آهي ۽ سوچي رهيو آهي ته ڇا هيءَ اها سنڌ آهي، جيڪا هو چاليهه سال اڳ ڳوٺ ۾ ڇڏي آيو هو ۽ ساڳئي وقت اهو به سوچي ٿو ته ڀلا هيءَ ساڳيو شهر آهي، جيڪو هُن چاليهه سال اڳ پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ پوءِ سدائين هِن شهر جو ٿي ويو هو. ڪنهن نتيجي تي پهچي ان کان پهرئين ئي ٻاهر تيز فائرنگ جو اواز اچي ٿو. هن کي محسوس ٿئي ٿو ته اها فائرنگ ڄڻ هن جي فليٽ واري بلڊنگ جي مٿان ٿي رهي آهي. هو غصي ۾ بيڊ تان اٿي، فليٽ جي دريءَ کان ٻاهر وهندڙ روڊ طرف نهاري ٿو، جيڪو معمول سان اڻ ڳڻين هلندڙ گاڏين جي ٽائرن هيٺان خاموش آهي، هو سوچي ته جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه ايئن ئي آهي ته ڇا مان اهو نه رهيو آهيان ڇا؟ ۽ جيڪڏهن مان ساڳيو آهيان پوءِ هيءَ سنڌ ساڳي نه آهي، مون کي اها سنڌ ڳولڻي آهي، جيڪا چاليهه سال اڳ مان پنهنجي ڳوٺ ڇڏي آيو هوس!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو