• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنگلا ڪروڙ پتي

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
جبار آزاد منگي
هڪ سياستدان مشرف جي سياست تي ڳالهائيندي چيو ته مشرف هن ملڪ جي تباهي ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هن جي دور ۾ ملڪ جي معيشت تباھ ٿي چڪي هئي،اسان جي حڪومت نه اچي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها.
ڀر ۾ ويٺل ساڳي پارٽي جي ٻئي سياستدان پنهنجي آسپاس جو جائزو ورتو ۽ جڏهن هن کي پڪ ٿي ته اسان جا احوال ٻيو ڪو به ٻڌي نه رهيو آهي ته هن پهرين سياستدان کي چيو ته ڀلا نصيب مشرف جا جو هن بلدياتي نظام آڻي الاهي ڏوڪڙ ڏنا،جنهن نظام وسيلي اسان سنڌ جي هر مڪاني اداري جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ۽ سنڌ جو ڏيوالو ته اسان جهڙن يارن ملي ڪري ڪڍيو آهي.يار هڪڙي ڳالھ مڃبي ته اهيو مشرف جو نظام ئي ته آهي جنهن اسان جهڙن ڪنگلن کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top