سنڌ جو وڏو واپار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    وينگس
    ڇا تون پنهنجي ديس جي ڪا ڳالهه ٻڌائيندين؟

    مان هميشه جيان خاموش رهيس،

    هِن ڀيري به ڪجهه نه ڳالهايو،

    پر هر وقت هڪ سوال ته تون پنهنجي ديس جي ڪا ڳالهه ڪر،

    مون کي خاموش ڪري ڇڏي ٿي،

    مان اندر ۾ جهاتي پائي،

    هر هڪ احساس کي لفظن جي چادڙ اوڍائڻ جي ڪوشش ڪئي،

    پر ناڪام ٿيس،

    پوءِ سوچيم شايد هن ڀيري ڪئميرا ۾ ديس کي محفوظ ڪري،

    ڏيکاري سگهان ته منهنجو ديس ڪهڙو آ؟

    ڪيترن سالن کان پوءِ پنهنجي ڌرتي تي قدم رکيم،

    ۽ بيگ مان ڪئميرا ڪڍي،

    پنهنجي ديس کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،

    اڄ هر تصوير کي ڏسي،

    اندر مان رڙ ٿي نڪري ته هي ڪهڙو ديس آهي؟

    ڇا هي اهو ئي ديس آ؟

    هن ديس جي اکين ۾ ايترو درد ۽ اداسي ڪٿان کان آئي؟

    مان درد يا پنهنجي ديس کي محفوظ ڪرڻ ويس؟ (هلينا)

    مون کي خبر ناهي پر منهنجي دل تي هلينا جو نظم ڇو ۽ ڪيئن ياد اچي ويو! منهنجي ڪوشش هئي ته مان ڪنهن سياسي اشو تي آچر ڏهاڙي ڪالم لکندس. ان لاءِ ڪيترا سب ٽاپڪس به طئي ڪري ڇڏيا، بس انهن کي ڪاغذ تي لکڻو هو.

    ائين نه ٿيو ۽ هڪ سوال مسلسل اُڀرندو رهيو ته آخر اهي سڀئي ڪهڙي سنڌ جي ڳالهه ڪن پيا؟

    جيڪي ڪجهه اهي سڀ چئي رهيا آهن، ڇا ان جو اُنهن کي ادراڪ آهي يا وري سنڌ جي نالي تي سياست کيڏي پئي وڃي؟ اسان ڪنهن جي نيت تي شڪ نه ٿا ڪري سگهون پر جيڪا ڳالهه ۽ جنهن جي حوالي سان گهُر ڪن پيا ان ۾ ڪيترا سچا آهن ان تي سوال ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي.

    سنڌ جو صرف نالو کڻڻ سان ڪو به سنڌ جو وفادار نه ٿو ٿي سگهي، ان جي لاءِ سچائي ۽ ايمانداري جي پلصراط تان هلڻو پوندو. اهو ڪيئن ممڪن آهي جو ڪير هڪ پاسي سچائي جي ڳالهه ڪري ۽ ٻئي پاسي کوٽو سڪو هلائي... ان کي سولي سنڌي ۾ ٻٽو معيار چئبو.

    جيڪڏهن ڪنهن کي اهڙي انداز سان ڪردار گهرجن جيڪي ٻٽا معيار رکي ڌرتي جي ڳالهه ڪن ٿا، ان سان ڌرتي کي ڪيترو فائدو رسندو؟ ان جو ڪاٿو پاڻ ئي ڪجي ته بهتر ٿيندو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته اصول انسان جي لاءِ روح ۽ دل جو ڪم ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن وٽ اهي اصول ناهن ته پوءِ اهي انسان زندهه لاش جي برابر آهن.

    مون کي انهن تي افسوس ايندو آهي جيڪي اهو چوندا آهن ته اسان رائيٽرز جي ذاتي زندگي سان واسطو نه ٿا رکون، پر اهي ڇا ٿا لکن اسان جي لاءِ اهو اهم آهي. جڏهن اندر ئي ڪارو هجي، اهي ڪاغذ تي لفظن جي ڪاريگري ئي ڪري سگهن ٿا.

    انهن جا لفظ، سماج ۾ بهتري نه ٿا آڻي سگهن. سنڌ ۾ اڄڪلهه ان انداز سان به سوچ جنم وٺڻ لڳي آهي. جيڪي ڪردار ذاتي زندگي ۾ انصاف نه ٿا ڪري سگهن، اهي ڪهڙي منهن سان سماج جي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا؟

    اهو ائين ئي ٿيو ته هڪ قاتل، قتل ڪرڻ کان پوءِ اچي چئي ته انسانيت ان جي زندگي جو ايمان آهي ۽ پوءِ وري قتل ڪري، ڇا ان جي ڪرائم کي الڳ ڪري سگهجي ٿو؟

    بلڪل به نه...! ائين ئي لکڻ ۽ سياست جي دنيا ۾ اصول ۽ اخلاقيات وڌيڪ اهم آهن، ڇو جو انهن جو واسطو اجتماعيت سان آهي، اُهي معاشري تي اثر انداز ٿين ٿا. ذاتي زندگي جو کوڙو ان وقت لاڳو ٿئي ٿو جڏهن ڪنهن فرد جي زندگي سان ٻيون زندگيون اثرانداز نه ٿينديون هجن، جيڪڏهن ان جي عمل سان ڪيتريون ئي زندگيون اثرانداز ٿين ٿيون ته پوءِ ان جي زندگي جو عمل ذاتي زندگي تائين محدود نه ٿو رهي.

    ان ڪري ذاتي زندگي کي به ڏسڻو پوندو، باقي طوطي جيان لفظن کي ياد ڪرڻ ۽ ڪاغذ تي لکڻ وارن کي سماج سڌارڪ ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي.

    هڪ پاسي لکڻ جي دنيا ته ٻئي پاسي سياسي دنيا وارا آهن. پاڪستان ۾ هڪ الميو رهيو آهي ته اسان هر هڪ شيءِ کي ملائيندا رهون ٿا، اقتداري ووٽ واري سياست ۽ قومپرست سياست ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. پاڪستان ۾ وفاقي سياست جو محور اقتدار ئي آهي.

    جيڪي اقتدار جي سياست ڪندا آهن اتي سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، اتي هر وقت اصول ناهن هلندا پر ڪڏهن ڪڏهن اصولن کي ٻه قدم پٺتي ڪرڻو پوندو آهي، ان ڪري ئي چوندا آهن ته اقتدار جي سياست ۾ صرف ٽائمنگ ۽ موقعي کي ڏٺو ويندو آهي.

    پر جيڪڏهن ڪير پنهنجي ڌرتي جي ڳالهه ڪري ٿو ته اتي اصول ۽ اخلاقيات کي پهرين نمبر تي رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو اهي اقتدار يا ووٽ جي سياست نه ٿا ڪن. جيڪڏهن سنڌ جي قومپرستن کي ووٽ جي سياست ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ واضح نموني سان اڳيان اچن.

    جيڪي وفاق جي سياست ڪن پيا گهٽ ۾ گهٽ اهي پنهنجي موقف ۾ واضح آهن. پر ڇا ٻٽي معيار کي اڃا سڱ ٿيندا آهن، جو هڪ پاسي قومپرستي جو ڪارڊ ۽ ٻئي پاسي اقتداري سياست جو ڪارڊ رکيو وڃي.

    ان جو خطرناڪ اثر سنڌ جي اجتماعي مفادن تي پوندو.

    ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو سنڌ جي نيئن اڀرندڙ سگهه کي زنگ لڳي رهيو آهي. هر هڪ، شين کي مفادپرستيءَ جي اک سان ڏسي پيو.

    ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسو ته اُهي ڪردار جيڪي اصولن ۽ اخلاقيات تي بيٺل هئا، انهن معاشري کي ئي نه پر پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو ۽ اڄ تائين انهن جا ڪردار، مشعل راهه جيان آهن. انهن وٽ ٻٽا معيار نه هئا.

    سنڌ جيڪا دردن ۽ سورن ۾ ورتل آهي، ان جي اکين ۾ جهاتي پائي ڏسو جنهن ۾ درد ئي درد آهي. هيءَ اها سنڌ ناهي جيڪا پهرين پنهنجي درد کي نئين سگهه ڏيندڙ هئي، پر هاڻي درد، سنڌ کي جهوري رهيو آهي.

    اسان سڀئي ڪهڙي سنڌ جي ڳالهه ڪيون ٿا؟ پهرين پنهنجي دلين تي هٿ رکي پڇون ته ڇا سنڌ جي درد کي ٻٽي معيار سان ختم ڪري سگهبو يا وري ان ۾ اضافو ڪري، وڌيڪ سنڌ جي روح ۽ دل کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. هاڻي سنڌين کي پاڻ هڪ ليڪو پائي واضح ڪرڻو پوندو ته اهي ڪهڙي سنڌ چاهين ٿا؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو