غلام الرسول جوڻيجو موجوده دور ۾ ترقي جي تيز رفتار وهڪرن جتي دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ هر قوم انهي ترقي جي تيز رفتار وهڪرن ۾ شامل ٿيڻ جي خواهشمند آهي، انهي ڊوڙ ۾ ڪاميابي جا ڪرڻا اڀاريندڙ خوشنصيب قومن جا فرد اڄ هر موڙ تي پنهنجو پاڻ کي سڌريل ترقي يافته قوم مڃرائي رهيا آهن. اهو چوندي فخر محسوس ڪندا آهن ته اسان هڪ سڌريل قوم آهيون. انهن قومن جي ماضي تي نظر وجهبي ته اسان کي انهي آئيني ۾ اهو واضح طور ڏسڻ ۾ ايندو ته انهي قوم جي فردن پنهنجي زميواري اهڙي مهذب شانائتي ۽ ايمانداري سان نڀائي آهي جو دنيا جي آڏو اوچو ڳاٽ ڪري پاڻ کي سڌريل ۽ مهذب قوم سڏائين ٿا. دنياوي گولي تي وجود رکندڙ ڪيترون ئي قومون ترقي جي هام سان گڏ مهذب به سڏائينديون رهن ٿيون، انهن ئي دنياوي ليول تي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اسان جي سنڌ ڌرتي جنهن قاضي قادن، شاهه عبداللطيف، سچل سرمست سميت ڪيترن ئي مهذب دنيا جي علمبردارن کي جنم ڏيندڙ آهي. سنڌ جي تاريخ مهذپ پڻي ۾ هڪ الڳ ۽ نمايان حيثيت رکي ٿي. تاريخي ورقن کي اٿلائڻ سان پتو پوندو ته سنڌ سدائين مذهبي متڀيد کان مٿاهين رهي آهي. هتي جا ماڻهو مذهبي هيٺ مٿاهين کي ڇڏي ڪري صرف هڪ سوچ سنڌي ٿي رهڻ کي اول ترجيح ڏني آهي، جنهن جي سزا خاطر سنڌي قوم ڪيتريون پيڙائون ۽ عذاب سٺا آهن، ۽ ڪيترن ئي حملي آورن کي منهن ڏيندي رهي آهي. جنهن جو سبب سنڌ جو مهذب پڻو آهي، جنهن کي هضم نه ڪندڙ مذهبي ٺيڪيدارن هميشه مذهبن کي ڍال بڻائي سنڌ تي حملا ڪيا آهن. ۽ خوب لٽيو ۽ ڦريو آهي، جنهن جي ڪري ئي گهڻو عرصو سنڌ آزادي جي نعمت کان محروم ۽ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهي آهي. باوجود انهي جي به سنڌي جوڌن ان مذهبي ڍالن ۽ حملي آورن کي خوب ننديو آهي، ۽ مضبوطيءَ سان رُڪ جي ڀت بنجي مڙس ٿي منهن ڏنو آهي، ۽ هزارين جانين جا نذرانا ڏيئي حملي آورن، حڪمرانن کي هڪ گهڙي به آرام سان گهارڻ نه ڏني آهي. ڇو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌي سنڌ ڌرتيءَ کي مقدس سمجهندو آهي، اها هڪ حقيقت به آهي ته ڌرتي ماءُ به هوندي آهي، ان تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌ ڌرتي هميشه مهذب رهي آهي جنهن جو واضح ذڪر ائن مورا جو لکيل ڪتاب ”سنڌ ڌرتي، مذهبن جي ماءُ“ (مترجم: عطا محمد ڀنڀرو) ۾ پڻ واضح ڪيل آهي ته: اخلاص ۽ تهذيب جي شروعات سنڌ کان ٿي. وڏڙن جي ڏنل عظيم قربانين ۽ تاريخ ۾ زندهه دل رهندڙ ڌرتي سنڌ موجوده دور ۾ نظر وجهبي ته اهو معلوم ٿيندو ته اسان وٽ هر پاسي اڄ وري به ساڳي سنڌ دشمن ڌرين جي تاريخ ورجائي پئي وڃي. مذهبن جي ماءُ سنڌ ڌرتيءَ تي مذهبي انتها پسندي ڦهلائي پئي وڃي، مسجدن ، مندرن توڙي ٻين مقدس جاين جو تقدس هر روز پائمال ٿي رهيو آهي. جنهن سان سنڌ جي تاريخ کي وڏا خطرا درپيش آهن. ڇو ته اڳ ۾ جيڪي به حملا ٿيا، اهي مذهبي بنيادن تي ئي ڪيا ويا، ۽ ڪن ٻن واقعن کي ڇڏي ڪري اڪثر انهن ملن ئي ڪيا آهن، جيڪي پاڻ کي انسانيت جا علمبردار سڏائيندا آهن، جيڪي اڄ به هتي موجود آهن. هن وقت ڌاريا ملان کڻي نه هجن. پر سندن پاليل ملڪي ملان انهي ڪم ۾ وسان نه گهٽائي رهيا آهن. امن جي سفير ڌرتيءَ تي ارغون، ترخانن ۽ تاتارين جي تاريخ ورجائي پئي وڃي. پر وڏڙن دودو، دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، شهيد هوش محمد، سورهيه بادشاهه جا تسلسل اڃان به شيخ اياز جي سٽ: ”اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي، متان ايئن سمجهو مئا مور سارا.“ وانگر اوچي ڳاٽ سان اهو چئي رهيا آهن ته ”ها اسان مهذب قوم جا غير مهذب ماڻهو آهيون.“ مهذب پڻي جي معنيٰ اها آهي ته مهذب قوم جو هر فرد راءِ سهيريس وانگر رڪ جي ديوار بڻجي، قوم جي وجود ، ثقافتي ورثن جي حفاظت ڪري. ۽ پنهنجو قومي بقا وارو ڪم حوصلي، ارادن جي پختگي سان انجام ڏئي ۽ ڌرتي جي حفاظت ڪري. انهي لاءِ اسان سڀني سنڌ ڌرتي جي فردن کي پنهنجي وڏڙن ۽ مقدس ڌرتي جي تاريخ کي ميٽجڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڀرپور طريقي سان انجام ڏيڻ وپوندو ۽ پنهنجي لوئي لڄ ۽ تمدن کي ساڳي طريقي سان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڌرتي کي دين ڌرم بڻائي، تقدس جي پائمالي کان بچڻ لاءِ مهذب پڻي جي سوچ ۽ دعويٰ کي حقيقي روپ ڏيڻو پوندو، اها تاريخ جي اسان تي هڪ وڏي ذميواري سونپيل آهي. ۽ وقت جي سڏ کي ورنائڻو پوندو ۽ جنهن به قوم وقت جي سڏ کي نه ورنايو آهي، اها پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي. ها اسان انهي ساڳي مهذبپڻي واري سنڌ کي وري به ڏسي سگهون ٿا. انهي لاءِ اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي پنهنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ علم سان ٽمٽار بڻائي وقت جي حاڪمن اڳيان ثابت ڪرڻو آهي ته اسان سنڌي پنهنجي وڏڙن جي تاريخ کي ڪڏهن به وساريندا ناهيون ۽ ها اسان هڪ مهذب قوم آهيون.