پئه نه پٺيان پاڇن جي،هو پاڇا پٺيان تو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    اڻ-ڏٺي الله ۾ اُميد رکڻ ايمان جو جز آهي، پر ڏٺي انسان ۾ اميد رکڻ پاڻ کي ماڻهپي مان ڪڍڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي. اُميدن ۽ آسرن جي گهوڙن تي جيڪي به چڙهيا، اهي نه آر پهتا نه پار پهتا، پر مايوسيءَ جي انهيءَ ڪُن ۾ ڪريا، جتان موٽڻ جو چارو ئي ڪونهي.

    اسان جي معاشري ۾ آسرن، اميدن سهارن جو جهان ئي نرالو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان پرماريت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پوندا آهيون ۽ بي فيض يا بي اختيار ريگستان واري رڃ کي پري کان درياهه سمجھي پنهنجي آس اميد جي ٻيڙيءَ جو منهن اوڏانهن ڪري ڇڏيندا آهيون، جيڪڏهن پاڻ ۾ ”اُميد“ جي ڀيٽ ۾ لياقت ۽ صلاحيت نه هوندي ته اسان ”اميدن“ کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اها روش پنهنجي خواهه پرائي استحصال ڪرڻ برابر هوندي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن اسان رڃ کي درياهه ڄاڻي پياس لاهڻ جا جتن ڪنداسين ته انهيءَ رڃ ۾ رلي وينداسين.

    جنهن معاشري ۾ ”حقن“ ۽ ”فرضن“ ۾ توازن ۽ تلسلسل هوندو آهي، اتي اميدون گهٽ ئي جنم وٺنديون آهن. مريض ڊاڪٽر ۾ اميد ان ڪري رکندو آهي ته هن مان کيس صحتيابي ملندي، جڏهن ڊاڪٽر مريض کي بچائڻ يا صحتياب ڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاڻندو، جڏهن عوام ووٽ ڏئي پنهنجي شهري هئڻ جو حق پورو ڪري ٿو ته اهو مٽجي چونڊيل ماڻهن جو فرض بڻجي پئي ٿو ته بي لوث ٿي عوام جي خدمت ڪن. جڏهن استاد پگهاروٺي ٿو ته هو قوم جو قرضي ٿي پئي ٿو ۽ ٻار پڙهائڻ هن جو فرض بڻجي پئي ٿو. جڏهن عملدار مناسب معاوضو وٺي ٿو ته عوام جي ملازمت ڪرڻ جو پابند بڻجي پئي ٿو. ان ڪري ”حقن“ ۽ ”فرضن“ جو توازن غير ضروري اُميدن جي وڻن ٻوٽن جي آبياري ڪونه ڪندو آهي.

    پر اسان ”حقن“ ۽ ”فرضن“ جي بدران ”ڏيڻ“ ۽ ”وٺڻ“ جي ريت قائم ڪري رکي آهي. مريض وڏي في ڏيندو ته ڊاڪٽر وڏي پرگهور لهندس. ماڻهو رشوت ڏيندو ته آفيسن مان فائيل اڳتي چرڻ پرڻ لڳندا. مريد وڏيون خدمتون ڏيندو ته خليفن ۽ خاص ماڻهن ۾ شمار ٿيندو. ”ڏيڻ“ ۽ ”وٺڻ“ جي انهيءَ ريت اسان جي صلاحيتن، لياقتن ۽ ماڻهپي جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. ان ڪري اسان جي معاشري ۾ ”ڏنو“ پٽ ”ڇُٽي“ جو. جن جو هٿ کليل، انهن لاءِ اميدن جو پتڻ کليل نه ته ويٺو اوٻاسيون ڏئي. ڀلي ”حق“ هجيس، ڌرتي ڦاٽي پئي يا اڀ ڏري پئي ڪجهه به نه ملندس. ملندس تڏهن جڏهن ڏيندو.

    هن ئي صورتحال معاشري کي ڀينگ ۽ ماڻهن کي پاڇو بڻائي ڇڏيو. انهن پاڇن مان نه ته ڇانوَ ملڻي آهي ۽ نه وري ڪا مدد ۽ مراد. اهي ڪهڻ جا ٿي سگهن ٿا، بلڪه ڏهڻ جا ڪڏهن به نه. انهن پاڇن جي پوئتان پئبو ته دوکي، فريب ۽ استحصال کان سواءِ ڪجهه نه ملندو. پر جيڪڏهن ملندو ته مايوسي هوندي، نراسائي هوندي ۽ نفرت هوندي.

    اسان انهيءَ عجيب صورتحال مان گذري رهيا آهيون. ڏک جي في الحال ڳالهه اها آهي ته انهن پاڇن مان جند به ڇڏائي نه ٿا سگهون، اهي اسان جي ڪڍ آهن، ڦرڻ لاءِ، دوکي ڏيڻ لاءِ ۽ مخالفت ڪرڻ لاءَ.

    انهيءَ صورتحال مان جان ڇڏائڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته ماڻهو پاڻ روشني پئي. پنهنجن ”حقن“ جي حدبندي ڪري. ”حقن“ ۽ ”خواهشن“ جي فرق کي محسوس ڪري ۽ هو اهو ڪجهه حاصل ڪري، جيڪا سندس ”ضروت“ آهي. ۽ جنهن لاءِ هو ”لائق“ آهي. پراوا محل ڏسي، ڀلي پنهنجي جھوپڙي ساڙجي، ليڪن پاڻ کي نه ساڙجي. محبت ۽ محنت جو سهارو وٺي پنهنجي ”اُميدن“ بدران اجتماعي عدل، انصاف ۽ برابري تحريڪ بڻجي پئجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو