جاويد کوسو سنڌ ۾ اڪثر پهاڪو ڏنو ويندو آهي ته واپار وڌندڙ آهي، جڏهن پاڪستان قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ سيد خورشيد شاھ سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا نوجوان واپار ڪن واپار ۾ منافعو آهي، پ پ اڳواڻ جي اهڙي بيان تي سنڌ جي نوجوانن ۾ هڙڌڙ مچي ويئي، نوجوانن ذاتي زندگي توڙي سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو خوب اظهار ڪيو، نوجوانن جي ردِ عمل کي ڏسندي خورشيد شاھ روائتي سياستدانن جيان پنهنجا لفظ واپس ورتا، ۽ ترديد ڪندي هن چيو ته مون گھٽ تعليم يافته نوجوانن لاءِ چيو هو، پر تنهن باوجود به سنڌ جي نوجوانن ۾ احساس محرومي جي لهر گھٽ نه ٿي سگھي آهي، ڇو ته سنڌ جا پڙهيل لکيل گريجوئيٽ نوجوان هاڻي سمجھي سگھن ٿا ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ فوجي ڇانوڻيون قائم ٿيل آهن، تيل گئس، ڪوئلي، واپار لاءِ قائم سنڌ جي بندرگاھ تي سندن حق حاڪميت ناهي رهيو، تنهن ڪري کين نوڪري ڪانه ملندي، سنڌ جا نوجوان هاڻ نوڪريون نه پر پنهنجي کيتي ۽ وسيلن جي مالڪي جو سوال ڪري رهيا آهن. پر هن وقت جيڪي سنڌ تي حڪومت ڪري رهيا آهن، انهن ماڻهن ته اڳ۾ ئي سنڌ جا وسيلا ۽ کيتي ڌارين حوالي ڪري اقتدار جون واڳون ورتيون آهن، هنن سنڌ جي اها سرسبز کيتي ڌارين حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي هزارين سالن جي شاهوڪار تاريخ، آزادي، تيل، گئس، ڪوئلي، سمنڊ، درياء، موسمن، سنگ مرمر ۽ يورنيم جهڙي قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، سنڌ ڌرتي ۽ وسيلن سميت سنڌ جي قيادتن جي سوديبازي پڻ ڪندا رهيا آهن، سنڌ جي حڪمران جماعت ته پنهنجي قائد شهيد زوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت سنڌ جي حلالي پٽن، شهيد مظفر ڀٽو، شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد خالد محمود سومرو، شهيد بشير خان قريشي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي سرويچ پٽن جي خون جو سودو پڻ ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ذري برابر به همدردي ناهي، ڇو ته هي ان وقت به خاموش هئا، جڏهن سنڌ جي هزارين ساله شاهوڪار تاريخ کي هڪ قانون تحت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ۽ سنڌ مٿان ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، ان وقت به جن اڳواڻن ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو هنن وري حڪومت ۾ اچي انهن کي سزائون ڏياريون قيد و بند ۾ رکيو ويو، ان 14 ساله عرصي دوران ته سنڌ جو نالو وٺڻ به گناھ تصور ڪيو ويندو هو، تڏهن ته شيخ اياز چيو: سنڌڙي تنهنجو ناءُ کنيئم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيئم. اڄ به ساڳي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، لکن جي تعداد ۾ ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن، سنڌ جا اقتدار ڌڻي اڄ به ڌارين جي يلغار کان بي خبر ٿي ڄام فيروز بڻجي درياء خان کي ڌڪاري رهيا آهن، اڄ جيڪڏهن ڪو ماڻهون سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف آواز اٿاري ٿو، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف عَلَمَ بلند ڪري ٿو ته ان کي اهڙي طرح ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ڄڻ کيس ڪاريهر ڪکي ويو هجي، سنڌ حڪومت جي انگن اکرن موجب 60 لک ڌاريا غير قانوني طور سنڌ ۾ آباد ٿيل آهن، هي 60 لک فقط اهي ماڻهون آهن، جيڪي پاڪستان جي ڪنهن به قوم سان تعلق نه رکندڙ آهن پر سندن نادرا شناختي ڪارڊ پڻ ٺهرايل آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ دنيا جي ملڪن کان ايتري انگ ۾ ماڻهن اچي آباد ٿيا هجن ته اوهين اندازو لڳايو ته باقي قومن سرائڪي، بلوچ، پشتون، پنجابي، هزاريوال، گلگت، ۽ ڪشمير مان ڪيترا ماڻهون اچي آباد ٿيا هوندا ؟ سنڌ جي تمام تَر سرڪاري کاتن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ڌاريا ماڻهون ڀرتي ٿيل آهن، هن وقت به جڏهن سنڌ حڪومت ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڀرپور ڪاروائي جو اعلان ڪري چڪي آهي، تنهن باوجود به وڏي انگ ۾ ڌاريا سنڌ جا ڊوميسائيل ٺهرائي رهيا آهن، ڇو ته ڊوميسائيل لاءِ کيتي جا ڪاغذ هئڻ گھرجن، ۽ سنڌ جي کيتي اڳي ئي ڌارين جي حوالي ٿيل آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت سميت سنڌ جا عام توڙي خاص ماڻهون به روينيوکاتي جي قانون هٿان مجبور آهن، ڌاريا اڄ به سنڌ ۾ اڌ جريب زمين وٺي ان جي بناء تي سنڌي هئڻ جو ڪارڊ، ڊوميسائيل ٺهرائي سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ نوڪرين تي قابض ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جا حڪمران نوجوانن جي جذبن ۽ قدر کان اڻ ڄاڻ بڻجي غلط فيصلا ڪري، سنڌ جي پڙهيل لکيل گريجوئيٽ نوجوانن کي ڇولا ۽ حليم وڪڻڻ جا مشورا ڏيئي کين پاڻ کان ڌڪاري رهيا آهن، سنڌ جي تاريخ گواھ آهي ته جڏهن به ڌارين ارغونن، عربن توڙي انگريزن سنڌ ڌرتي تي ڪاهون ڪيون ۽ وقت جي حڪمرانن ڄامن، ميرن ۽ پيرن جڏهن غلط فيصلا ڪيا ته درياء خان ۽ هيمون ڪالاڻي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. پاڪستان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ سنڌ جي نوجوانن کي اهو دلاسو نه ڏنو ته اوهان جي تعليمي ادارن مان فوجي ڇانوڻيون ختم ڪيون وينديون، اوهان کي ٿرڪول منصوبي تي مقرر ڪيو ويندو، سنڌ مان نڪرندڙ گئس جي ڪمپنين ۾ نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون، سنڌ جي سمنڊ تي قائم بندرگاھ تي اوهان کي مقرر ڪيو ويندو، سنڌ جي هاءِ ويز جي مرمت لاءِ اوهان کي ٺيڪا ڏنا ويندا. سنڌ هن وقت ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي، هن وقت اسان سڀني تي اهو فرض ٿو لاڳو ٿئي ته پنهنجي وسيلن، معيشت، ڪاروبار ۽ مستقبل جي بقاء لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون