داعش جو خالق به آمريڪا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    دولت اسلاميا عراق و شام (داعش) جو خالق به آمريڪا آهي، افواهون پکڙڻ لڳيون آهن، افواهون پکڙجڻ جو مرڪز لبنان جو شهر بيروت آهي جتي هڪ ڪانسپريسي ٿيوري (سازشي ڪهاڻي) هلي رهي آهي ته داعش جو اصل خالق به آمريڪا آهي، انهن سازشي نظرين کي وڌيڪ هٿي تڏهن ملي جڏهن آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن داعش جي ڦهلاءُ ۾ اوباما جي سستي جو ذڪر ڪري ڇڏيو ۽ شام جي صدر بشار السد جي حقيقي باغين جي وقت سر مدد نه ڪرڻ جو ڳالهيون سامهون آيون، جنهن بعد ئي داعش جهڙي وحشي تنظيم سامهون آئي آهي. لبنان جي هڪ اهلڪار ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪندي چيو ته آمريڪا خلاف ٺاهيل هر سازشي ڪهاڻي هو ٺاهيندا آهن جيڪا مشهور به ويندي آهي، هنن ئي ڪهاڻي لکي آهي ته داعش به اصل ۾ آمريڪا جي پيداوار آهي، ان ڳالهه کي هٿي تڏهن ملي جڏهن هليري ڪلنٽن (آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير) پنهجي ڪتاب ”هارڊ چوائسز“ ۾ ڪجهه اڻ ٻڌل مٿين ڳالهين جو ذڪر ڪيو، انهن افواهن ايتري ته مضبوطي پڪڙي جو لبنان جي پرڏيهي وزير آمريڪا جي سفير ڊيوڊ هيل کي گهرائي کانس تصديق ڪئي هئي، جنهن بعد لبنان ۾ آمريڪي سفارت خاني کي ترديدي پيغام به جاري ڪرڻو پيو. آمريڪا تي اهڙن الزامن جي تاريخ به رهي آهي ڇو جو هن 1979ع ۾ روس جي خلاف افغان مجاهدن جي حمايت ڪئي جنهن جي ڪک مان القاعدا جهڙي تنظيم پيدا ٿي. ان ڪري ڪجهه ڌرين جو چوڻ آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ داعش جهڙي گروهه کي پنهنجي اتحادين ذريعي پيدا ڪرائي سگهي ٿو. بحرحال داعش آمريڪا جي پيداوار هجي يا نه هجي پر افغانين جي مدد کانپوءِ القاعدا اتان اڀري ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو