قوم پرست ۽ ترقي پسند هڪٻئي جا اتحادي هوندا آهن

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    احمد خان جمالي

    گذريل صدي ۾ ۽ خاص ڪري ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا جي تقريبن سڀني ئي کنڊن ۾ محڪوم قومن، غير ملڪي قبضي جي خلاف آزاديءَ جون ڪامياب ۽ شاندار فتحون حاصل ڪيون. اهڙي طرح برطانيه، فرانس، اسپين، جرمني ۽ جاپان جي طاقتور سلطنتن جو خاتمو آيو، جڏهن ته آمريڪا ۽ سوويت يونين هن ڌرتي تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ ۽ نئين تاريخ لکڻ ۾ ڪامياب ٿيا. آمريڪا نئين سرمائيدار ۽ طاقتور بلاڪ جو اڳواڻ ٿي اڳيان آيو ته سوويت يونين پڻ هڪ نئين سماجي نظام ۽ بلاڪ جو مهندار ٿي ميدان تي اڀريو.

    چين، ڀارت، انڊونيشيا، الجزائر ۽ ڪيوبا سميت ايشيا توڙي آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن آزادي حاصل ڪئي، جڏهن ته ويٽنام سميت ڪجهه ٻين آفريڪي ملڪن ۾ پڻ غير ملڪي قبضي جي خلاف ويڙهه هلندي رهي.

    ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ هڪ طرف آمريڪي حڪمرانن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي لاءِ وڙهندڙ قومن جي خلاف ڪردار ادا ڪيو ته ٻي طرف سوويت سوشلسٽ بلاڪ دنيا جي هر هڪ حصي ۾ آزادي ۽ قومي خود اختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندڙ قوتن جو هر طرح ۽ هر محاذ تي ساٿ ڏنو.

    ان ساڳي عرصي جي دوران ڀارتي وزيراعظم موتي لعل نهرو، مصر جي حڪمران جمال ناصر، انڊونيشيا جي اڳواڻ سوئيڪارنو، آفريڪي اڳواڻ نڪروما ۽ ٻين سياسي حڪمرانن ”غير جابندار“ بلاڪ پڻ ٺاهيو، جنهن پڻ آزادي جي جنگ وڙهندڙ قون جي قومي جدوجهد جي حمايت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اهڙي طرح دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي رهي ۽ غير ملڪي قبضا ختم ٿيندا رهيا ۽ ڌرتي تي آزاد قومن جو انگ وڌندو رهيو.

    آزادي لاءِ وڙهندڙ سياسي جماعتن جي قيادت جيئن ته هر هنڌ غير ملڪي تسلط جي خلاف مزاحمت ڪندي رهي ۽ ڇاڪاڻ جو آمريڪا ۽ سندس اتحادي بلاڪ آزادي جي انهن تحريڪن جو مخالف ۽ دشمن هو، جڏهن ته ”سوويت بلاڪ“ ۽ ”غير جانبدار“ بلاڪ، آزادي لاءِ وڙهندڙ قوتن جا حمايتي هئا، ان ڪري آزادي لاءِ ويڙهه ڪندڙ قوتون، پنهنجو پاڻ کي سوويت ۽ غير جانبدار بلاڪ جو حصو سمجهنديون رهيون.

    ان دور جي انهن تحريڪن ۾ جن قوتن رهنمائي وارو ۽ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو. اهي ان ساڳي ملڪ جون ترقي پسند قوتون به هيون ته قوم پرست جماعتون پڻ ان جدوجهد جو طاقتور ۽ قابل ذڪر حصو هيون. سندن گڏيل اتحاد ان جدوجهد جي رهنمائي ڪندا رهيا.

    اهو درست آهي ته مختلف ملڪن ۾ ان وقت هلندڙ جدوجهد ۾ پڻ گڏيل سياسي قيادت ۾ ڪڏهن ڪڏهن اختلاف به پيدا ٿيندا رهيا ته ڪٿي ڪٿي بداعتمادي جي ڪري نفاق به پيدا ٿيندا رهيا ته ڪٿي ڪٿي طاقتور ايجنسين جي مداخلت پڻ مسئلا ۽ اختلاف پيدا ڪيا پر مجموعي طور تي انهن تحريڪن جي ڪاميابي جو راز انهن قومن جي ترقي پسند ۽ قوم پرست قيادت جي گڏيل حڪمت عملي ۽ گڏيل فيصلن جو نتيجو ثابت ٿي.

    انهن تحريڪن ۾ جتي انهن ملڪن جي نوجوانن ۽ عوام کي شامل ڪرڻ جي لاءِ سماجي، اقتصادي ۽ اهم بنيادي مسئلن کي اهميت سان اجاڳر ڪيو ويو، اتي آزادي جي منزل ماڻڻ کانپوءِ ڪهڙو سرشتو قائم ڪيو ويندو. ان جا تفصيل پڻ بيان ڪيا ويا ته جيئن نه صرف عام ماڻهو کي متحرڪ ۽ قائل ڪجي پر هڪ اهڙو گڏيل منشور ۽ پروگرام پڻ اڳواٽ ئي ترتيب ڏجي ته جيئن گڏيل سياسي قوت کي ڪاميابي کان پوءِ به برقرار رکي سگهجي ۽ آزادي جي مخالف يا ردِ انقلاب جي قوتن کي پڻ گڏجي منهن ڏجي.

    مطلب اهو آهي ته ماضيءَ ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنهن جدوجهد شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان ۾ جتي ان ملڪ جي ترقي پسند قوتن اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي ان ملڪ جي قوم پرست قيادت پڻ سهڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. يعني ٻنهي قوتن آزاديءَ ۽ عوام دوستي جي لاءِ گڏيل ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.

    بهرحال اهو درست آهي ته ماضيءَ جي ان دور ۽ حال جي هن دور جي وچ ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون آهن ۽ زميني حقيقتون پڻ تبديل ٿي چڪيون آهن پر اها به ته حقيقت آهي ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۽ حصن ۾ قومي جبر ۽ ڏاڍ به اڃا تائين موجود آهي ته ساڳي وقت سماجي، اقتصادي ۽ معاشي حالتون پڻ ”ڦرلٽ“ تي ٻڌل آهن، ان ڪري جتي ڪي قوتون ”قوم پرستي“ جي نعري ۾ قومي جبر جي خلاف آواز اٿاري رهيون آهن ته اتي اهڙيون عوام دوست، وطن دوست ترقي پسند قوتون پڻ موجود آهن. جيڪي ”قومي جبر“ جي خلاف به بهادري، ايمانداري ۽ سچائي سان هلچل هلائي رهيون آهن ته ان سان گڏو گڏ سماجي انصاف، بنيادي انساني حقن ۽ معاشي بدحالي جي خلاف پڻ آواز بلند ڪري رهيون آهن.

    پاڪستان ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ پڻ جتي مختلف قوم پرست جماعتون پنهنجي پنهنجي تنظيم جي تحت ”قومي جبر“ جي خلاف جدوجهد ڪري رهيون آهن، اتي ٻيون ڪجهه تنظيمون ترقي پسندي ۽ عوام دوستي جي نالي ۾ پڻ تحريڪون هلائي رهيون آهن پر مختلف سببن جي ڪري جيڪا بي اعتمادي يا بداعتمادي پيدا ڪئي وئي آهي، ان جي نتيجي ۾ اهي ٻئي ”فطري اتحادي“ قوتون هڪ ٻئي کان شاڪي آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڪا به موثر ۽ قابلِ ذڪر ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. شخصيت پرستي يا ”گادي نشيني“ وارو لاڙو پڻ اسان جي گڏيل جدوجهد جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهي سگهجي ٿو پر حقيقت اها آهي ته قوم پرست ۽ ترقي پسند قوتن جي گڏيل اتحاد نه ٺاهڻ جي لاءِ جيڪڏهن ”ٻنهي ڌڙن“ کي ميار ڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.

    تحريڪن ۾ هميشه تحريڪ ۽ تحريڪ جي ”منزل“ يا ”مقصد“ کي مٿانهون رکبو آهي ۽ هر وقت، هر مرحلي تي ”منزل“ جو مفاد نظر ۾ رکبو آهي. پنهنجي ذاتي انا ۽ ”خواهش“ جي بدران ان حڪمت عملي کي ترجيح ڏبي آهي جيڪا ”منزل“ يا مقصد تائين پهچڻ ۾ ”معاون“ ۽ سهڪاري ثابت ٿيندي هجي.

    اهي ڊپ ۽ خدشا ممڪن آهي ته درست هجن ته ڪيترين ئي تنظيمن کي اصل مقصد تان ٿيڙڻ جي لاءِ رياستي ادارن جي طرفان مختلف شڪلين ۾ مداخلت به ٿيندي هجي ته ساڳي وقت اتحاد جي راهه ۾ رڪاوٽون پڻ پيدا ڪيون وينديون هجن پر پوءِ به سوال اهو آهي ته انهن حرڪتن ۽ مداخلتن کي روڪڻ يا ناڪام بڻائڻ جو فرض ڪير ادا ڪندو؟؟

    جيڪڏهن اسان جي سياسي قيادت بدستور انهن ”حرڪتن“ جو شڪار ٿيندي رهندي ته پوءِ اڳتي ڪيئن وڌبو؟؟

    اسان قوم پرستي، حُب الوطني ۽ انسان دوستي جا دعويدار ته آهيون پر عملي طور تي پنهنجي ساڳي قوم جي مختلف سياسي قوتن سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ذهني طور تي آخر ڇو تيار نه ڪري سگهيا آهيون؟؟

    اسان جي قوم جي اڪثريت ”غربت“ ۽ معاشي بدحالي جو شڪار آهي. پنهنجي قوم جي اڪثريت جي اهم ۽ بنيادي مسئلن کان ”ڪن – ٽار“ ڪجي ته پوءِ کين تحريڪ جو حصو ڪيئن بڻائي سگهبو؟؟ سچي ڳالهه اها آهي ته ماضي ۾ ون يونٽ جي خلاف هلايل تحريڪ هجي يا ووٽرن جون لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪرڻ جي جدوجهد هجي، ”اڌو – اڌ بٽائي“ جي هاري حقدار هلچل هجي يا مزدورن ۽ شاگردن جي ڪا به ڪامياب جدوجهد هجي، اها ان وقت ئي ڪامياب ٿي آهي، جڏهن قوم پرست ۽ ترقي پسند قوتن گڏجي ان ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. ان ڪري نه ته بداعتمادي يا بي اعتمادي جو ڪو جواز آهي نه ئي هڪ ٻئي جي نيت ۽ سچائي تي شڪ ڪرڻ جي گنجائش آهي، نه ئي وري مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي. ضرورت صرف هڪ ٻئي کي قبول ڪرڻ جي آهي.

    اها ڳالهه به ممڪن آهي ته ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سچي هجي ته مختلف جماعتن جي قيادت اڃا تائين ان حد تائين ”باشعور“ يا سلجهيل يا بردبار نه ٿي سگهي آهي يا ”قومي جدوجهد“ جي سرواڻي ڪرڻ جو قابل تجربو حاصل نه ڪري سگهي آهي ۽ اهو به سچ آهي ته مختلف جماعتن جا ڪيترائي ”ڪونڌر“ قربان پڻ ٿيندا رهيا آهن پر اها پڻ هڪ تلخ حقيقت آهي ته عوام جي اڪثريت کان ”ڪٽجي“ ڪا به تحريڪ هلائڻ يا حالتن کان بي نياز رهي جان جوکي ۾ وجهڻ جهڙي ”نعري بازي“ ڪرڻ جهڙي رجحان تي سئو دفعا سوچڻ جي سخت ضرورت آهي. تحريڪن ۾ ”حڪمت عملي“ جي اهميت بنيادي هوندي آهي. ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتن جا اڳواڻ زميني حقيقتن ۽ حالتن جو گڏجي جائزو وٺن، هڪ گڏيل ايجنڊا يا پروگرام تيار ڪن، گڏيل قيادت هيٺ گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏئي گڏيل سرگرميون شروع ڪن ته جيئن اسان جا ڪونڌر ائين ننڌڻڪا ٿي نه ماريا وڃن. ”بهادري“ ۽ ”قرباني“ کي سچ پچ ته سئو – سئو سلام پر جنهن طريقي سان، جن حالتن ۾ رياستي ادارا ڄار وڇائي رهيا آهن، ڪٿي ائين ته نه آهي جو اسين ان وڇايل ڄار ۾ پنهنجو پاڻ کي ”اڻ – ڄاڻائي“ يا ”سادگي“ ۾ ڦاسائي رهيا آهيون!!!

    نوجوانن ۽ عوام کي وڏي پيماني تي مزاحمت جي لاءِ منظم ڪرڻ جي اهميت کي نظر انداز ڪري جذباتي نعريبازي يا ڪريڪرس جا غير ضروري ڌماڪا ڪرائڻ جي ذميداري قبول ڪرڻ يا ڪنهن ”ڪونڌر“ کي خراج پيش ڪرڻ جي لاءِ جذباتي بيان بازي به پنهنجي جاءِ تي پر انهن خاندانن کي ڪير ڪيستائين ۽ ڪيئن مطمئن ڪندو رهندو، جيڪي ان قيامت مان گذري رهيا آهن؟؟ ”اڪيلي سر“ يا ”سولو فلائيٽ“ سان تحريڪون ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪنديون؟؟ عوام ۽ نوجوانن جي ٻڌي ۽ ڀرپور شرڪت کانسواءِ ڪا به جدوجهد ڪامياب ڪيئن ٿيندي؟ وقت کان اڳي ۽ ڪچي نعري بازي مان ڪنهن کي فائدو رهندو يا ڪير فائدو وٺندو؟؟ ٻين کي جواز ۽ بهانا بڻائڻ جا موقعا ڇو ڏجن؟ ان ڪري بهتر اهو آهي ته ”هڪ گڏيل پليٽ فارم“ جوڙي نوجوانن ۽ خاموش اڪثريتي عوام جو آواز بڻجي سنڌ ۾ هڪ مضبوط ۽ متحرڪ متبادل قيادت اڳيان آڻڻ جي اهميت کي نظرانداز نه ڪيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو