پورهيت جدوجھد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ناصر منصور

    صنعتي دور جي تاريخ ڪروڙين پورهيتن جي ريٽي رت ۽ جدجهد سان ڀريل آهي، پر هن گڏيل محنت سان پيدا ٿيندڙ سموري دولت ۽ ترقي حاصل ڪندڙ وسيلن تي قبضو ڄمايل چند فردن تائين محدود ٿي وئي آهي محنت تي سرمايي جي قبضي خلاف پورهيت طبقي جي جدوجهد صدين جي تاريخ تي مبني آهي انهن سمورن سڀ کان وڏو ڏهاڙو پهرين مئي جي عظيم ويڙهه شامل آهي ، جيڪو انساني تاريخ جي تمام وڏي جدجهد جي نتيجي ۾ حاصل ٿيو آهي 128 سال پهرين شڪاگو ۾ سرمايي جي ڏاڍ خلاف اها پرامن آواز طاقت جي زور تي خون ۾ وهنجاريو ويو پر رت ۾ ٻڏل ۽ ڦاهي گهاٽ تي خوشي سان لمندي پورهيتن بغاوت جو اهڙو علم بلند ڪيو جنهن هر ايندڙ ڏهاڙن ۾ جدجهد لاءِ اتساهه بخشيندو رهندو .فيڪٽرين ڪارخانن ،ٻنين ٻارن ، باغ باغيچن ،رڻ پٽ ۽ بيابانن ۽ ٻين جڳهن تي اڄ به ڪروڙين پورهيت انساني تاريخ ۽تمندن هجڻ باوجود به زندگي جي ڪيترن ضرورتن کان وانجهيل آهي

    سموري دنيا خاص طور تي ٽين دنيا جي پورهيت ٻيڻي استحصال جو شڪار آهن هڪ ته ٽين دنيا جا ماڻهو هجڻ جي ڪري بين الاقوامي دولت جي استحصال ۽ سامراجي پاليسين جي نتيجي ۾ هڙپ ڪيل آزاديون ۽ اقتصادي غلامي ۾ جڪڙي رکيو آهي . مشينن جي زبردست ترقي ۽ تيزي سان وڌندڙ پيداواري عمل جي جبر انسان کي هڪ ڪل پرزو بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو گهٽ کان گهٽ وقت ۾ غير برداشت تصور پيداوار جو باعث بڻجڻ جي پاسي وڃي پيو جنهن جو مطلب سرميدار جي فائدي ۾ تمام گهڻي واڌ مگر پوءِ به مزدورن جي ڪم جو مُدو ۽ اجرتن جي حقيقي گهٽتائي جي صورت ۾ نمودار ٿيو آهي.

    سويت يونين ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن ۾ مزدور حڪومتن جي خاتمي سرماياداري کي کلي آزادي ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ساري دنيا جي وسيلن تي بغير ڪنهن شريڪ ٿيڻ جي قبضي ۽ وسيلن سان مالامال خطن تي جنگ لاڳو سان گڏ سندن مفادن جي برخلاف ايندڙ حڪومتن کي پنهنجي طاقت سان ڪچلي رهي آهي هيءُ سامراجي ملڪ دنيا جي گولي کي جهنمي بڻائڻ چاهين ٿا. ان سموري عمل ۾ مقامي فردن ۽ بارود جي مڪمل حمايت حاصل آهي اهڙي ئي ڪجهه حالت پاڪستان جي نظر اچي ٿي جتي پورهيتن جي زندگين ۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگهي آهي نه ئي ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر اچي پيو .

    موجودهه حڪومت جيڪا ترقي ۽ معاشي ابتري جي خاتمي جي نعري سان اقتدار ۾ آئي هئي ان ايندي پورهيت دشمن پاليسين تي عمل ڪرڻ جو روايتي ثبوت ڏنو آهي. پبلڪ سيڪڙ جي ادارن ۾ نجڪاري جو اعلان ملڪ جي پورهيتن جي حقن تي ڌاڙو آهي ،بجلي گيس پاڻي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جو سڌو سئون بجلي ،گئس ،پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شين جي قيمتن ڳاٽي ٽوڙ واڌارو ۽ بيروزگاري جي صورت موجود آهي ان عمل سان سموري سماج ۾ ويڳاڻپ جنم وٺندي جيڪا منظم تحريڪ نه هجڻ ڪري سماج کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيندي .ماضي ۾ ٿيل ادارن جي نجڪاري جا سخت نتيجا ڪنهن کان به لڪيل نه آهن ۽ ادارن کي خانگائڻ جو عمل مزدور لاءِ موت جو سامان آهي .

    اڄ پورهيت جدجهد جي علامت ۽ پورهيتن جو ڏهاڙو ان ان وفا جو ازم ڪري ٿو پورهيتن کي هڪ مزدور طبقي جي تمام وڏي منظم جدجهد ڪرڻ سان گڏ هڪ مڪمل ٽريڊ يونين جي ضرورت آهي .جيڪا حالتن جو مڪمل ادراڪ رکندي هجي ۽ مزدورن تي سرماياداري ۽ حڪومتي حملن جو جواب ڏيڻ جو فن رکندڙ هجي .

    هيءُ عمل اهڙي مزدور تحريڪ ۽ ٽريڊ يونين ڪري سگهي ٿي جنهن جي قيادت سياسي ۽ نظرياتي طور طبقاتي شعور سان پختي هجي، مزدور طبقي جي ذهني اوسر مذهبي فرقيواريت نسلي فرق کان مٿاهين هجي، جيڪا ڪنهن به تعصب کان اڳڀري ٿي جهالت جي اوندهه مان پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي .انهن جي روز جي مسئلن ۽ بنيادي حقن جي لاءِ جدجهد جو آغاز ڪري جيڪا پورهيتن ،هارين ۽ نوجوانن جي انقلابي تنظيم طرف وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ،جيڪا سرمائي جي عظيم فتح کي يقيني بڻائي .پهرين مئي جا شهيد ان عظيم مقصد لاءِ قربان ٿيا هئا .پورهيت طبقي جو وچن آهي ته هوءُ ان قرباني کي رائيگان ٿيڻ نه ڏيندو .هن سموري دنيا جي گولي تان سرمايي جو ڏاڍ ، بربريت ۽ وحشت کي هميشه لاءِ پاڙونءُ پٽي ڊاهي پٽ ڪندو .ان لاءِ ”پورهيت وٽ پنهنجي غلامي جي زنجيرن کي وڃائڻ جي ڪجهه به نه آهي ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سموري ڪائنات آهي“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڪافي سٺا مضمون ونڊ ڪيا آهن ادا
     
  3. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مضمونن کي پسند ڪرڻ لا ڀيڻ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو