سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهي چيو آهي ته سنڌ ۾ 60 سيڪڙو اسڪول بنا چوديواري جي هلي رهيا آهن. 40 سيڪڙو بجلي بنا پيا هلن، 35 سيڪڙو اسڪول پاڻي کان محروم آهن، جڏهن ته 40 هزار گهوسٽ استاد ۽ پنجن هزارن کان وڌيڪ گهوسٽ اسڪول آهن. ان باوجود سنڌ جي تعليم کاتي جي بجيٽ 145.02 ارب رپيا آهي. سنڌ ۾ تعيلمي صورتحال جي بهتري بابت ”مشعل پاڪستان“ جي تقريب ۾ سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري پنهنجي ناڪامي قبول ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ واش روم نه هئڻ ڪري شاگردياڻيون اسڪول نٿيون وڃن. هن انڪشاف ڪيو ته پنهنجي وڏ وزارت دوران ارباب غلام رحيم پنهنجي ڳوٺ ۾ 65 اسڪول کوليا هئا. جڏهن ته سندس ڳوٺ جي ڪل آبادي هڪ هزار آهي. جتي استادن جو تعداد هڪ سئو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمن تعليم کاتي کان اجازت وٺڻ بنا اسڪولي عمارتون اڏرايون جيڪي بعد ۾ وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويون. هن وڌيڪ چيو ته اسان استادن تي نظر رکڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، اهڙي ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ به محفوظ ڪئي ته استاد اسڪول وڃن ٿا يا نه. جنهن بعد خبر پئي ته استاد پگهار به وٺن ٿا ۽ ٻيون مراعتون به حاصل ڪن ٿا پر اهي پڙهائڻ لاءِ اسڪول نٿا وڃن. اسان موبائل ايس ايم ايس ۽ ٽيڪسٽ نظام به آندو آهي. جيئن جيڪڏهن والدين اسڪولن ۾ استادن کي نه ڏسن يا شاگرد به موجود نه ڏسن ته تعيلم کاتي کي ميسيج موڪلي ڇڏين. تعليم واري سيڪريٽري چيو ته اسان ويجهر ۾ ئي نواب شاهه جي استادن کان پنجين ڪلاس جي ٽيسٽ ورتي جنهن ۾ 80 سيڪڙو استاد ناپاس ٿيا. ان ڪري استادن جي اهليت جي بنياد تي ڀرتي تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. هن ميڊيا تي به زور ڀريو ته اها حڪومت جي ڪم جي تعميري پاليسي کي اهميت ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سياست ۽ بيوروڪريسي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي ويا آهن، ڪجهه چونڊيل نمائدا اڄ به تعليم ۾ مداخلت ڪن ٿا، تعليم جو ٻيڙو سياسي ماڻهن ٻوڙيو آهي، سنڌ ۾ 70 سيڪڙو استادن جي تربيت ٿيل ناهي، مشرف دور ۾ ٻڪريون چاريندڙ ۽ ڪٻاڙي استاد ڀرتي ٿيا، جيڪي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ جهڙا به نه هئا، هن چيو ته صحافين ۾ گوسڙو ماسترن جي هاڻي تصديق ٿي چڪي آهي جن خلاف مون قدم کنيو ته اهي خلاف ٿي ويا پڪ سان چوان ٿو ته 648 استاد صحافت سان واڳيل آهن، حيدر آباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ هڪ اسڪول ۾ سئو استاد مقرر ٿيل آهن، ناظمن ڪراچي ۾ اهڙا ڪمپائونڊ قائم ڪيا جتي هڪ ڪمپائونڊ ۾ 6 کان 7 اسڪول قائم ڪري اتي حد کان وڌيڪ استادن جون ڀرتيون ڪري مقرريون ڪيون ويون، اهڙي طرح پوري سنڌ ۾ گنجائش کان وڌيڪ اسڪول ٺهرائي هڪ پاسي وڏيرن کي نوازيو ويو ته ٻئي پاسي اسڪولن ۾ ٻارڙن کان وڌيڪ استاد مقرر ڪيا ويا، تعليم کاتي اندر 40 سالن جي گندگي کي ڪڍڻ لاءِ هڪ ڏينهن ڪافي ناهي ان لاءَ سياسي قوت جي ضرورت آهي، سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهي وڌيڪ چيو ته سنڌي ميڊيا وڏيرن ،وزيرن ۽ ڪامورن سان مليل آهي جيڪڏهن ميڊيا انهن ماڻهن کي لفٽ ئي نه ڪرائي ته تعليم بهتري طرف وڌندي، هن چيو ته تعليم کاتي ۾ 70 سيڪڙو استاد تربيت يافته ناهن اڪثر استاد ٻارڙن کي ڪتاب ڏئي چوندا آهن ته ڪتاب پڙهو ۽ اهو ڪتاب ان استاد کي پڙهڻ به نٿو اچي اهڙا ڪيترائي استاد ۾ پڪڙيا آهن، هن سوالن جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي اندر جونيئر استادن کي سياسي همدردي سان 20 گريڊ جي ڊائريڪٽر واري پوسٽ تي به مقرر ڪيو ويو، هن چيو ته تعليم کاتي جي بهتري لاءَ تعلقي آفيسر16هين گريڊ جا نوجوان مقرر ڪري رهيا آهيون ڇو ته 18 هين گريڊ جي آفيسرن جون عمرون ريٽائرمينٽ جي لڳ ڀڳ هيون ۽ انهن جو ذهني توازن پڻ سهي نه آهي، هن چيو ته حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ چئن ڪائونسلن ۾ 400 سئو استاد زبردستي ويٺل آهن اتي هڪ اسڪول سئو استاد مقرر ٿيل آهن ، هن چيو ته ٿرپاڪر جا اسڪول ان ڪري بند آهن جو اتان جا استاد شهرن ڏانهن عياشيون ڪرڻ لاءِ سياسي وزير جي معرفت بدليون ڪرائي ويا آهن، ان موقعي تي صحافي عامر لطيف، مشعل جي پرورش چوڌري پڻ خطاب ڪيو.