مزاحيه نظم

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
مزاحيه نظم
ڀُريل بسڪوٽ جهڙي
حياتي توکان سواءِ ٺري ويل
ڪڙڪ چانهن جو ڍُڪ
لڳي ٿي،
تُنهنجي وڇوڙي ۾
اکيون نٿيون پٽجن
نه ته رات جو جاڳي
توکي ياد ضرور ڪريان ها،
پر افسوس جو
سنڌ کي ڌارين جيئن وڪوڙيو آ
ننڊ مونکي گهيري رهي آھي
۽ وزن وڌي وڃڻ سبب
ڊوڙڻ ته ڇا آءُ پنڌ
به نٿو ڪري سگهان.
عرفان لُنڊ.
 
Back
Top