محمد خان سيال
سينيئر رڪن
محمد خان سيال جون ڪجھه خدمتون: نوجوان انهن کان اُتساهه حاصل ڪري اڃا به وڌيڪ خدمتون ڪن
مان هيٺ ڄاڻايل پنهنجن ڪجهه خدمتن جو رڳو انهيءَ ڪري ذڪر ڪريان ٿو ته جيئن نوجوان نسل کي اهو ٻڌائي سگھان ته هڪ شخص محدود وسيلن (رڳو نوڪري، ڪوبه ڪاروبار نه) هوندي به ڄاڻايل خدمتون ڪري سگھي ٿو ته اڄڪلهه جا نوجوان، لامحدود وسيلن ۽ وڌيڪ سهوليتن هوندي به انهيءَ کان وڏي خدمت ڪري سگھن ٿا. رڳو همت گھرجي. پوسٽنگ جو مقصد پنهنجي واکاڻ ڪرڻ هرگز ناهي پر نوجوانن ۾ اُتساهه پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي، جديد سهوليتن کان فائدو وٺي اڃا به وڏي جذبي سان خدمت ڪري سگھن ـ
01 ـ سنڌ جو ڪيس بين الاقوامي سطح تي وڙهڻ لاءِ، پهرين آن لائين انگريزي اخبار سنڌ ٽه ڊي، 2001 ۾ ڪڍڻ جنهن تي ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي متڀيد رکندڙ جنرل مشرف سرڪار سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سگھارو آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ 26 جولاءِ 2006 تي بندش وڌي ـ اهڙي خبر بي بي سي ريڊيو به سنڌ ٽه ڊي جو نالو وٺي نشر ڪئي هئي ـ
02 ـ سنڌي صحافت لاءِ يادگار شاندار خدمتون ـ اڳ سنڌي اخبارون، اردو اخبارون جو چرٻو نڪرنديون هيون، پهريون ڀيرو ٺيٺ سنڌي ٻولي ڪتب آندائين جيڪا اڄ به سنڌي اخبارون ڪتب آڻين ٿيون ـ
03 ـ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ قديم سنڌين کي ڳولي ڳولي هٿ ڪرڻ، انهن جي سماجي ۽ ثفافتي سرگرمين جي باري ۾ لکڻ ـ کين اجرڪ، سنڌي ڪيسٽون ۽ سنڌي ڪتاب مفت ڏيڻ ـ
04 ـ سنڌي شاگردن کي ڏيساور جي تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ اسڪالرشپن جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪيترا سال اٺن سنڌي اخبارون ۾ مفت هفتيوار تعليمي سروس شروع ڪرڻ ـ
05 ـ بيروزگار سنڌين کي نوڪريون ڏيارڻ لاءِ، پنهنجي خرچ تي اخبارون خريد ڪرڻ ۽ اشتهارن جي بنيادن تي ڪالم تيار ڪري اٺن سنڌي روزنامن اخبارون ۾ ڪيترا سال مفت روزاني روزگار سروس شروع ڪرڻ ـ
06 ـ سال 2006 ۾ ورلڊ سنڌي ريڊيو، انٽرنيٽ تي شروع ڪرڻ، جيڪو پوءِ مالي سببن ڪرڻو بند پيو ـ
07 ـ ڏيهي ۽ پرڏيهي انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي باري ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ خط لکڻ ـ
08 ـ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ـ
09 ـ سوشل ميڊيا تي سنڌ جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهڻ ـ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: