هڪ جلسي ۾ ڪي نوجوان کليا ۽ ٽهڪ ڏنائون، اسٽيج تي بيٺل جاهل مقرر جنهن کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ کان وڌيڪ ڪائي شيءِ قيمتي ڪانهي. ٽهڪ جن ۾ مورن جو ناچ هوندو آهي. ٽهڪ جن ۾ هرڻ جي چال ۽ هرڻيءَ جي گهور هوندي آهي. ٽهڪ جن ۾ ڪڪرن جي گوڙ ۽ کنوڻين جا تجلا هوندا آهن. ٽهڪ جن ۾ ڳاڱين جي مٺاس ۽ سانوري شام جي ٽلين جو رس هوندو آهي، سي ته ڪائنات جي وڏي وٿ هوندا آهن. جڏهن ڪائي عورت ٽهڪ ڏيندي آهي ته ڄڻ پوري ڪائنات موسيقيءَ جي سرن سان گونجي ويندي آهي ۽ جڏهن ڪوئي مرد خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيندو آهي ته خدا سميت خدائي رقص ڪرڻ لڳندي آهي. اهو ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته ” شرم نه ٿو اچيوَ، اوهان کي ته مرڻ گهرجي “ . ان تي مون چيو ته ” اسان هتي موت جي منصوبابندي لاءِ گڏ نه ٿيا آهيون پر زندگيءَ جي چاهتن سان ڀرپور حياتي ماڻڻ ۽ زندهه رهڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جيڪو ماڻهو اسان کي موت جا مشورا ٿو ڏئي، ان جي ذهنيت ۽ تارا مسيح جي ذهنيت ۾ ڪوبه فرق نه آهي. اسان تارا مسيح جا پوئلڳ نه پر ڀٽائيءَ جا پوئلڳ آهيون. اسان زنده رهڻ لاءِ وڙهي رهيا آهيون ته جيئن زندهه رهي سگهون، اسان جي قوم زندهه رهي. اسان هن ماتر ڀوميءَ کي جنت بنائڻ لاءِ، انهن ماڻهن کي ٽهڪ موٽائي ڏيڻ ۽ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي دلين ۾ پيار جي پالوٽ ڪرڻ لاءِ جدوجهد پيا ڪيون. البته انهيءَ راهه ۾ جي موت به سامهون آيو ته ان سان مرڪي ٽهڪ ڏيندي ملنداسين ! ( عبدالواحد آريسر )
هڪ ترقي پسند دانشور مون کان پڇيو ته ” هڪ ڀُٽو اهو هو، جنهن اوهان جي راءِ مطابق، سنڌ کي سندس سمورن وسيلن سميت پنجابين وٽ گروي رکيو ۽ غلام بنايو، ۽ ٻيو ڀٽو اهو، جيڪو ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهي ويو. سندس پوئين ڪردار ۽ پهرئين ڪردار جي باري ۾ تنهنجي راءِ ڇا آهي ؟ “ مون اُلٽو هن کان پڇيو ته پهرين مون کي هڪ سوال جو جواب ڏي. روايت آهي ته ” چنيسر نالي هڪ سومرو دهليءَ جو ڪو لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، دهليءَ جي لشڪر هٿان سنڌ تباهه ٿي ويئي، دودن جو خاندان مارجي ويو ۽ پساهه ڏيندڙ دودي جي شهپر کي جڏهن دهلوي سپاهه جي ڪمانڊر لت هنئي ته چنيسر ڪاوڙجي پيو ۽ تلوار ڪڍي هندي فوج سان وڙهندي مارجي ويو. تون مهرباني ڪري چنيسر جي انهن ٻنهي لاڙن جي وضاحت ڪر ؟ “ هن حيران ٿي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي جواب ملي ويو آهي. ( عبدالواحد آريسر )