پڪيءَ وهيءَ جي ڏاڪي تي رسيل ڪو جوان مرد ائين ڏسجي ڄڻ هو سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهي مائٽ، دوست، زندگيءَ جو ذوق ۽ چاهه ۽ هن جي اکين مان هن جي فقط بي خيالي ۽ بيزاري بکي رهي هجي. پنهنجي جسماني سالميت ۾ ئي هن کي ڪو ڀروسو نه رهيو هجي ۽ هن جي وجود مان اندروني هڪ بي وقتي ٿڪاوٽ پئي ڏسجي. ڄڻ پرانهين ڪنهن دس تان ايندي روح جي ڪنهن سفيد پيريءَ ۾ هو داخل ٿي ويو هجي ڪا تازگي، ڪا پختگي هن ڄڻ ڏٺي ئي نه هئي. ائين ۽ اهو سڀ هن سان خاص ٻئي ڪنهن سبب ٿيو هجي يا نه، پر هن جي پنهنجي اخلاقي زوال ۽ من جي سچائيءَ سبب ته پڪ ئي پڪ هن سان ائين ٿيل هوندو آهي محمد ابراهيم جويو صاحب