جاپاني سياستدانن دعويٰ ڪئي آهي ته هو جلد ٿري ڊي يا جديد پرنٽر ذريعي پنهنجي مرضي موجب انساني چمڙي، هڏا ۽ جوڙ تيار ڪري سگهندا. اي ايف پي موجب دنيا جي محققن امپلانٽ يا پيوندڪاري لاءِ ٽشوز جا ننڍا ننڍا حصا ته تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن، پر هو ان جي ايندڙ مرحلي ۾ مڪمل ٽشوز کي اهڙي طرح تيار ڪرڻ چاهين ٿا جيڪي انساني ٽشوز وانگر ڪم ڪري سگهن.ٽوڪيو هاسپٽل يونيورسٽي جي پروفيسر سويوشي ٽڪاٽو موجب ان جي ٽيم هڪ نيڪسٽ جنريشن بائيوٿري ڊي پرنٽر جي تياري تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جيڪو بائيو ميٽريل جا سنها تهه ٺاهيندو جن جي مدد سان پنهنجي مرضي موجب عضووا تياري ڪري سگهبا. ٽڪاٽو جي ٽيم ان حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي.ٽڪاٽو موجب ماهر ٿري ڊي پرنٽر کي استعمال ڪري هڪ انساني عضووي جو اسٽڪچر جهڙو عضوو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.جنهن ۾ سخت سطح کانسواءِ هڏين اندر موجود اسپونج جهڙو مادو به شامل هوندو.ٽڪاٽو موجب سندس ٽيم 3 سالن ۾ حدف حاصل ڪري وٺندي. (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)