ڪاوڙ جا نقصان ؟ هڪ شهر ۾ هڪ هٽ وارو رهندو هو، جنهنکي ٻه جاڙا پٽ هئا، ٻئي پٽ پنهنجي پيءَ سان گڏجي هٽ تي ڪم ڪندا هئا، جڏهن ڇوڪرن جو پيءُ مري ويو ته هُٽُ ٻنهي پٽن جي مالڪيءَ ۾ آيو ۽ هو ٻئي گڏجي ان هٽ کي هلائڻ لڳا. هر ڪم معمول جيئان صحيح هلي رهيو هو، هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو دڪان جي ميز تان 200 روپين جو نوٽ گم ٿي ويو، هَڪَ ڀاءُ اهو نوٽ حساب واري ميز تي ڇڏي، گراهڪ سان ٻاهر نڪري ويو ۽ جڏهن جهٽ سوا کانپوءِ موٽيو ته نوٽ گم ...!!! هُن پنهنجي ٻي ڀاءُ کان پڇيو ” ڇا تو 200 روپين جو نوٽ حسابن واري ميز تي ڏٺو؟“ ڀاءُ جواب ڏنو ته نه هن اهو نوٽ نه ڏٺو آهي. پر همراهه کي دلجاءِ نه ٿي سو ڀاءُ کان هر هر سوال ڪندو رهيو ۽ کيس چيائين ته نوٽ کي ڪي پير ته ڪون هيا جو هو اٿي پاڻ ڪيڏانهن هليو ويو؟ ضرور تو اهو نوٽ کنيو هوندو. بس پوءِ ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪو کاڌو ۽ هڪ ٻئي سان جهيڙي واري حالت ۾ اچي ويا ۽ آخر ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ نفرت پئجي وئي ۽ هڪٻئي سان ٻيهر نه ڳالهائڻ جو وچن ڪيائيون. ڪجهه ڏينهن جي اندر ٻنهي فيصلو ڪيو ته هو هاڻ گڏجي ڪم ڪري نه سگهندا، انڪري هنن هٽ جي وچ ۾ ڀت وڌي ۽ هڪ پاسو هڪ ڀاءُ ته ٻيو پاسو ٻي ڀاءُ کنيو. ائين ڪندي ويهه سال گذري ويا، انهن ويهن سالن ۾ ڀائرن پاڻ ۾ نه ڳالهايو، پنهنجي خاندان کي به الڳ ڪري ڇڏيائون ۽ دشمني ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. هڪ ڏينهن هڪ اوپرو ماڻهون گاڏيءِ ۾ اچي ان هٽ جي ٻاهران بيٺو، هو گاڏيءَ مان لهي سڌو هٽ ۾ داخل ٿيو ۽ اندر ميز تي بيٺل ماڻهونءَ کان پڇا ڪيائين ته هو هِنَ دڪان تي ڪيترن سالن کان آهي، هٽ واري جواب ڏنو ته هُنَ پنهنجي پوري عمر هٽ تي گذاري آهي ... اوپري ماڻهونءَ چيو ته پوءِ هڪ ڳالهه توکي ضرور ٻڌائيندس ته؛ ” 20 سال اڳ آءُ ريل ذريعي هن شهر ۾ آيو هيس ۽ اتفاق سان مون وٽ ايترا پئسا به نه هئا جو آءُ مانيءَ ڳڀو وٺي کائي سگهان، بک به ڏاڍي لڳي هئي، مان هن دڪان جي پٺ واري دروازي مان داخل ٿيس ۽ ميز تي 200 روپين جو نوٽ پيل ڏٺو ته رهيو نه ٿيو اهو نوٽ کڻي کيس ۾ وجهي،تڪڙو تڪڙو دڪان مان نڪري ويس ... ان سموري عرصي ۾ مان اها چوري وساري نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ اها ڪا تمام وڏي ملڪيت نه هئي پر تنهن هوندي به آءُ واپس انڪري آيو آهيان ته توکان معافي وٺي سگهان. ” مهرباني ڪري مونکي معاف ڪر“ اجنبيءَ جڏهن پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي ته ان هٽ واري جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هٽ واري کيس چيو ته مهرباني ڪري هو ڀر واري دڪان ۾ وڃي ساڳي ڳالهه ٻڌائي ... اهو اوپرو ماڻهون ٻي دڪان ۾ ويو ۽ ساڳي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته اڃان کيس وڌيڪ حيرت ٿي جو اهي ٻئي اڌ وهيءَ جا ماڻهون، ڏسڻ ۾ به لڳ ڀڳ هڪجهڙا، هٽ جي ٻاهران هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ملي رهيا آهن ۽ زار و قطار روئي رهيا آهن ويهن سالن کانپوءِ کين حقيقت جي خبر پئي هئي ۽ سندن نفرت جي ڀت ٽٽي هئي ...***************** **************** ڪهاڻيءَ جو اخلاقي مقصد؛ اڪثر ڪري ننڍڙيون غلط فهميون ۽ ننڍڙيون ناراضگيون، ماڻهن ۾ ويڇا وجهي ڇڏينديون آهن ۽ انهن جو ڪو حل ئي نه نڪرندو آهي، ۽ انهن جي پويان ڪا خاص ڳالهه به نه هوندي آهي، اسانکي انهن رشتن ۽ دوستين کي بچائڻ خاطر انهن شين کان پرهيز ڪرڻي پوندي آهي، ڪاوڙ کي پيئڻو هوندو آهي ... ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجا پيار ڀريا رشتا بچائي وٺندا آهيون ...
جواب: ڪاوڙ جا نقصان ؟ سائين بيشڪ ڪاوڙ اهڙو مرض آهي جنهن جو علاج سولو پر کيس ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔۔ حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جو فرمان آهي ته "مون کي ڪاوڙ کي پيئڻ کان وڌيڪ ڪو به جام شيرين نه لڳندو آهي"۔۔۔ توهان جي ڳالهه وانگر گهڙي پل جي ڪاوڙ سالن تائين رشتن کي ٽوڙي ڇڏيو۔۔
جواب: ڪاوڙ جا نقصان ؟ پاڻ ڪريم جن جي قول جو مفهوم آهي ته طاقت ور شدت يا طاقت سان نه آهي طاقتور اهو آهي جيڪو ڪاوڙ مهل پاڻ کي سنبهاري