نصير سومرو دنيا جي مزاحمتي ۽ باغياڻن ڪردارن مان، جن رت ست ڏئي پنهنجي نظرياتي دڳ جي سڃاڻپ نرالي نموني ڪرائي، انهن مان هڪ ابولمغيث حسين بن منصور حلاج پڻ آهي. هن صوفي مت جي اهڃاڻ پنهنجي نالي بدران پيءُ منصور حلاج جي نالي سان مشهوري ماڻي سندس نالي ۽ ڪردار جي گونج سنڌ جي شاعرن جي سماعتن کي ڇهيو، هن عالم، شاعر ۽ متحرڪ شخص پنهنجي دور جي وياج خورن ۽ دولت خاطر ايمان ۽ اسلام جو سودو ڪندڙ عالمن تي ڇوھ ڇنڊيا جيئن حضرت عيسيٰ عليه السلام وياج خور يهودين خلاف تحريڪ هلائي، تيئن ساڳي نموني هن باغي شاعر به جهد جو جهنڊو بلند ڪيو. هن جي نظريي نوجوانن کي متاثر ڪيو ۽ ڪيترائي سندس پيروڪار ڳجهه ڳوهه ۾ حڪومتي استحصال خلاف ڪم ڪرڻ لڳا. منصور حلاج سان منسوب ان الحق ۽ اهدم الکعبته جا مفهوم مذهبي، عقيدي جي خلاف ڪڍيا ويا، پهرين جملي جي معنيٰ اها پڻ نڪري ٿي ته ”مان مان جو ڪجهه چوان ٿو سچ آهي“ ٻي جملي جي معنيٰ تڏهوڪن شرعي ماهرن ”ڪعبي کي ڊاهي ڇڏ“ ڪڍي، ٻين لفظن ۾ سندن چواڻي ته ”منصور جي نيت ۾ بيت الله شريف کي ڊاهڻ آهي.“ جڏهن ته شاعراڻن جملن جي ظاهري معنيٰ بدران انهن جا علامتي مفهوم ڏٺا ويندا آهن. هي فڪري مغالطا ڄاڻي واڻي پيدا ڪيا ويا. اصل مسئلو رياست جي استحصال خلاف احتجاج ۽ مظاهرا هئا. مظاهرن جي اڳواڻي منصور جو فڪري دوست ابن عطا ڪري رهيو هو. کيس گرفتار ڪيو ويو. کيس منصور حلاج خلاف ڪيس ۾ گواهيءَ لاءِ چيو ويو. هن انڪار ڪيو ته مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ هو ٿڏي تي گذاري ويو. عربن ۾ مئله جي رسم رائج هئي، ان رسم تحت دشمن کي مارڻ کانپوءِ به سندس هٿ پير ڪپي، چهرو بگاڙيو ويندو هو. لاش جي بيحرمتي ڪئي ويندي هئي، احد جي جنگ ۾ ابوسفيان جي گهر واريءَ هنده حضرت امير حمزي رضه جو چهرو بگاڙي سندس جگر چٻاڙي اها رسم ادا ڪئي هئي. منصور حلاج سان پڻ ائين ڪيو ويو. سندس سسي دڙ کان ڌار ڪئي وئي. لاش کي ساري رک دجلي نديءَ ۾ وهائي وئي. هن دکدائڪ داستان کي ڪيترين ٻولين ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. عباسي خليفي المقتدر جي ڏينهن ۾ ڦاهو کائيندڙ منصور سن 849 عيسوي ۾ جنم ورتو ۽ 26 مارچ 922 عيسوي ۾ آخري ساھ ٽياس تي کنيو. انهن ڏينهن ۾ عراق ۽ ايران هڪ ئي حڪومتي پرڳڻو هو. هن جي مادري ٻولي فارسي هئي ۽ گڏ عربيءَ تي عبور هيس، عقيدي ۾ حنبلي مسلڪ جو صوفي هو، پوءِ ڪرمتي باطنيا جي ويجهو ٿيو. عربي صوفياڻي شاعريءَ ۾ نانءُ ۽ ناموس ڪمايائين. هن صوفي هوندي، مرشد جي مرضيءَ خلاف شادي ڪئي ۽ اولاد پڻ ٿيس، ابوالمغيث ڪنيت هيس. سچ جي ڳولا ۾ پري پري تائين پنڌ ڪيائين هن جي شروعاتي مرشدن ۾ جنيد بغدادي ۽ سهل الطشري جا نالا به ملن ٿا پر هن پنهنجي راهه هنن کان ڌار ورتي. مروج يعني گهڻائيءَ واري عقيدي کان الڳ صوفياڻو دڳ اختيار ڪرڻ سندس ڏوهه بڻيو ۽ جهلجي پيو ۽ انت غير طبعي موت جي شڪل ۾ ٿيو. پنهنجي ذات کان ڪائنات ڏانهن دل جي چئي تي هلڻهار حلاج کي يونس اديب امام انقلاب ڪوٺيو آهي. ”امام انقلاب منصور جلاح“ جي سري هيٺ استاد خالد چانڊيي کيس ترجمو ڪري ڇپايو آهي پيپر بيڪ ٽائيل ۽ ڇپائيءَ واري هن ڪتابچي ۾ ڪيل ٽياسي صفحا پڙهڻ لاءِ ملندا ان ڪري صوفياڻي ادب جي پڙهندڙ لاءِ هي ڪتاب مفيد ثابت ٿيندو ۽ وڌيڪ غور فڪر تحقيق جون واٽون سنئيون ڪندو. ڪتاب انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن طرفان ڇپايو ويو آهي. ڪتاب سليس سنڌي ۾ هجڻ سببان صوفيت جا عميق ۽ دقيق نڪتا سمجهڻ وٽان آهن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا رکي وئي آهي. منصور حلاج انقلاب جو امام ڪهڙي معنيءِ ۾ سڏيو ويو آهي، ان جو پتو ڪتاب پڙهڻ سان پوندو.