ڪاوڙ ۾ پچايل کاڌو صحت لاءَ نقصانڪار

'صحت سرير جي' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڇا ڪاوڙ ۾ کاڌو سٺو ناهي پچندو ۽ ان جو ذائقو اهڙو ناهي ٿيندو جيئن توهان عام ڏينهن ۾ پچائيندا آهيو. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته توهان شوق سان ڪا شي پچائڻ چاهيو ٿيون ته ان ۾ توهان جو ڌيان شامل هوندو آهي. پر ڪاوڙ واري حالت ۾ ٺاهيل کاڌو ان لاءِ سٺو ناهي ٿيندو ڇو ته توهان جي ڪاوڙ وارا هارمونز ان ۾ شامل ٿي ويندا آهن ۽ نتيجي ۾ اهڙي حالت ۾ ٺاهيل کاڌو نه ته صحت لاءِ سٺو هوندو آهي ۽ نه ئي ان جو ذائقو سٺو ٿيندو آهي.

    پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ضرورت کان وڌيڪ ڀڳل ۽ سڙيل کاڌو صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي. انهيءَ طرح کائڻ پيئڻ وارين شين کي وڌيڪ بيڪ ڪرڻ يا فراءِ ڪري کائڻ به صحت کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ گرمي پد تي بيڪ ۽ فراءِ ڪيل کاڌو ان لاءِ نقصانڪار هوندو آهي ڇو ته وڌيڪ پچڻ بعد ان ۾ ڪجهه نقصانڪار ڪيميڪلز شامل ٿي ويندا آهن.

    نئين کوجنا موجب ڊبل روٽي، پٽاٽا، ڪڻڪ سان تيار ٿيل شيون ۽ ڪافي يا ڊرائي فروٽ کي جيڪڏهن وڌيڪ پچايو وڃي ته ان ۾ Acrylamide نالي ڪيميڪل بڻجندو آهي، جيڪو جانورن ۾ ڪينسر جهڙو موضي مرض پيدا ڪندو آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته اهو انسانن ۾ به ڪينسر جهڙي بيماري پيدا ڪري سگهي ٿو، هونئن ته ان ڪيميڪل کي پنهنجي خوراڪ کان بلڪل خارج ڪرڻ ممڪن نه آهي پر پنهنجي ڪوشش ڪري هيٺ ڏنل قدمن سان ان جو مقدار گهٽتائي سگهجي ٿو:

    * ڊبل روٽي جي ٽوئسٽ کي هميشه هلڪو ناسي سيڪيو، ڊارڪ برائون يا ڪارو نه ٿيڻ ڏيو.

    *جيڪڏهن ڪا شي پچائيندي سڙي وڃي ته ان شي کي نه کائو پر ان کي الڳ ڪري ڇڏيو جيئن ڪا ماني يا ڊبل روٽي جو سلائيس سيڪيندي ان جو ڪجهه حصو سڙي وڃي ته ان کي ٽوڙي الڳ ڪري ڇڏيو. وڌيڪ سڙيل شيون کائڻ نه رڳو صحت لاءِ نقصانڪار آهن پر ان سان پيٽ ۾ سور به شروع ٿي ويندو آهي.

    * فريز ڪيل شين کي فريزر مان ڪڍي گهڻو نه پچايو ۽ نه ئي گهڻو فراءِ ڪريو.

    * پٽاٽن کي هميشه ڪنهن ٿڌي جڳهه تي ڇانو ۾ رکو، پر انهن کي فريز يا فرج ۾ نه رکو، ڇو ته ان طرح پچائڻ دوران انهن ۾ Acrylamide جو مقدار وڌي ويندو آهي
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سٺي ونڊ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بهترين ونڊ سائين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    زالن جي مرضي آ ادا وڻين ته ڪاوڙ مان کاڌو پچائن ، وڻين ته پيار مان!
     
  5. امير عدنان

    امير عدنان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    500
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    Jurist
    ماڳ:
    ڪراچي
    رڌ پچاءَ دوران يعني زالن جو موڊ ٺاهڻو پوندو.
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هي ته سائنسي دليل آهي پر اڳي جيڪي ڳوٺن ۾ وڏن جون تجربي آڌار ڪيل ڳالهيون آهن اُهي سچ پچ ته اڳتي هلي سائنس به ثابت ڪريو ٿي ڇڏي. مثال طور اهو پراڻو تجربو آهي ته ڪُتي کي ڏسي ڊپ ڪرڻ سان ڪُتو وڌيڪ حملو ڪندو آهي بنسبت ان جي جو ڪُتي کي ڏِسي ڊپ نه ڪجي. اڳتي هلي خبر پئي ته ڊپ مهل اسان جي وات مان هڪ مخصوص بوءِ ايندي آهي جيڪا ڪُتو سمجهي وٺندو آهي.
    ايئن وري ڪو 15 سال اڳ بدين جي هڪ جهوني ڏَسيو ته هڪ ڇوڪرو آهي جنهن کي پنهنجي گهر وارا ڪونه ٿا سهن. گهر جي ماني لڳيس ئي ڪانه ٿي. اسان وٽ اچي ٿو ته هفتي ۾ صحتمند ٿيو وڃي. ان جو مطلب ته رُڳو ماني کارائڻ ڪافي ناهي. پر خلوص ۽ خوشي سان تيار ڪري ڏنل ماني ئي صحيح توانائي ڏي ۽ ٿي ۽ ماڻهو صحتمند رهي ٿو. ايستائين جو ڌيان سان تيار ڪيل کاڌو به تيسين صحيح هضم نه ٿيندو جيسين خلوص سان پيش نه ڪيو وڃي.
    هاڻ اهو سائنس به ثابت ڪيو. Acrylamide تي هڪ دوست منور قريشي به ڪم ڪيو هو جنهن جا مقالا هن لنڪ تي موجود آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو