سنڌ ۾ تعليمي بحالي ڪيئن ممڪن آهي؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    سرويچ ساريو

    دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ڪندڙ جديد دور ۾ قومن جي ترقي، خوشحالي، سياسي، سماجي، معاشي مَٿ ڀرائي ۽ آسودگيءَ جو سمورو دارو مدار تعليم جي واٽ تي تڪڙيون وکون وڌائڻ ۾ آهي ۽ جهڙي نموني قومن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ تعليم ڪرنگهي جي هڏيءَ جو ڪم ڪري ٿي ته اهڙي ئي نموني، وري پرائمري تعليم، مٿاهين ۽ معياري تعليم جي حاصلات لاءِ ساڳي حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو آئينو، گذريل لکڻيءَ ۾ سنڌ وطن کي “ساڻيهه” سمجهندڙ ۽ تعليم ذريعي تبديليءَ جي تمنا رکندڙ، سڄڻن کي ڏيکاري آيا آهيون؛ تنهن ڪري اڄوڪي لکڻيءَ ۾ پرائمري تعليم جي تباهيءَ جي مک ڪارڻن بابت بحث ڪري، ان جي بچاءَ لاءِ پنهنجي سمجهه آهر تجويزون ڏئي رهيا آهيون.

    جڳ مشهور سماج واد سائنسدان، مفڪر ۽ دانشور فريڊرڪ اينجلس چواڻي: “هر پيچيدي مسئلي جو حل سادو نه هوندو آهي ۽ هر سادي مسئلي جو حل پيچيدو نه هوندو آهي”. سنڌ جي هاڻوڪي تعليمي تباهي، ڪو اهڙو سادو مسئلو به ناهي، جو اهو چپٽي وڄائي، جهٽ گهڙيءَ ۾ حل ڪيو وڃي ۽ نه وري اهڙو پيچيدو مسئلو آهي، جو ترت حل ٿيڻ جوڳو ئي نه هجي. سنڌ جي تعليمي تباهيءَ وارو معاملو، ساڳي ئي وقت سادو به آهي ته پيچيدو به آهي، تنهن ڪري ان جي حل لاءِ هيٺين سطح تي ساديون حڪمت عمليون به جوڙڻيون پونديون ته مٿين سطح تي ڊگهي مدي وارين حڪمت عملين جي به ضرورت آهي ۽ اهم ضرورت ان شئي جي به آهي ته مسقل مزاجيءَ سان تعليمي تباهيءَ جي ڪارڻن بابت مختلف رخن کان جائزو وٺي، سنڌ جو شعور ان جي خاتمي جون مختلف تجويزون به ڏيندو رهي ۽ انهن تجويزن جي روشنيءَ ۾ عملي وکون ۽ ٻرانگهون به پائيندو رهي ته جيئن پنهنجي وسيع قومي خساري کي ٿوري وقت ۾ ضابطي هيٺ آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش به ڪندو رهبو اچجي.

    سنڌ جي پرائمري تعليم جي مجموعي صورتحال تعجب ۾ وجهندڙ آهي. سنڌ جا 50 سيڪڙو ٻار اسڪول ۾ وڃن ئي ڪونه ٿا، جيڪي وري اسڪولن ۾ وڃن ٿا، انهن مان اڌ ٻار پرائمري جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ درسي ڪتاب مفت ۾ ڏنا وڃن ٿا، ان جي باوجود تعليم جي اهڙي صورتحال ڪو چڱو اهڃاڻ نه آهي. ڪنهن به ٻار کان اسڪول جي فيس نه ٿي ورتي وڃي. ٻارن لاءِ اسڪولي ڊريس ۽ يونيفارم ۾ اچڻ لازمي نه آهي. اهي سڀئي سهولتون گذريل 15 سالن کان اسڪولن ۾ ڏنيون وڃن پيون، پوءِ به تعليمي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران مسلسل بدتر ٿي رهي آهي.

    ان کانسواءِ هر سال اسڪولن جون نيون عمارتون ٺهرائڻ، ماسترن، ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جون مقرريون، هر اسڪول کي اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي (ايس.ايم.سي) فنڊ جي مد ۾اربين روپيا جاري ڪرڻ، ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ماهوار وظيفو ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. سنڌ جي تعليم وارو کاتو، صوبي جو وڏي ۾ وڏو ملازمن جو انگ رکڻ وارو کاتو آهي. جنهن ۾ ٻه لک کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪن ٿا ۽ لڳ ڀڳ 50 لک شاگرد تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ جي تعليم واري شعبي ۾ صوبي جي بجيٽ جو 21.8 سيڪڙو يعني 134 ارب روپيا ساليانو خرچ ٿي رهيو آهي ، جنهن مان 118 ارب روپيا ماسترن ۽ آفيسرن جي پگهارن ۽ ٻين ضروري گهرجن جي نالي ۾ خرچ ٿي رهيا آهن. مٿين حد تائين اهڙي ڪجهه بهتر صورتحال هجڻ باوجود سنڌ جو هي پنهنجي نوعيت جو وڏي ۾ وڏو کاتو نه صرف نااهل ۽ ڪرپٽ ثابت ٿيو آهي، پر سالن کان وٺي قومي ڏوهي ماسترن ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي پالي قوم کي لڳاتار تباهه ڪري رهيو آهي.

    ملڪ ٺهڻ کان تمام گهڻو اڳ ۽ ملڪ ٺهڻ کان ٽي ڏهاڪا پوءِ تائين، سنڌ جي معياري پرائمري/اعليٰ تعليم جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هوندي هئي، سنڌ جو نڀاڳو ٻار، پنجاب، خيبر پختون خوا، بمبئي، دهلي ۽ علي ڳڙهه وغيرهه وڃي، اتان سچيون ڪوڙيون تعليمي سندون وٺڻ ۾ ڪامياب ته ٿيندو هو، پر هو سنڌ مان اهليت جي کوٽ هجڻ جي بنياد تي ڪو به امتحان پاس نه ڪري سگهندو هو. سنڌ وطن جي شاداب چمن ۾ هر قسم جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي تباهين جو واچوڙو، ڪاڻي ڊڪٽيٽر جي دور جي يارهن ورهين ۾ پوري تيزيءَ سان گهلندو رهيو ۽ هن ديس جي ترقي، خوشحالي ۽ مثبت سڃاڻپ جون سموريون بهارون ٽاريون ويون، ۽ سنڌين کي هر سطح تي، هر قيمت تي تباهه ڪرڻ جا اختيار، هر ان شخص، هر ان اداري، هر ان ٽولي ۽ هر ان گروهه کي ڏنا ويا، جيڪو اڳ ئي سنڌين سان سينو ساهڻ لاءِ تيار ٿيو بيٺو هو ۽ ان سان گڏ، پوري رياست ۽ ان جا ادار سنڌين جي دائمي تباهيءَ واري ڌنڌي سان لڳايا ويا. ان وقت، سنڌ جي تعليم سان هر قسم جو ڌاڍ ڪرڻ جو اختيار ان دور جي پوري حڪومتي مشينريءَ کي ڏنو ويو. سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر متعارف ڪرايو ويو، ان وقت ميٽرڪ پاس ڪندڙ هر شخص ڏانهن پنهنجو تعليمي سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان اڳ ماستريءَ جو آرڊر موڪليو ويندو هو، سنڌ جون مادر علميون، هر قسم جي ڏوهه ۽ بڇڙائيءَ جون نرسريون بڻايون ويون، فرض شناس، تعليمي ماهر ڪامورن جي جاءِ پنهنجي دور جا نامي گرامي ڏوهاري ڀرڻ لڳا، ڪاڻي ڊڪٽيٽر جي ڏن-ڀرو ڀوتارن کي، اسڪول اوطاقن لاءِ، ماستر ليکي چوکي لاءِ، ڪلارڪ، پٽيوالا، مالهي ۽ چوڪيدار سندن در جي دربان بڻائي تحفي طور ڏنا ٿي ويا. استادن جون مختلف تنظيمون ان دور ۾ ٺهيون، شاگردن جي يونين تي پابندي به ان دور ۾ لاڳو ڪري، شاگرد سياست جي نالي ۾ هر قسم جي ڏوهه کي به ان دور ۾ جنميو ويو. سنڌ جي تعليم کاتي جا پراڻا انگ اکر اسان کي اهو ٻڌائن ٿا ته ڪاڻي ڊڪٽيٽر جي دور ۾ سنڌ ۾ اسڪول، گذريل ٽن ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي ٺهيا، سنڌ ۾ ماسترن جون ڀرتيون، گذريل ٽن ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ سورهوڻ تي ٿيون. سنڌ ۾ اسڪول وڌيا، ماستر وڌيا، ڪلارڪ، پٽيوالا، چوڪيدار وڌيا، ڪامورا ڪڙا وڌيا، انهن جون پگهارون ۽ الانونس وڌيا، پر نه وڌي ته تعليمي شرح نه وڌي، ۽ ان وقت جو سرڪاري تهه خانن ۾ موجود سمورو رڪارڊ ۽ رپورٽون، اڄ به اها شاهدي ڏيڻ لاءِ موجود آهن ته ان وقت هر نئين ايندڙ تعليمي سال ۾ سنڌ جي تعليم جو گراف هيٺ ٿيندو رهيو ۽ پنجاب، خيبر پختون خوا جي تعليم جو گراف مٿي ٿيندو ٿي ويو. ڪاڻي ڊڪٽيٽر جي قهري مارشلا کان پوءِ سنڌ ۾ ايندڙ لوليون لنگڙيون جمهوريتون به سندس ڇڏيل نشانن تي هلنديون، سنڌ جي ماضيءَ واري تعليمي جوڀن جي ستيا ناس ڪنديون رهيون. هاڻي، اسان جي معياري تعليم واري شاندار ماضيءَ جو جنرل ضيا جي دور کان مسلسل بڇڙي صورتحال کڻي ايندڙ حال، اسان جي سامهون آهي.

    اڄ به سنڌ جا 30 لک ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن. ماسترن جي اسڪولن ۾ نه وڃڻ جي ڪري سنڌ جا 18 هزار اسڪول بند پيا آهن. اسڪولن ۾ واڙا، اوطاقون ۽ وٿاڻ، تالابندي، اسڪولن ۾ ٻڌل گڏهن جون تصويرون ۽ رپورٽون روز جي اخبارن ۾ شايع ٿي رهيون آهن. جنهن جو هاڻوڪي سرڪار تي ٽڪي جو به اثر نه پيو پوي، اخبارن ۾ ڏسون ٿا ته سرڪار جو سنڌ جي تعليم جي بچاءَ لاءِ ڄڻ اندر اڌ ٿي رهيو آهي ۽ عملي طور تعليم جي اڳوڻي وزير واري واٽ تي هلندي، هاڻو ڪو وزير به “پنهنجي دنيا، پنهنجو جهان” سنوارڻ جي چڪر ۾ ميدان تي لهي آيو آهي، جنهن جو هڪ ننڍڙو ثبوت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اهڙن انتهائي ڪرپٽ ۽ ڪرمنل ڪامورن کي ضلعن جي تعليم کاتي جو مالڪ بڻايو ويو آهي، جن جو پورو ڪامورڪو رڪارڊ سندن “بهتر ڪارڪردگيءَ” جي گواهي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي.

    پنهنجي مرڻينگ تعليم جي بحاليءَ لاءِ بنيادي ذميواري سنڌ جي شعور تي لاڳو ٿي ٿئي. سنڌ جي ساڃاهه، جيڪڏهن تعليم جي بحاليءَ متعلق پنهنجي ڪردار جو تعين ڪري، ان ميدان ۾ پوري قوم کي گڏ کڻي هلندي ته ٿوري وقت اندر سنڌي ماڻهو به قومن ۾ ڪنڌ کڻڻ ۽ پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي واڳ واپس وٺڻ لائق بڻجي ويندا، ٻي صورت ۾ سنڌ جي هاڻوڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي تباهي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيزيءَ سان پنهنجي جاءِ والاريندي ويندي ۽ ممڪن آ اهڙو ڏينهن به اچي، جو سنڌي ماڻهو نارائڻ شيام جي لفظن ۾ ڪتابن ۾ اهو پڙهڻ تي مجبور نه ٿين ته: “هئي سنڌ، ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”.

    ان ۾ ڪنهن به شڪ جي ڪا گنجائش به باقي نه ٿي رهي ته سنڌ جي بنيادي تعليم بابت تباهي واري صورتحال سنڌين کي ايندڙ پنجن کان ڏهن سالن ۾ تعليمي ميدان ۾ ٻين قومن جي مقابلي ۾ گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيندي، ترقي ۽ منزل ۾ اهڙي وڇوٽيءَ تي ترت ضابطو نه آڻڻ جي صورت ۾ وري اسان کي ان تي ضابطي جو موقعو نه ملندو. ۽ اڃا به ائين ٿيندو ته ٿوري وقت اندر سنڌي، پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ ان سان جڙيل سمورا قومي حق ۽ انهن حقن لاءِ جدوجهد جا سمورا ميدان پنهنجن هٿن مان وڃائي ويهندا. هاڻوڪي دور ۾ سنڌ جي شعور جي اها بنيادي ذميواري آهي ته سنڌين جي غريب طبقن جي تعليم کي بهتر بڻائي، سنڌين جي اڪثريت کي تعليم سان جڙيل ترقي جي ميدان ۾ اڳيان وڌائڻ، صوبي، ملڪ ۽ دنيا جي ترقي واري ڌاري سان جوڙڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي پنهنجون سموريون توانايون وقف ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ سنڌ جي شعور جو بنيادي ڪم اهو هجڻ گهرجي جو سائنسي بنيادن تي سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو هر رخ کان جائزو وٺي، تعليمي تباهيءَ متعلق ٺوس نتيجا ڪڍي ۽ انهن جي حاصلات لاءِ جديد دور جي ترت نتيجا ڏيندڙ جدوجهد جا سمورا طريقا اپنايا وڃن. سنڌ سرڪار مان پاڻ هڙتو بهتريءَ جي ڪا به توقع رکڻ، پنهنجي قوم کي پاڻ هٿ وٺي، آويءَ ۾ اڇلڻ برابر آهي. سنڌ جا ارڙهن هزار بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ سنڌ جي 40 هزار “ويزا” وٺي ويل، ۽ 25 هزار کان مٿي، هفتي ۾ هڪ ڀيرو اسڪول جو منهن ڏسندڙ استادن خلاف سندن علائقائي، صوبائي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي کي اسپانسر ڪندڙ ادارن تائين، پورن تفصيلن ۽ ثبوتن سان هٿيار بند ٿي سندن نوڪريون وڃائڻ يا کين ڊيوٽين تي اچڻ لاءِ پابند بنائن تائين ميدان ۾ رهڻو پوندو. مختلف پارٽين جا عهديدار ۽ ڪارڪن، صحافي، اين جو او ورڪر ۽ ٻيا ڌنڌا ڪندڙ استادن جا انگ اکر گڏ ڪري، اهي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن پارٽين ۽ ادارن کي انهن ويزائي ۽ گوسٽ استادن مان جان ڇڏائڻ لاءِ کين سوڙهو ڪرڻو پوندو ته جيئن هو عوامي ڪاوڙ آڏو مجبور ٿي، اهڙي عمل جي نفي ڪرڻ تي پاڻ ئي مجبور ٿي پون. انهيءَ کان سواءِ جيڪي اسڪول کليل آهن ۽ جتي استاد ڊيوٽين جا پابند آهن، اتي به ٿيندڙ غير معياري ڪم جو به تعليم جي تباهي ۾ وڏو حصو آهي، ان پاسي کي پڻ نظر انداز ڪيو ويو آهي، جنهن تي پورو ڌيان ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. سنڌي ٻارن جي والدين جي لاپرواهي به تعليمي تباهيءَ لاءِ بنيادي عنصر جيترو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ٻار اسڪول وڃن ٿا يا نه، پڙهن ٿا يا نه، استاد اسڪول ۾ اچن ٿا يا نه، جي استاد اسڪول ۾ اچن ٿا ته ڪلاسن ۾ وڃن ٿا يا نه، انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن بابت، سرڪاري اسڪولن ڏانهن ٻارن کي موڪليندڙ والدين ڪڏهن ويچاريو ئي ناهي. جنهن جو بنيادي سبب خود اهو آهي ته سنڌ ۾ تعليمي جاڳرتا جو ماحول جڙيو ئي ناهي، جو مائٽ پنهنجن ٻچڙن جي آئيندي بابت ڪو اونو ڪرڻ جي زحمت ڪرڻ جي ڪا اهليت رکي سگهن. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ تعلقي سطح کان صوبائي سطح تائين ڪرپٽ ۽ ڪرمنل ڪامورن جون مقرريون به تعليمي تباهيءَ جي مک سببن منجهان هڪ بنيادي سبب آهي. سنڌ جو تعليم کاتو، پنهنجي نوعيت جو هڪ “سڻڀو” کاتو هجڻ ڪري، بدعنوان سياستدانن جي حاصلات رهندو آيو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جي بنياد تي وزيرن جون “ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾” رهنديون آيون آهن. تنهن ڪري سنڌ جي تعليم کاتي کي ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ به سنڌ جي شعور کي پاڻ پتوڙڻو پوندو. اسڪولن تي قبضو ڪري واڙا ۽ اوطاقون ٺاهڻ وارن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرائڻ لاءِ به اڳ ڀرائي، سنڌ جي شعور کي ڪرڻي پوندي. ماسترن جون تعليمي ڪامورن واريون مقرريون ختم ڪرائڻ لاءِ به سڀني کي گڏجي پتوڙڻو پوندو . تعليم کاتي ۾ ايندڙ، مينيجمينٽ جي سمورن عهدن تي ڀرتيون، ڪنهن پرڏيهي/ڏيهي ساکائتي اداري ذريعي ڪرائڻ لاءِ به ماحول جوڙڻ، اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي تعليم کاتي جي پرڏيهي ڊونر ادارن جي دٻاءَ سبب ڪجهه وقت کان استادن جون مقرريون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن ٿيون، اها تعليمي بحاليءَ ڏانهن کڄندڙ هڪ مثبت وک آهي، ان باوجود استادن جي ڀرتيءَ واري ان عمل ۾ ڪاپي ڪلچر ، اقربا پروڙي ۽ “پنهنجن” جي مالڪي ڪرڻ واري ڪلچر کي هٿ وٺي وڌايو پيو وڃي، ان لاءِ به امتحان وٺندڙ ادارن تي دٻاءُ وڌائي، استادن جي خالص ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ واري عمل کي همٿائڻ لاءِ به ڀرپور هوم ورڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    جيڪڏهن اسان مان هر هڪ ماڻهوءَ، مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، هڪ ليکڪ، هڪ صحافي، هڪ وڪيل، هڪ سياسي ڪارڪن، هڪ شهريءَ، ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ سنڌ جي تعليم جي بحاليءَ لاءِ مستقل مزاج بڻجي، پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو ته سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ مثبت تبديلي، اوس اچڻي آهي.

    سنڌ جي سينڌ مان،

    صبح جو سوجهرو،

    ڇا به ٿي پئي کڻي،

    آهي ڦٽڻو ضرور،

    آ پٿون پير جو پنڌ،

    کٽڻو ضرور،

    رات کٽندي ضرور،

    ساک سان ٿو چوان،

    باک ڦٽندي ضرور!.

    (امداد حسيني)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    انشاالله ادا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو